نبات الخزازيه

حزه Moss | |
---|---|
![]() اليگهيني نيشنل فاريسٽ، پينسلوانيا، آمريڪا ۾ وڻن جي هيٺيان ۽ زمين تي حزه (moss) جا جهنڊ (Cluster) |
حزه (انگريزي: Mosses؛ عربي: نبات الخزازيه)، سينور جهيڙا، ننڍڙا، بغير نالي وارا (Non-Vascular)، بغير گل وارا ٻوٽا آهن، جنهن کي ٽئڪسانومي تقسيم (Taxonomic Division)، برايوفائٽا (Bryophyta) جو حوالو ڏئي سگھجي ٿو.[3][4] برايوفائٽا کي پيرنٽ گروپ، برايوفائٽس (bryophytes) جي حوالي سان سڃاتو وڃي، جنهن ۾ جگر ٻوٽا (Liver Worts) ۽ سڱ ٻوٽا (Horn Worts) شامل آهن.[5]
حزه (Moss) عام طور تي، اڪثر نم يا ڇانو واري هنڌن تي، تيز سائي رنگ جا جهنڊ (Clumps) ٺاهيندا آهن. هن جا انفرادي ٻوٽا عام طور تي سادي پنن مان ٺهيل هوندا آهن جيڪي عام طور تي، صرف هڪ گھرڙي وارا هوندا آهن، تن سان ڳنڍيل هوندا آهن جيڪا شاخن وارا يا بغير شاخن جي هوندا آهن ۽ صرف پاڻي ۽ غذائي مواد جي حرڪت ۾ محدود ڪردار ادا ڪن ٿا. جيتوڻيڪ ڪجھ نوعن ۾ حرڪت وارا ٽشوز موجود آهن، پر اها عام طور تي ترقي يافته نه آهن ۽ ساخت جي لحاظ کان ويسڪولر ٻوٽن ۾ ملندڙ ساڳئي ٽشوز کان مختلف آهن.[6] حزه (Moss) کي ٻج نه هوندو آهي ۽ حياتي افزائش (fertilization) کان پوءِ اسپوروفائٽس (Sporophytes) پيدا ٿين ٿا، جنهن ۾ شاخون نه هونديون آهن ۽ جن جي مٿان هڪ ئي ڪيپسول هوندو آهي، جن ۾ اسپور (spores) هوندا آهن. اهي عام طور تي 0.2-10 سينٽي ميٽر (0.1-3.9 انچ) ڊگها هوندا آهن، پر ڪجهه نسل تمام وڏا هوندا آهن. ڊاسونيا، دنيا ۾ سڀ کان وڏي حزه (Moss) آهي، جيڪا اوچائي ۾ 50 سينٽي ميٽر (20 انچ) تائين وڌي سگهي ٿي. هنن جي لڳ ڀڳ 12,000 نوع آهن.[7]
حزه کي عام طور تي سينور (Lichens)؛ جگر ٻوٽن (Liver Worts) ۽ سڱ ٻوٽن (Horn Worts)، سان خلط (confused) ويندو آهي.[8] جيتوڻيڪ هنن کي اڪثر بغير نالي واري ٻوٽن جي طور تي بيان ڪيو ويو آهي، ڪيترن ئي حزه (Moss) ۾ ترقي يافته ناليوارا نظام (Vascular Systems) موجود آهن.[9] [10] جگر ٻوٽي ۽ سڱ ٻوٽي وانگر، هيپلوئڊ گيمٽوفائٽ توليد (Reproduction) حزه (Moss) جي زندگي جي چڪر جو غالب مرحلو آهي. اهو نمونو سڀني ويسڪولر ٻوٽن (ٻج واري ٻوٽن ۽ پيٽريڊوفائٽس) جهيڙو آهي، جتي ڊپلوئڊ اسپوروفائٽ نسل غالب آهي. سينور شايد سطحي طور تي حزه (Moss) سان مشابهت رکن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا عام نالا هوندا آهن جن ۾ لفظ "موس" (moss) شامل هوندو آهي، جهيڙو کي، "رينڊيئر موس" (reindeer moss) يا" آئس لينڊ موس" (Iceland moss)، پر اهيا سمبيوز ٿيل فنگلس آهن ۽ حزه (Moss) سان لاڳاپيل نه آهن.[11]
حزه (Moss) جي مکيه تجارتي اهميت پيٽ (peat) جنهن کي ٻارڻ طور يا برتن ٺاهڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ حزه پيٽ جي مکيه جزن (اڪثر ڪري جينس اسفگنم) جي طور تي آهي، جيتوڻيڪ اهي پڻ آرائشي مقصدن لاء, جهڙوڪ باغن ۽ گلن جي واپار ۾, استعمال ڪئي ويندي آهي. پيٽ جي روايتي استعمال ۾ انهن جي غير موصليت ۽ انهن جي وزن جي 20 ڀيرا مائع جذب ڪرڻ جي صلاحيت شامل آهي. حزه هڪ اهم نسل آهي ۽ ٻيلن ۽ جانورن جي رهائش (Habitat) جي بحالي ۽ کي فائدو ڏئي ٿي.[12]
جسماني خاصيتون
[سنواريو]درجه بندي
[سنواريو]ارضياتي تاريخ
[سنواريو]ماحوليات
[سنواريو]پوکڻ
[سنواريو]استعمال
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]خارجي لنڪس
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Hubers, M.; Kerp, H. (2012). "Oldest known mosses discovered in Mississippian (late Visean) strata of Germany". Geology 40 (8): 755–58. doi: . Bibcode: 2012Geo....40..755H.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedGoffinet & Buck 2004
- ↑ سانچو:Cite Merriam-Webster
- ↑ Schimper, W. P. (1879). Zittel, K.A.. ed. Handbuch der Palaeontologie. 2. R. Oldenbourg.
- ↑ de Sousa, Filipe (2019). "Nuclear protein phylogenies support the monophyly of the three bryophyte groups (Bryophyta Schimp.)". New Phytologist 222 (1): 565–75. doi: . PMID 30411803. https://research-information.bris.ac.uk/en/publications/0b471d7e-ce54-4681-b791-1da305d9e53b.
- ↑ Ligrone, R.; Duckett, J.G.; Renzaglia, K.S. (2000). "Conducting tissues and phyletic relationships of bryophytes". Philos Trans R Soc Lond B Biol Sci 355 (1398): 795–813. doi: . PMID 10905610.
- ↑ Goffinet, Bernard; William R. Buck (2004). "Systematics of the Bryophyta (Mosses): From molecules to a revised classification". Monographs in Systematic Botany. Molecular Systematics of Bryophytes. 98. Missouri Botanical Garden Press. pp. 205–239. ISBN 978-1-930723-38-2.
- ↑ Lichens of North America, Irwin M. Brodo, Sylvia Duran Sharnoff, ISBN 978-0-300-08249-4, 2001
- ↑ Bell, N. E.; Hyvönen, J. (2010). "Phylogeny of the moss class Polytrichopsida (BRYOPHYTA): Generic-level structure and incongruent gene trees". Molecular Phylogenetics and Evolution 55 (2): 381–398. doi: . PMID 20152915. https://zenodo.org/record/1065524.
- ↑ Bodribb, T.J. (2020). "Advanced vascular function discovered in a widespread moss". Nature Plants 6 (3): 273–279. doi: . PMID 32170283.
- ↑ Lichens of North America, Irwin M. Brodo, Sylvia Duran Sharnoff, ISBN 978-0-300-08249-4, 2001
- ↑ Rochefort, Line (2000). "Sphagnum: A Keystone Genus in Habitat Restoration". The Bryologist 103 (3): 503–508. doi: . ISSN 0007-2745. https://www.jstor.org/stable/3244138.
'