نير جي بغاوت
ڏيک
صعنتي انقلاب (Industrial Revolution) جي نتيجي ۾ برطانيا جي ٽيڪسٽائيل جي صنعت ۾ نير (Neer) جي کپت تمام گهڻي وڌي وئي هئي. ان ڪري برطانيا نير جي پيداوار وڌائڻ لاءِ پنهنجي قبضي هيٺ آيل ملڪن ۾ مختلف طريقن سان زوريءَ نير جي پوک پوکرائي جنهن جي ڪري هندستان ۾ ڪڻڪ ۽ ٻين جنسن جي کوٽ پيدا ٿي پئي ۽ نتيجي ۾ غربت اڃان وڌي وئي. ماڻهن تنگ اچي نير جي ڪارخانن کي ٻاهه هڻي ڇڏي هئي. ان زماني ۾ اهڙي بغاوت بنگال ۽ بهار ۾ ٿي هئي. ان بغاوت کي نير (نيل) جي بغاوت (Neer jee bag'aawat) جي نالي سان پڻ ياد ڪيو وڃي ٿو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ نير جي بغاوت | Indus Asia Online Blog, اصل کان 09 آڪٽوبر 2020 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 18 سيپٽمبر 2017۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد)