مواد ڏانھن هلو

نگار خانم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نگار خانم
ڄمڻ1856
استنبول، عثماني سلطنت
وفات1 اپريل 1918(1918-04-01) (عمر 61–62 سال)
استنبول، عثماني سلطنت
پيشوشاعره
قوميتعثماني
صنفديوان شاعري
موضوععورتن جا حق
مائٽمجار عثمان پاشا (پيءُ)

نگار خانم (1856ع – 1 اپريل 1918ع) (Ottoman Turkish: نگار خانم)، جيڪا نگار بنتِ عثمان جي نالي سان پڻ سڃاتي وڃي ٿي، عثماني سلطنت جي هڪ شاعره هئي، جنهن عورتاڻِي اظهار سان جديد مغربي شاعراڻي اسلوبن جي شروعات ڪئي. هوءَ تنظيمات کان پوءِ واري ترڪي شاعريءَ جي اهم ترين شخصيتن مان هڪ شمار ڪئي وڃي ٿي.

حياتي

[سنواريو]

نگار خانم جو پيءُ 1848ع جي هنگري بغاوت کان پوءِ لڏي آيل هنگري نسل جو مجار عثمان پاشا هو. هن پنهنجي ابتدائي تعليم فرانسي اسڪول ۾ حاصل ڪئي. ان کان سواءِ هن ذاتي استادن کان ترڪي، عربي ۽ فارسي جون به تعليمون ورتيون. ننڍپڻ کان ئي شاعري لکڻ شروع ڪيائين. هوءَ فرانسيسي ۽ فرانسيسي ادب تي مڪمل عبور رکندي هئي. پنهنجي دور جي اعليٰ سماجي ۽ ادبي حلقن ۾ هوءَ نهايت معزز شخصيت طور سڃاتي ويندي هئي.

هوءَ هر اڱاري پنهنجي حويليءَ ۾ اهڙيون ادبي گڏجاڻيون منعقد ڪندي هئي، جيڪي فرانسيسي ادبي سيلونن جهڙيون هونديون هيون. انهن گڏجاڻين ۾ وقت جا مشهور اديب، شاعر ۽ دانشور شريڪ ٿيندا هئا، جتي شاعري پڙهي ويندي هئي، موسيقي ٻڌي ويندي هئي ۽ فن ۽ ادب بابت بحث مباحثا ٿيندا هئا.

نگار خانم 1 اپريل 1918ع تي استنبول ۾ وفات ڪئي. سندس مزار روميلي حصار جي "ڪايالار" قبرستان ۾ آهي.

هن پنهنجو شاعراڻو ڪلام افسوس ١ (1877ع)، افسوس ٢ (1891ع)، نيرام (1896ع)، عڪسِ صدا (1900ع) ۽ الحانِ وطن (1916ع) ۾ گڏ ڪيو. سندس هڪ نثري تصنيف صفحاتِ قلب (1901ع) پڻ آهي، جيڪا خطن جي صورت ۾ لکيل هڪ عشقيه ڪهاڻي آهي.

سندس شاعريءَ ۾ ذاتي زندگيءَ جي ناڪامين ۽ اڻپوري خوشيءَ مان پيدا ٿيندڙ ڏک ۽ درد جو اظهار ملي ٿو، جنهن ۾ نفيس غنائيت (ليرزم) نمايان آهي. هوءَ ترڪ عورت شاعرائن ۾ اوڻيهين صدي جي ٻئي اڌ دوران سڀ کان وڌيڪ ۽ اعليٰ ادبي ڪم ڪندڙ شخصيتن مان هڪ سمجهي وڃي ٿي.[1]

نگار خانم پنهنجي دور جي عورت شاعرائن ۾ سڀ کان وڌيڪ پرڏيهي ٻوليون ڄاڻندڙ شخصيت طور مشهور هئي. مختلف ذريعن موجب هوءَ ڪل اٺ ٻوليون ڄاڻندي هئي. سندس ڊائريءَ ۽ حياتيءَ بابت لکيل ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته هوءَ فرانسيسي، يوناني (رومي) ۽ جرمن ۾ اعليٰ مهارت رکندي هئي، جڏهن⁠تہ اطالوي، آرمينيائي، عربي، فارسي ۽ هنگري پڙهي، لکي ۽ سمجهي سگهندي هئي.[2]

سندس شاعري ۽ نثر عورتن جي اخبار (1895–1908ع)، محاسن (1909–1910ع)، دمت (1908ع)، قادن ۽ عورتن جي دنيا (1918ع) جهڙن رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا.[3][4]

شروعاتي دور ۾ هوءَ پنهنجن ڪجهه تصنيفن ۾ "عريان قلب" جو تخلص استعمال ڪندي هئي، پر پوءِ اهو ڇڏي پنهنجو اصل نالو اختيار ڪيائين. سليمان نظيف، فؤاد ڪوپرولو ۽ ليلى خانم جهڙن همعصر اديبن جو خيال هو ته نگار خانم هڪ بهترين نثرنگار هئي، پر شاعره طور ايتري سگهاري نه هئي، تنهنڪري سندس نثري تحريرن کي سندس شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پسند ڪيو ويندو هو.[5]

هوءَ ڪجهه عرصو امينه سميه جي ادارت هيٺ سلانيڪ مان نڪرندڙ رسالي "مطالعه" ۾ پڻ لکندي رهي، جيڪو پنهنجي دور جي اهم عورتن جي ادبي رسالن مان هڪ هو.[6]

نگار خانم جي شخصيت ۾ اوڀر ۽ اولهه ٻنهي تهذيبن جا اثر نمايان هئا. هڪ طرف سندس زندگيءَ جو انداز ۽ فڪر مشرقي روايتن سان ڳنڍيل رهيو، ته ٻئي طرف سندس ثقافتي ذوق، علمي رجحان ۽ اعليٰ قدرن جي قدرداني کيس مغربي فڪر جي ويجهو آڻي بيهاريو.[7]

تصنيفون

[سنواريو]

شاعري

[سنواريو]

ناٽڪ

[سنواريو]

يادگيريون

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ Kenan Akyüz, (1953، چوٿون ڇاپو 1982)، Batı Tesirinde Türk Şiiri Antolojisi 1860–1923, İstanbul: İnkılap Kitabevi، ص. 217–218.
  2. ↑ نازان بڪيراوغلو، Şair Nigar Hanım, İstanbul، 2008ع، ص. 241.
  3. ↑ . http://dergisosyalbil.selcuk.edu.tr/susbed/article/view/278.
  4. ↑ نازان بڪيراوغلو، Şair Nigar Hanım, İstanbul، 2008ع، ص. 267.
  5. ↑ Köprülüzade Mehmet Fuat، "Nigar Hanım"، Yeni Mecmua، جلد 2، شمارو 39، 11 اپريل 1918ع، ص. 250.
  6. ↑ Nigar Binti Osman، "Takvim"، Mütalâa، شمارو 10، آڪٽوبر 1896ع.
  7. ↑ نازان بڪيراوغلو، Şair Nigar Hanım، Timaş Yayınları، İstanbul، 2008ع، ص. 145.