نوابشاھ ضلعو (ڪتاب)
نواب شاهه ضلعو (تاريخي شهر ۽ شخصيتون) عزيزم محترم ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي صاحب جو ڪتاب ”نواب شاهه ضلعو- تاريخي شهر ۽ شخصيتون) نظر مان گذريو، جيڪو تازو ”نواب شاهه ڊسٽرڪٽ ڪلچرل سوسائٽي نواب شاهه“ جي طرفان شايع ٿيو آهي. هيءُ ڪتاب اصل ۾ انهن مقالن جو مجموعو آهي، جيڪي خانائي صاحب نواب شاهه ضلعي جي مختلف شهرن بابت وقت بوقت لکيا ۽ مختلف رسالن ۾ شايع ٿيا. هر مقالي ۾ شهر جو تاريخي ۽ جاگرافيائي پس منظر ڏيئي، ان شهر جي عالمن، فاضلن، شاعرن ۽ مک ماڻهن جو مختصر نموني جامع تعارف ڏنو ويو آهي. جيتوڻيڪ هيءُ ڪتاب جدا جدا مقالن جو مجموعو آهي، پر اهي مقالا هڪ ئي سلسلي جون جدا جدا ڪڙيون آهن، انهيءَ ڪري ان کي مقالن جي مجموعي بجاءِ هڪ موضوع تي پرڀرو ڪتاب چئي سگهجي ٿو ۽ اهو موضوع آهي: نواب شاهه جا شهر ۽ انهن جو مُک شخصيتون.
نوابشاهه ضلعي واري ايراضي ڪنهن زماني ۾ ”ساهتي“ پرڳڻي جي نالي سان مشهور هئي، انهيءَ ڪري هن ڪتاب کي ”ساهتي پرڳڻي جي علمي ۽ ثقافتي تاريخ“ به چئي سگهجي ٿو. ان جي پورائيءَ لاءِ محترم خانائي صاحب شروع ۾ ”ساهتي پرڳڻي جو تاريخي پس منظر“ به ڏنو آهي ۽ ان کان پوءِ هڪ مقالو ساهتيءَ جي قديم درسگاهن بابت به آهي. محترم خانائي صاحب سمورا مقالا وڏيءَ محنت ۽ محبت سان لکيا آهن، ۽ تحقيق جو حق ادا ڪيو آهي.
ساهتي پرڳڻي ڪيتريون ئي علمي ۽ ادبي شخصيتون پيدا ڪيون آهن، جن جو هن ڪتاب ۾ هڪ هنڌ گڏ احوال ملي وڃي ٿو. اها هڪ وڏي علمي خدمت آهي. سنڌ جي تاريخ ادب ۽ ثقافت تي ڪم ڪندڙن کي هن ڪتاب مان وڏي مدد ملي سگهي ٿي. اهڙا ڪتاب جيڪڏهن سڀني ضلعن بابت شايع ٿين ته سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ ثقافت جون وڃايل وٿون وري هٿ اچي سگهن ٿيون ۽ سنڌ جي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سياسي تاريخ لکڻ لاءِ اهڙا ڪتاب ڏاڍا ڪارائتا ٿي سگهن ٿا.
ڪتاب جو مقدمو ان وقت جي نوابشاهه ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر محترم عبدالغفار سومري جو لکيل آهي، جنهن جي تعاون سان هيءُ ڪتاب شايع ٿي منظر عام تي آيو آهي. ان لاءِ آءٌ سومري صاحب کي مبارڪباد ڏيان ٿو. محترم سومرو صاحب علم دوست آهي ۽ وڏي مطالعي وارو آهي. هن علامه اقبال جي هڪ اگريزي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ ڪجهه علمي ۽ تحقيقي مقالا لکيا اٿس. سومري صاحب هن ڪتاب جي مقدمي ۾ سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ ڏاڍيون ڪارائتيون ڳالهيون بيان ڪيون آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ تبصرا: غلام محمد لاکومھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو