مواد ڏانھن هلو

نسل پرستي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سال 1989ع ۾ نسلي امتياز جو اظهار ڪندڙ، ڊربن، ڏکڻ آفريڪا جي ساحل تي لڳل هڪ سائن بورڊ.[1]
ٻي مهاڀاري جنگ جي دوران جاپان جي خلاف آمريڪا پاران جاري ڪيل هڪ نسل پرستي وارو پوسٽر

نسل پرستي (Racism) جينياتي بنيادن تي انساني نسل جي برتري يا ڪمتري جو نظريو آهي. [2] سادي لفظن ۾، اهو ڪنهن به خاص انساني نسل جي ڪنهن ٻئي انساني نسل يا گروهه تي برتري جي احساس تي ٻڌل امتياز جو نظريو آهي.[3]

نسل پرستي جي اثرن کي نسلي امتياز چيو ويندو آهي. ادارن پاران يا اجتماعي نسل پرستي جو مطلب آهي ته آبادي جي هڪ نسلي گروهه جي سهولتن، حقن ۽ سماجي فائدن تائين رسائي کي نسل جي بنياد تي، ٻئي نسلي گروهه جي ڀيٽ ۾، محدود ڪيو وڃي ۽ اهو عقيدو ته انسانن جا گروهه وراثت ۾ مليل خاصيتن جي ڪارڻ، مختلف روين جون خاصيتون رکن ٿا ۽ انهن کي هڪ نسل يا قوم جي ٻئي تي برتري جي بنياد تي ورهائي سگهجي ٿو ۽ انهن جي بنياد تي ٻين نسل جي ماڻهن جي خلاف تعصب، امتياز يا دشمني پڻ ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته اها هڪ مختلف نسلي پس منظر جا آهن.[4]

نسلي امتياز خاص طور تي ماڻهن جي مختلف گروهن جي وچ ۾ حياتياتي درجه بندي جي فرق کي ظاهر ڪري ٿو ۽ ڪو به ماڻهو نسل، ثقافت يا جينياتي خاصيتن جي بنياد تي نسلي امتياز جو شڪار ٿي سگهي ٿو. عام طور تي، متوقع مجموعي نتيجا انتهائي خوفناڪ آهن. گڏيل قومن جي تنظيم (UNO) جي مطابق، نسل پرستي ۽ گروهي امتياز ۾ ڪو به فرق ناهي، ٻئي بنيادي طور تي ساڳيا سماجي مسئلا آھن.

تعريف

[سنواريو]

اصطلاح نسل پرستي اسم آهي جيڪو نسل پرست هجڻ جي حالت کي بيان ڪري ٿو. ان عقيدي جي پيروي ڪرڻ جو مطلب آهي ته انساني آبادي کي، مختلف صلاحيتن ۽ مزاج سان نسلن ۾ ورهائي سگهجي ٿو يا ورهائڻ گهرجي. اصطلاح "نسل پرست" هڪ اسم ٿي سگهي ٿي، جيڪا هڪ اهڙي شخص کي بيان ڪري ٿي جيڪو انهن عقيدن کي رکي ٿو يا هڪ صفت جيڪا اهڙي شخص جي فطرت کي بيان ڪري ٿي.

نسل پرستي جا نظريا

[سنواريو]

نسل پرستي جا جديد تصور اڪثر ماڻهن جي وچ ۾ حياتياتي فرق جي سماجي تصورن تي ٻڌل آهن. اهي خيال سماجي عملن يا عقيدن يا سياسي نظامن جي صورت اختيار ڪري سگهن ٿا، جنهن بنياد تي مختلف نسلن کي هڪ ٻئي کان، فرض ڪيل گڏيل وراثتي خاصيتن، صلاحيتن يا خوبين جي بنياد تي فطري طور تي برتر يا گهٽتر جي بنيادن تي درجه بندي ڪيو ويندو آهي. نسل پرستي کي سائنسي ذريعن، جهڙوڪ سائنسي نسل پرستي جي عقيدن، جيڪا تمام گهڻا بي بنياد آهن، ذريعي پڻ جائز قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وينديون آهن. سياسي نظام جيڪا نسل پرستي جي بنيادن تي قائم ڪيا ويا آهن، مثال طور ڏکڻ آفريڪا ۾ رنگ برداري (Apartheid)، امتيازي عملن يا قانونن ۾ تعصب يا نفرت جي اظهار جي حمايت ڪن ٿا. نسل پرست نظريي ۾ لاڳاپيل سماجي پهلو جهڙوڪ الڳ ڪيڻ، درجي بندي ڪيڻ، نسلي بالادستي، ٻين نسلن بابت خوف ڦهلائڻ (Xenophobia)، حقارت ۽ مقاميت تي ٻڌل رويو (مقامي ۽ غير مقامي ۾ امتياز ڪيڻ) پڻ شامل ٿي سگهن ٿا.[5]

سماجي نظريا

[سنواريو]

ابتدائي نسل جا نظريا عام طور تي اهو خيال رکندا هئا ته ڪجهه نسلون پنهنجي جي خصوصيتن ۾ ٻين نسلن کان گهٽتر آهن ۽ نتيجي طور انهن جو خيال هو ته نسلي فرق وارو رجحان مڪمل طور تي جائز آهي. اها ابتدائي نظريا جعلي سائنسي (Pseudo-scientific) تحقيق جي مفروضن جي رهنمائي ڪئي.

محقق متفق آهن ته سماجي سائنس جو نسل پرستي جي تبديلي ۽ تبليغ ۾ اهم ڪردار آهي. ساڳئي طرح، جينياتيات ۽ انساني نسلن تي تحقيق پڻ نسل پرستي جي لعنت کي ڦهلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن لحاظ کان، انساني نسلن جي مخصوص جينياتيات، عادتون، تاريخ، وطن، ۽ گروهي وابستگي ڪجهه اهڙيون معلومات هيون جيڪي دنيا ۾ نسل پرستي ۽ گروهيت کي مضبوط ڪرڻ جو سبب بڻيون.[6]

سائنسي بنيادون

[سنواريو]

19هين صدي ۾، ڪيترا ئي سائنسدان ان عقيدي جي پيروي ڪئي ته انساني آبادي کي نسلن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. نسلي فرق بابت مفروضن کي بيان ڪرڻ ۽ ٺاهڻ جي اجتماعي ڪوششن کي عام طور تي سائنسي نسل پرستي سڏيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ ھي دعوائن جي پٺڀرائي ڪندڙ ڪنهن به حقيقي سائنس جي کوٽ جي ڪري، هڪ غلط اصطلاح آهي.

گهڻا حياتيات، بشريات ۽ سماجيات جا ماهر وڌيڪ مخصوص ۽ تجرباتي طور تي تصديق ٿيندڙ معيارن، جهڙوڪ جاگرافي، نسلي يا اينڊوگيمي جي تاريخ جي بنيادن تي نسلن جي درجي بندي کي رد ڪن ٿا، انساني جينوم جي تحقيق ظاهر ڪري ٿي ته نسلي بنياد انسانن جي هڪ بامعني جينياتي درجه بندي نه آهي.

سياسي اثر

[سنواريو]

اهو هڪ سياسي نظريي کي متحرڪ ڪري سگهي ٿو جنهن ۾ حق ۽ مراعات نسلي درجابندي جي بنياد تي مختلف طور تي ورهايا وڃن ٿا.

پڻ ڏسو

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]