مواد ڏانھن هلو

نسيم زهرا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(نسيم زهرہ کان چوريل)
نيسم ذهرا Nasim Zehra
پيدائش08 جنوري 1959 (عمر 67 سال)
لاهور, پنجاب, پاڪستان
قوميتپاڪستاني
مادر علميفليچر اسڪول آف لا اينڊ ڊپلوميسي, قائداعظم يونيورسٽي
پيشوصحافي
تنظيمچينل 24
ويب سائيٽ
www.nasimzehra.com

نسيم زهرا پاڪستاني صحافڻ ۽ ليکڪا آهي، جيڪا چينل 24 تي پرائم ٽائم ڪرنٽ افيئرس ڳالهہ ٻولهہ جي هڪ پروگرام جي ميزباني ڪندي آهي. سندس پروگرام کي عوام ۾ ڏاڍو پسند ڪيو ويندو آهي.[1] [2] نسيم زهرا قائداعظم يونيورسٽي منجهان ڪاروبار (بزنس) جي تعليم حاصل ڪئي ۽ 1989 ۾ ٽفٽس يونيورسٽي جي فليچر اسڪول ڊپلوميسي منجهان تعليم حاصل ڪئي. [3] هن ڪينيڊا جي بين الاقوامي ترقياتي ايجنسي ۽ ترقي ۽ تعاون جي سوئس ايجنسي ۾ ڪم ڪيو آهي، هڪ ڊويلپمنٽ پرڪيشينر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. زهرا 2006 ۾ جان هاپڪنز يونيورسٽي جي اسکول آف ايڊوانسڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز، ۽ پوءِ سال 2010 ۾ قائداعظم يونيورسٽي ۾ مهمان ليڪچرار (وذيٽنگ فيڪلٽي) جي حيثيت سان خدمتون ڏنيون آهن. هن نومبر 2008 ۾ دنيا نيوز ۾اينڪر پرسن شموليت اختيار ڪئي ۽ فيبروري 2013 تائين پاليسي معاملن جي ميزباني ڪئي، جنهن دوران هن مائيڪل مولن سميت ڪيترن ئي قومي ۽ عالمي اڳواڻن جا انٽرويو ورتا.[4] [5] اپريل 2013 ۾،هي ڪيپيٽل ٽي وي ۾ منتقل ٿي وئي ۽ چينل جي هاڻوڪي معاملن (ڪرنٽ افيئرز) جي ايڊيٽر بڻجي وئي. هن آڪٽوبر 2014 ۾ ڪيپيٽل ٽي وي ڇڏي ڏني. سيپٽمبر 2015 ۾، هن نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالوجي ۾ مهمان پروفيسر شموليت اختيار ڪئي ۽ فيبروري 2016 تائين برقرار رهي. آڪٽوبر 2014 تي، هي چينل 24 ۾ شامل ٿي وئي، نسيم زهرا گهڻي محنت سان ٽي وي تي پنهنجي جڳهہ ٺاهي.[6]

ڪاتب

[سنواريو]

2018 ۾ هن هڪ ڪتاب "ڪارگل سي بغاوت تڪ: واقعا جن پاڪستان کي لوڏي ڇڏيو " جاري ڪيو. جيڪو ڪارگل جي تڪرار جي تناظر ۽ ان جي نتيجي هندستان ۽ پاڪستان جي لاڳاپن تي پوندڙ نتيجن تي ٻڌل آهي.[7]۔ ان ڪتاب جي پنهنجي ڇپجڻ کانپوءِ وڏي پزيرائي ملي. ڪتاب جي مهورت لاءِ باقاعدي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ڪتاب جي ليکڪا نسيم زهرا ڪتاب جي ڇپائي جي سلسلي ۾ مدد جي لاءِ آمنا سعيد جون مهربانيون مڃيون هيون.

حوالا

[سنواريو]
  1. http://tribune.com.pk/author/1641/nasim-zehra/ stories on دي ايڪسپريس ٽريبيون
  2. Board of Governors - Lead Pakistan آرڪائيو ڪيا ويا 2014-08-13 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Retrieved 13 August 2014
  3. http://www.dunyanews.tv/index.php?anc_id=Mg==#%5Bمئل+ڳنڍڻو%5D
  4. "Anchorgate". Mohammad Mufti. 2012-06-21. Retrieved 2012-06-21.
  5. "nasim.zehra, Author at The Express Tribune". The Express Tribune (in آمريڪي انگريزي). Retrieved 2016-09-28.
  6. Abdullah Niazi (29 May 2018), "Book launch by Nasim Zehra: ‘From Kargil to the coup: Events that shook Pakistan’", پاڪستان ٽوڊي. Retrieved 25 August 2018.