نبي بخش خان چانڊيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نبي بخش خان چانڊيو (انگريزي: Nabi Bux Khan Chandio ) وڌيو خان چانڊيو جي گھر ۾ ڳوٺ مراد علي خان چانڊيو، سڪرنڊ تعلقي ۾ 1858ع ۾ پيدا ٿيو[1]. کيس سنڌ جو ابن بطوطه سڏيو ويندو هو[2]. غريب گهر جو فرد هو ۽ پڙهي تپيداريءَ جي نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو، جتان سپر وائيزر ٿي پينشن تي آيو، ڪجهه زمين خريد ڪري، انهيءَ کي سڌاري خوش گذران ڪرڻ لڳو، نيٺ ڪمشنر جو درٻاري ٿي ويو؛ پر جڏهن سن ۾ خلافت ڪانفرنس گڏ ٿي، تڏهن پينشن جي بند ٿيڻ جي پرواھ نه ڪري، سرائي ميان ولي محمد خان سان گڏ، ڪمشنر جي درٻار جي ڪرسيءَ تان دستبردار ٿيو[1]. سن جي قاضي ميان محمد اڪمل وٽ پڙهيو هو. ان ڪري هي تعلقات قائم رکندو آيو. اڪثر وٽن ايندو ويندو هو. جڏهن حج تي ٿي ويو، تڏهن اتان ڊگها خط، شاھ صاحب جي بيتن سان، ادبي نموني جا، لکندو رهندو هو. اچڻ بعد 1923ع ۾ ”سفرنامه حجاز“ نالي سان ننڍو ڪتاب لکيو هئائين[1][2] اھو ھن جو قلمي نسخو ھيو جنھن کي ھاڻي ماڻڪ ملاح سھيڙي سنڌ جو ابن بطوطه جي نالي سان ڇپايو آهي[2]. کيس ٻه پٽ ٿيا: علي حسن خان ۽ مير حسن خان[1]. رئيس ميان نبي بخش خان 12 رمضان 1351ھ مطابق 9 جنوري 1933ع تي وفات ڪئي[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 [ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي.ايم.سيد
    ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ]
  2. 2.0 2.1 2.2 [ سنڌ جو ابن بطوطه ۽ سڄڻ تنھنجي سار ڪتابن جو مھورت: قاضي جاويد سنائي:مڊ ويڪ اسپيشل، روزنامه عبرت 17 مارچ 2021 ]