ننگزيا هوئي خودمختيار علائقو
| ننگزيا هوئي خودمختيار علائقو Ningxia Hui Autonomous Region | |
|---|---|
| خودمختيار علائقو | |
يالو ندي جو شاپوتو ضلعي منجھ منظر | |
نقشي ۾ ننگزيا خودمختيار علائقي جي لوڪيشن | |
| ملڪ | |
| نالي ڪارڻ | 宁 ننگ—پرسڪون
夏 زيا—اولھه "پرسڪون اولهه" |
| گادي جو هنڌ (۽ سڀ کان وڏو شھر) |
ينچوآن |
| انتظامي ورهاست | 5 پريفيڪچر، 21 ڪائونٽيون، 219 ٽائون شپ |
| حڪومت | |
| • قسم | خودمختيار علائقي جي حڪومت |
| • مجلس | ننگزيا ھئي خودمختيار ريجن پيپلز ڪانگريس |
| • ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري | چين رونر |
| • علائقي جي پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين | چين رونر |
| • حڪومت جو چيئرمين | شيان ھئي |
| • پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين |
ڪوئي بو |
| پکيڙ[1] | |
| • ڪل | 66,399.73 ڪ.م2 (25,637.08 ميل2) |
| پکيڙ ۾ درجو | 27ھون |
| بلند ترین پیمائش (ھيلن جبل) | 3,556 ميل (11,667 ft) |
| آبادي (2010)[2] | |
| • ڪل | 6,301,350 |
| • تخمينو (2019)[3] | 6,950,000 |
| ننگزيا هوئي خودمختيار علائقو | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| "ننگشيا" آسان چيني ٻولي ۾ (مٿيون) ۽ روايتي چيني ۾ (ھيٺيون) | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| آسان چیني | 宁夏 | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| روایتي چیني | 寧夏 | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| لغوي معنیٰ | " پرسڪون شيا" | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| ننگشيا ھئي خودمختيار ريجن | |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| آسان چیني | 宁夏回族自治区 | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| روایتي چیني | 寧夏回族自治區 | ||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||||
ننگزيا (Ningxia)، سرڪاري نالو ننگزيا هوئي خودمختيار علائقو (Ningxia Autonomous Region)، عوامي جمهوريه چين جي اتر-اولھه خطي ۾ واقع ھڪ خودمختيار غير ساحلي خود مختيار علائقو آهي. شروع ۾ ننگزيا چين جو ھڪ صوبو ھيو جيڪو بعد ۾ 1954ع ۾ گينسو صوبي ۾ ضم ڪيو ويو. سال 1958ع ۾ ان کي ٻيھر الڳ ڪري "هوئي" (Hui) نسل جي ماڻهن جي ھڪ خود مختيار علائقي جو درجو ڏنو ويو. ھوئي نسل عوامي جمهوريه چين جي سرڪاري طور تي تسليم ڪيل 56 نسلي گروهن مان ھڪ آھي. چين ۾ هن نسل سان تعلق رکندڙ %20 ماڻهن جي آبادي ننگزيا ۾ آباد آھي.[4] ننگزيا جي اوڀر ۾ شانشي، ڏکڻ ۽ اولھه ۾ گينسو جا صوبا ۽ اتر ۾ اندرين منگوليا جو خودمختيار علائقو آهي. ھن جي پکيڙ 66,400 چورس ڪلوميٽر (25,600 چورس ڪلوميٽر) آھي.
ڇڊي آبادي وارو ھي علائقو لوئي واري پليٽيو جي غير اباد علاقي ۽ يالو ندي واري وسيع ميداني علائقي تي مشتمل آهي. ان جي اتر اوڀر واري حد ۾ ديوار چين اچي ٿي. چن گھراڻي جي راڄ ۾ آباد ٿيل هن علائقي م ٻه ھزار سال پراڻو نھري نظام موجود آهي، جن جي نھرن جي ڪل ڊيگھه 1,397 ڪلوميٽر آھي.[5] ھن علائقي جي آبادي جو %36 حصو مسلمان آھن، جنهن جو تعلق "ھوئي" نسل سان آھي، جيڪا چوپائي مال ۽ زراعت کان روزي حاصل ڪرڻ ٿا. سال 2017ع ۾ ھن علائقي ۾ 40,000 ھيڪٽر تي انگور جي پوک ٿي جن مان ٻارھن ڪروڙ شراب جون بوتلون ٺاھيون ويون، جيڪا چين جي شراب جي ڪل پيداوار جو چوٿون حصو ھيو.[6]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Administrative Divisions (2013)", Ningxia Statistical Yearbook 2014, Statistical Bureau of Ningxia, اصل کان 4 March 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 19 December 2015۔
- ↑ "Communiqué of the National Bureau of Statistics of People's Republic of China on Major Figures of the 2010 Population Census [1] (No. 2)", National Bureau of Statistics of China, 29 April 2011, [http://www.stats.gov.cn/english/newsandcomingevents/t20110429 _402722516.htm اصل] کان 27 July 2013 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 4 August 2013۔
- ↑ "National Data", National Bureau of Statistics of China, حاصل ڪيل 19 December 2015۔
- ↑ "By choosing assimilation, China's Hui have become one of the world's most successful Muslim minorities". The Economist. 8 October 2016. https://www.economist.com/news/china/21708274-choosing-assimilation-chinas-hui-have-become-one-worlds-most-successful-muslim.
- ↑ "宁夏回族自治区资源概况". The Economist. 2 October 2018. http://www.china.com.cn/aboutchina/zhuanti/09dfgl/2009-12/17/content_19081129_3.htm.
- ↑ https://www.scmp.com/week-asia/economics/article/3009784/can-china-become-wine-worlds-next-california