نيٺ گونگي ڳالهايو
|
نيٺ گونگي ڳالهايو |
|
|---|---|
| ليکڪ | امر جليل |
| ملڪ | |
| ٻولي | سنڌي |
| موضوع | سياسي ناول |
| صنف | ناول |
| ڇاپيندڙ |
عبرت بڪ ڪلب (پهريون ڇاپو) |
| اشاعت جي تاريخ | 1994 |
| وسيلو | ڪتاب |
نيٺ گونگي ڳالهايو، سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار، امر جليل جو لکيل سياسي ناول آهي.[1] [2] هي ناول نوي جي ڏهائيءَ ۾ عبرت گروپ پاران نڪرندڙ هفتيوار رسالي سنڌوءَ ۾ قسطوار ڇپبو هو. 1994ع ۾ عبرت بڪ ڪلب پاران ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.[3]
پلاٽ
[سنواريو]هي ناول پاڪستان جي سياسي حالتن ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ وارتائن تي لکيل آهي. ناول ۾ پاڪستان جي ايجنسين پاران ڪوڙن ڪيسين ۾ گم ڪيل ماڻهن ۽ انهن تي پرڏيهي ملڪ جي ايجنٽ هجڻ جا الزام هڻڻ متعلق بيان ڪيل آهي. هي ناول آسلام آباد ۾، روھڙي شريف جي قاضي محله جو گم ٿيل محمد اسلام جي ڳولا متعلق آهي.[3]
ڪردار
[سنواريو]ناول جا مُک ڪردار گلاب گونگو ۽ جوڳي آهن. گلاب گونگي کي پاڪستان جون ايجنسيون گم ڪري ڇڏين ٿيون ۽ گلاب گونگي جي دوست جوڳي کي تارا چند ڄاڻايو وڃي ٿو. جوڳي اسلام آباد ۾ روپوشي واري زندگي گذاري ٿو.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "ناليوارو ڪهاڻيڪار امر جليل اڄ 80هون سالگرهه ملهائيندو". روزاني ڪاوش. 8 November 2016. 28 June 2018 تي حاصل ڪيل.[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ "ياسي ناول". sindhila.edu.pk. سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو. 28 June 2018 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 "نيٺ گونگي ڳالهايو". sindhsalamat.com. سنڌ سلامت. 28 June 2018 تي حاصل ڪيل.