نيٺ گونگي ڳالهايو
ڏيک
| مصنف | امر جليل |
|---|---|
| ملڪ | |
| ٻولي | سنڌي |
| موضوع | سياسي ناول |
| صنف | ناول |
| شايع ڪندڙ | عبرت بڪ ڪلب (پهريون ڇاپو) |
ڇاپي جي تاريخ |
1994 |
| ابلاغي ذريعي جو قسم | ڪتاب |
نيٺ گونگي ڳالهايو، سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار، امر جليل جو لکيل سياسي ناول آهي.[1] [2] هي ناول نوي جي ڏهائيءَ ۾ عبرت گروپ پاران نڪرندڙ هفتيوار رسالي سنڌوءَ ۾ قسطوار ڇپبو هو. 1994ع ۾ عبرت بڪ ڪلب پاران ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.[3]
پلاٽ
[سنواريو]هي ناول پاڪستان جي سياسي حالتن ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ وارتائن تي لکيل آهي. ناول ۾ پاڪستان جي ايجنسين پاران ڪوڙن ڪيسين ۾ گم ڪيل ماڻهن ۽ انهن تي پرڏيهي ملڪ جي ايجنٽ هجڻ جا الزام هڻڻ متعلق بيان ڪيل آهي. هي ناول آسلام آباد ۾، روھڙي شريف جي قاضي محله جو گم ٿيل محمد اسلام جي ڳولا متعلق آهي.[3]
ڪردار
[سنواريو]ناول جا مُک ڪردار گلاب گونگو ۽ جوڳي آهن. گلاب گونگي کي پاڪستان جون ايجنسيون گم ڪري ڇڏين ٿيون ۽ گلاب گونگي جي دوست جوڳي کي تارا چند ڄاڻايو وڃي ٿو. جوڳي اسلام آباد ۾ روپوشي واري زندگي گذاري ٿو.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "ناليوارو ڪهاڻيڪار امر جليل اڄ 80هون سالگرهه ملهائيندو". روزاني ڪاوش. 8 November 2016. http://www.thekawish.com/beta/images/2016/Nov/08-11-2016/Page8/P8-43.htm. Retrieved 28 June 2018.[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ "ياسي ناول", sindhila.edu.pk, سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو, حاصل ڪيل 28 June 2018۔
- 1 2 3 "نيٺ گونگي ڳالهايو", sindhsalamat.com, سنڌ سلامت, حاصل ڪيل 28 June 2018۔