مواد ڏانھن هلو

نيٽوفائٽا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيٽوفائٽا
Gnetum luofuense with female cones
Gnetum luofuense with female cones

نيٽوفائٽا (Gnetophyta) ٻوٽن جي هڪ تقسيم آهي (متبادل طور تي ذيلي ڪلاس نيٽيڊائي Gnetidae يا آرڊر نيٽاليس Gnetales سمجهيو ويندو آهي)، جمنوسپرم (جنهن ۾ ڪونيفر، سائڪڊ ۽ جينگو پڻ شامل آهن) ۾ شامل آهن، جيڪي ٽن نسلن؛ نيٽم (Gnetum)، خاندان: نيٽاشيا (Gnetaceae)، ويلوچيا (Welwitschia)، خاندان:ويلوچياشيا (Welwitschiaceae) ۽ ايفيڊرا (Ephedra)، خاندان:ايفيڊراشيا (Ephedraceae)، جي ڪجهه 70 نوعن تي مشتمل آهن.

گروهه جا سڀ کان اوائلي غير واضح رڪارڊ جوراسڪ دور تائين پهتا آهن ۽ انهن پنهنجي اعليٰ تنوع کي ابتدائي ڪريٽيسيس دور ۾ حاصل ڪيو. نيٽوفائٽس (Gnetophytes) ۽ ٻين جمنوسپرم جي وچ ۾ بنيادي فرق ويسل عناصر، ننڍڙن نلڪن جو هڪ نظام، زائلم (Xylem) جيڪو ٻوٽن جي اندر پاڻي منتقل ڪري ٿو، جهڙوڪ گلن واري ٻوٽن ۾، جي موجودگي آهي. ان جي ڪري، نيٽوفائٽس کي ڪنهن زماني ۾ گلن واري ٻوٽن (Angiosperm) سان ويجھو جمنوسپرم رشتيدار سمجهيو ويندو هو، پر وڌيڪ تازو ماليڪيولر اڀياس هن مفروضي کي سوال ۾ آڻي ڇڏيو آهي، ڪيترن ئي تازي فائيلوجنز سان مليا آهن ته انهن کي ڪونيفر جي اندر داخل ڪيو وڃي.

جيتوڻيڪ اهو واضح آهي ته اهي سڀئي نسل لاڳاپيل آهن، پر نيٽوفائٽس جي وچ ۾ صحيح ارتقائي لاڳاپا واضح نه آهن. ڪجهه طبقن جو خيال آهي ته سڀني ٽن نسلن کي هڪ ئي ترتيب (Order) نيٽاليس (Gnetales) ۾ رکڻ گهرجي، جڏهن ته ٻين درجه بندي ڪرڻ وارن جو چوڻ آهي ته انهن کي ٽن الڳ ترتيب، هر هڪ کي، هڪ خاندان ۽ نسل تي، ۾ ورهايو وڃي. سڀ کان وڌيڪ مورفولوجيڪل ۽ ماليڪيولر مطالعي جي تصديق آهي ته جنرا، نيٽم (Gnetum) ۽ ويلوچيا (Welwitschia) هڪ ٻئي کان وڌيڪ تازو ڌار ٿيا آهن بنسبت هنن ٻئي جي ايفيڊرا (Ephedra) کان ڌار سان.[1][2][3][4][5]

Welwitschia mirabilis bearing male cones
Ephedra distachya (male cones)
Ephedra distachya (female plant in bloom)
Gnetum gnemon male strobili
Gnetum gnemon female strobilus
Female Ephedra californica cone

ماحوليات ۽ مورفولوجي

[سنواريو]

درجه بندي

[سنواريو]

فوسل نيٽوفائٽس

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Peter R. Crane; Patrick Herendeen; Else Marie Friis (2004). "Fossils and plant phylogeny". American Journal of Botany 91 (10): 1683–1699. doi:10.3732/ajb.91.10.1683. PMID 21652317. 
  2. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Bowe
  3. Gugerli, F.; Sperisen, C.; Buchler, U.; Brunner, L.; Brodbeck, S.; Palmer, J.D.; Qiu, Y.L. (2001). "The evolutionary split of Pinaceae from other conifers: evidence from an intron loss and a multigene phylogeny". Molecular Phylogenetics and Evolution 21 (2): 167–175. doi:10.1006/mpev.2001.1004. PMID 11697913. 
  4. Rai, H.S.; Reeves, P.A.; Peakall, R.; Olmstead, R.G.; Graham, S.W. (2008). "Inference of higher-order conifer relationships from a multi-locus plastid data set". Botany 86 (7): 658–669. doi:10.1139/B08-062. 
  5. Ickert-Bond, S. M.; C. Rydin; S. S. Renner (2009). "A fossil-calibrated relaxed clock for Ephedra indicates an Oligocene age for the divergence of Asian and New World clades, and Miocene dispersal into South America". Journal of Systematics and Evolution 47 (5): 444–456. doi:10.1111/j.1759-6831.2009.00053.x. http://onlinelibrary.wiley.com/store/10.1111/j.1759-6831.2009.00053.x/asset/j.1759-6831.2009.00053.x.pdf?v=1&t=h3tses6s&s=16e93aab7f364e4fc976943373d12ae7d30d34a7.