مواد ڏانھن هلو

تنتون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(نيوران کان چوريل)

نيوران
سائنسي درجا بندي
علامتي خاڪو مخروطي نيوران جي ظاھري بناوٽ ڏيکاري ٿو. دماغ جي حصي سيريبريل ڪورٽيڪس کان ڪرنگهي طرف ويندي ڏيکاريل


نيوران: Neuron:

دماغي يا تنتي سرشتي جي بنيادي ايڪي کي نيوران چئبو آهي. تنتي سرشتو خاص قسم جي گھرڙن يعني نيوران مان ٺھيل آھي . انھن ۾ اليڪٽرڪ ڪرنٽ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود ھوندي آھي جيڪو ڪرنٽ ھڪ نيوران کان ٻئي نيوران تائين منتقل ٿئي ٿو جنھن کيتنتي پيغام (Nerve Impulse) چئبو آهي. ھر ھڪ نيوران کي پنھنجي گھرڙيائي بناوٽ يعني سوما Soma ھوندي آھي جنھن ۾ ھڪ ايڪسان axon ۽ گھرڙي جون شاخون ھونديون آھن. سوما جي اندر گھرڙي واري پاڻياٺ يا سائٽو پلازم cytoplasm، باريڪ ننڍڙا عضوا organelles ۽ مرڪز nucleus ھوندا آھن. ڊينڊرائيٽس dendrites اڃان به وڌيڪ تاندورن وانگر شاخون ھونديون آھن جيڪي ٻاھرين طرف پکڙيل ھونديون آھن تہ جيئن تنتي پيغام Impulse کي محسوس ڪري سگھن. انھن شاخن جي ابتڙ ايڪسان axon ۾ ڪي به شاخون نہ ٿينديون آهن ۽ اھو ڊگھو، اڪيلو ۽ ڌاڳي جي شڪل جو ھوندو آھي. ھن جو ڪم مختلف نيورانن ڏانھن معلومات موڪلڻ ھوندو آھي. انھيءَ جي آخري ڇيڙي وٽ ڪيتريون ئي شاخون ٻاھر نڪرن ٿيون جيڪي پکڙجي ھڪ آخري تھ end plate ٺاھن ٿيون.

نيوران جا قسم

[سنواريو]

حساسي نيوران

[سنواريو]

حساسي نيوران: سينسري نيوران: sensory neuran: آھي تنتي پيغام( Impulse) کي حواسن کان مرڪزي تنتي سرشتي تائين پھچائيندا آھن.

موٽر نيوران

[سنواريو]

موٽر نيوران: motor neuran:

ھي جوابي نيوران مرڪزي تنتي سرشتي کان عمل ڪندڙ عضون ڏانھن ھدايتون پھچائيندا آھن.

وچ وارو نيوران

[سنواريو]

وچ وارو نيوران: انٽر نيوران: inter neuran:

ھي نيوران حواسي نيورانن ۽ موٽر نيورانن جي وچ ۾ ھوندا آھن. سمورو مرڪزي تنتي سرشتو وچ وارن نيورانن جو جڙيل ھوندو آھي.