مواد ڏانھن هلو

نڙ بيت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نڙ بيت (Narr Bait-Pipe song)، نڙ هڪ ٻوٽو آهي، جيڪو سَرَ يا جوئر وانگر هڪ ڊگهو ڪانو رکندو آهي. نڙ جو ڪانو هڪ Pipe وانگر ٿيندو آهي. ڪاني کي صاف ڪري نڙ ٺاهيو ويندو آهي. سنڌ ۾ ڌنار ۽ سگهڙ اهو ساز وڄائي بيت الاپيندا آهن. اهي بيت طويل ٿيندا آهن. هنن بيتن ۾ اڪثر سنڌ جي عشقيه لوڪ داستانن عمر مارئي، سسئي پنهون ، مومل راڻي، نوري ڄام تماچي، سهڻي ميهار کان سواءِ غير سنڌي لوڪ داستانن جا واقعا ۽ احوال بيان ڪيا ويندا آهن. سنڌي شاعرن ۾ خاص طور تي سانوڻ فقير، مولابخش خاصخيلي، محمود شيخ، پاهڙ بادل وغيره نڙ بيتن جا اهم شاعر آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.