مواد ڏانھن هلو

نور محمد انڍڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مولانا نور محمد ولد نواز -انڍڙ- 1886ع ۾ هاليجي شريف ۾ ڄائو. ابتدائي -تعليم- سنڌ مان حاصل ڪري اعليٰ ديني -تعليم- لاءِ ديوبند دهليءَ ويو، جتان فارغ التحصيل ٿي، مدرسه قاسم العلوم گهوٽڪيءَ ۾ مدرس مقرر ٿيو. مولانا محمد علي جوهر کان متاثر ٿي خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿيو. انگريزن خلاف سخت تقريرون ڪيائين، هجرت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. هجرت تحريڪ دوران گهر جو سمورو سامان ۽ -ٻني- وڪڻي -افغانستان- ڏانهن هجرت ڪيائين، پر -پشاور- پهچڻ بعد خبر پيس ته پٺاڻن دغا ڪري انگريزن سان ٺاهه ڪيو آهي، تڏهن ٻين سان گڏ واپس آيو. قطع تعلقات تحريڪ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيائين. سخت تقريرن ڪرڻ ڪري سکر جي ڪليڪٽر گبن کيس گهرائي چيو ته: ”اسان ٻڌو آهي ته اوهان ماڻهن ۾ -بغاوت- پکيڙيو ٿا“، مولوي نور محمد نهايت بي باڪيءَ سان کيس جواب ڏنو ته: ”اسان پنهنجو حق گهرون ٿا، -بغاوت- نه ٿا پکيڙيون، هي ملڪ اسان جو آهي، نه ڪي توهان جو.“[1]

حوالا

[سنواريو]