ناظم آباد ضلعو
ناظم آباد ضلعو ضلع ناظم آباد ڪراچي | |
|---|---|
ڪراچي جو ضلعو | |
اتر ناظم آباد ۾ ناگن انٽرچينج | |
ناظم آباد ضلعي جو نقشو | |
| ملڪ | |
| صوبو | |
| ڊويزن | ڪراچي |
| قائم ٿيو | 1996 |
| ختم ڪيو ويو | 2001 (سي ڊي جي ڪي) |
| ٻيهر قائم ڪيو ويو | 11 July 2011 |
| هيڊ ڪوارٽر | ڊي سي آفيس، سيڪٽر 15-اي/1، بفر زون |
| ٽائون[1] | |
| حڪومت | |
| • ڊپٽي ڪمشنر | طهٰ سليم[2] |
| ايراضي | |
| • ڪراچي جو ضلعو | 69 چورس ڪلوميٽر (27 چورس ميل) |
| آبادي | |
| • ڪل | 3,822,325 |
| • ڪثافت | 55,396 في چورس ڪلوميٽر |
| • شهري | 3822325 |
| • ٻهراڙي | 0 |
| رهاڪو نالو | ڪراچي واسي |
| خواندگي | |
| وقتي علائقو | يو ٽي سي+05:00 (پاڪستان معياري وقت) |
| • اونهارو (ر.ب.و) | ڊي ايس ٽي لاڳو ناهي |
| پوسٽل ڪوڊ | 74600 |
| ڊائلنگ ڪوڍ | 021 |
| آء ايس او 3166 ڪوڊ | PK-SD |
| قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڪوڊ | 42101-XXXXXXX-X |
| ويب سائيٽ | districtcentral |
ناظم آباد ضلعو (Urdu: ضلع ناظم آباد)، جيڪو اڳ ۾ ڪراچي مرڪزي ضلعو سڏبو هو، سنڌ، پاڪستان جي ڪراچي ڊويزن جو هڪ انتظامي ضلعو آهي، جيڪو 1996ع ۾ قائم ڪيو ويو. 2023ع پاڪستاني آدمشماري موجب ناظم آباد ضلعي جي آبادي 3,822,325 (38.2 لک) هئي.
تاريخ
[سنواريو]
ھن ضلعي م شامل ڪراچي شھر جو حصو پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ڪجهه ڇڊن ڳوٺن تي مشتمل ھيو ان وقت جي پراڻن علائقن م لالو کيت گھڻو مشھور ھيو جيڪو خود ظاھر ڪرڻ ٿو تہ ھي علائقو پاڪستان ٺھڻ کان اڳ پراڻي ڪراچي شھر کان ٻاھر ٻھراڙيءَ وارو علائقو ھيو. پاڪستان ٺھڻ بعد انديا کان ھجرت ڪري ايندڙ مھاجرن کي ھن ضلعي وارن علائقن م آباد ڪرايو ويو. اھڙي طرح ھن علائقي کي منصوبه بندي سان ترقي ڏياري وئي. لالو کيت واري علائقي کي اڳتي ھلي شھيد ملت لياقت علي خان جي نالي سان لياقت آباد جو نالو ڏنو ويو ء ان سان گڏوگڏ وڌيڪ منصوبه بندي ڪري ھڪ ٻيو علائقو اباد ڪرائي ان کي بينگال سان تعلق رکندڙ پاڪستان جي ٻئين نمبر گورنر جنرل ۽ ٻئين وزيراعظم خواجه ناظم الدين جي نالي تي ناظم آباد رکيو ويو. انڊيا جو گاديءَ جو هنڌ نيو دھلي کي دھلي شھر ۾ ٺاھيو ويو ھو پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ باقائده ان وانگر گادي جو ھنڌ ڪراچي ٺاھڻ لاء نيو ڪراچي نالي شھر اڏڻ جو منصوبو رٿيو ويو پر بعد م نئون شھر روالپنڊي جي ڀرسان اڏيو ويو. سال 1987ع ۾ ھي ضلعو ڪراچي سينٽرل جي نالي سان قائم ڪيو ويو ۽ نيو ڪراچي وارو ٺھيل نئون علائقو ھن ضلعي ۾ شامل ٿيو.
سال 2001ع ۾ ضلعي کي ختم ڪري چئن ٽائونن؛ نيو ڪراچي، گلبرگ، لياقت آباد ۽ نارتھ ناظم آباد ٽائون ۾ ورهايو ويو.[5] 11 جولاءِ 2011ع تي، سنڌ حڪومت ڪراچي سنٽرل ضلعي کي ٻيهر بحال ڪيو.[6]
سال 2022ع ۾، جڏهن سنڌ حڪومت ٽائون وارو نظام بيهر بحال ڪئي، ان کي پنج ٽائونن ۾ ورهايو ويو، جن ۾ بالترتيب گلبرگ ٽائون، لياقت آباد ٽائون، ناظم آباد ٽائون، نيو ڪراچي ٽائون ۽ نارتھ ناظم آباد ٽائون شامل آهن.
سال 2023ع ۾، سنڌ حڪومت ڪراچي سينٽرل ضلعي جو نالو تبديل ڪري ناظم آباد ضلعو رکيو ته جيئن ان جي مشهور شهر جي نالي سان مطابقت رکي سگهجي.[7]
ڪراچي سينٽرل ضلعي ۾ هي ديهه آهن:
- گجرو: گلبرگ ۽ لياقت آباد جي تعلقن ۾ ۽
- ڪاري لڪي: نارتھ ناظم آباد تعلقي ۾
جاگرافي
[سنواريو]
ھن ضلعي جي جاگرافيائي بيهڪ ڊگھائي ڦاڪ 67.058374 اتر ۽ ويڪرائي ڦاڪ 24.9551104 اوڀر تي آھي. سمنڊ جي سطح کان ھن ضلعي جي سراسري بلندي 46 ميٽر يا 151 فوٽ آهي.[8].ھي ضلعي سمند جي ڪناري کان اٽڪل 9 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اندر واقع آهي. ھن شھر جي موسم اونھاري م گرم ۽ گھميل ھوندي آھي. سڀ کان گھڻي گرمي جون جي مھيني ۾ 41 سينٽي گريڊ تائين ٿيندي آهي. سياري م ھتان جي موسم سرد ٿيندي آهي. ڪراچي شھر م ھوا جي اندر تمام گھڻي گھم ھڪ ماحولياتي مسئلو آهي جنھن جي . نتيجي م شھر جي مختلف حصن ۾ بيٺل ڪنو پاڻي سج جي گرميءَ تي ٻاڦ ٿي اڏامي نہ ٿو. ان کان علاوه گاڏين ۽ فيڪٽرين جو دونهون شھر م سامونڊي ھوائن جي باوجود ان گھم جي ڪري آلودگي کي تيزي سان وڌائي ٿو. [9] اھڙي طرح ھي ضلعو پڻ ان ماحولياتي مسئلي جو شڪار آهي.
يونين ڪميٽيون
[سنواريو]هيٺ ناظم آباد ضلعي جي يونين ڪائونسلن ۽ انهن سان لاڳاپيل پاڙن ۽ رهائشي علائقن جي فهرست ڏنل آهي. ناظم آباد ضلعي ۾ ڪل پنج ٽائون ۽ 45 يونين ڪائونسلون آهن.[10]
گلبرگ ٽائون
[سنواريو]| يونين ڪائونسل |
|---|
| يُو.سي. 1 شفيق مل ڪالوني |
| يُو.سي. 2 سمن آباد |
| يُو.سي. 3 واٽر پمپ |
| يُو.سي. 4 نصيرآباد |
| يُو.سي. 5 ياسين آباد |
| يُو.سي. 6 عزيزآباد |
| يُو.سي. 7 ڪريم آباد |
| يُو.سي. 8 گلبرگ |
لياقت آباد ٽائون
[سنواريو]| يونين ڪائونسل |
|---|
| يُو.سي. 1 موسيٰ ڪالوني |
| يُو.سي. 2 شريف آباد |
| يُو.سي. 3 بندهاڻي ڪالوني |
| يُو.سي. 4 ابنِ سينا |
| يُو.سي. 5 ڪمرشل ايريا |
| يُو.سي. 6 ڊاڪ خانو |
| يُو.سي. 7 سي ايريا |
ناظم آباد ٽائون
[سنواريو]| يونين ڪائونسل |
|---|
| يُو.سي. 1 پاپوش نگر |
| يُو.سي. 2 عباسي شهيد |
| يُو.سي. 3 هادي مارڪيٽ |
| يُو.سي. 4 ناظم آباد |
| يُو.سي. 5 رضويه سوسائٽي (آر.سي.ايڇ.ايس.) |
| يُو.سي. 6 فردوس ڪالوني |
| يُو.سي. 7 گل بهار |
نئون ڪراچي ٽائون
[سنواريو]| يونين ڪائونسل |
|---|
| يُو.سي. 1 شاهنواز ڀٽو ڪالوني |
| يُو.سي. 2 گلشن سعيد |
| يُو.سي. 3 خواجه اجمير نڳري |
| يُو.سي. 4 گودھرا |
| يُو.سي. 5 ابوذر غفاري |
| يُو.سي. 6 خميسو ڳوٺ |
| يُو.سي. 7 مدينا ڪالوني |
| يُو.سي. 8 فيصل ڪالوني |
| يُو.سي. 9 ابوذر غفاري |
| يُو.سي. 10 گودھرا |
| يُو.سي. 11 حڪيم احسن |
| يُو.سي. 12 ڪيلانا |
| يُو.سي. 13 شاهنواز ڀٽو ڪالوني |
اتر ناظم آباد ٽائون
[سنواريو]| يونين ڪائونسل |
|---|
| يُو.سي. 1 سر سيد ڪالوني |
| يُو.سي. 2 فاروقِ اعظم |
| يُو.سي. 3 صديقِ اڪبر |
| يُو.سي. 4 بفر زون |
| يُو.سي. 5 تيموريه |
| يُو.سي. 6 سخي حسن |
| يُو.سي. 7 حيدري |
| يُو.سي. 8 الفلاح |
| يُو.سي. 9 پهاڙ گنج |
| يُو.سي. 10 مصطفيٰ آباد |
آباديات
[سنواريو]2023ع جي آدمشماري جي مطابق ضلعي ۾ 6,51,268 گهر آهن ۽ ڪل آبادي 3,822,325 آهي.[11]
2023ع جي پاڪستاني آدمشماري موجب ڪراچي مرڪزي ضلعي ۾ 651,268 گهرانا ۽ 3,822,325 آبادي هئي.[12] ضلعي ۾ هر 100 عورتن جي مقابلي ۾ 112.01 مردن جو تناسب هو ۽ خواندگي جي شرح 83.55٪ هئي، جنهن ۾ مردن جي خواندگي 83.82٪ ۽ عورتن جي خواندگي 83.27٪ هئي.[3][13] 898,383 ماڻهو (سروي ڪيل آبادي جو 23.52٪) ڏهن سالن کان گهٽ عمر جا هئا.[14] ضلعي جي سموري آبادي شهري علائقن ۾ رهندي هئي.[3]
ضلعي جو اڪثريتي مذهب اسلام آهي، جنهن جا پيروڪار آبادي جو 98.33٪ آهن، جڏهن ته 1.27٪ آبادي عيسائيت سان تعلق رکي ٿي.[15]
2023ع جي آدمشماري وقت آبادي جي 80.20٪ ماڻهن جي مادري ٻولي اردو، 4.65٪ جي پشتو، 4.04٪ جي پنجابي، 3.88٪ جي سرائڪي، 2.22٪ جي سنڌي، 0.88٪ جي بلوچي ۽ 0.82٪ جي هندڪو هئي.[16]
هن ضلعي جي آبادي پهرين مارچ 1998ع جي آدمشماري مطابق لڳ ڀڳ 23,00,000 هئي، جيڪا 15 مارچ 2017ع تي وڌي 29,72,639 ٿي وئي.[17] سال 2023ع جي آدمشماري موجب ضلعي جي آبادي 3,822,325 ٿي چڪي هئي. ضلعي جي سموري آبادي (100٪) شهري آهي.[17] ضلعي ۾ اڪثريت اردو ڳالهائيندڙ آبادي جي آهي، جڏهن ته ٻين ٻولين ۾ پنجابي، پشتو، سرائڪي، سنڌي، بلوچي، هندڪو ۽ ميمڻڪي ڳالهائيندڙ پڻ شامل آهن.
تعليم جون سهولتون
[سنواريو]ناظم آباد ضلعو ڪراچي جي اهم تعليمي مرڪزن مان هڪ آهي، جتي اعليٰ تعليم، فني تعليم، طب، انجنيئرنگ، سائنس ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل ڪيترائي ادارا قائم آهن. ضلعي ۾ موجود يونيورسٽين ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ڪراچي شاخ، گلبرگ تعلقي ۾ نذير حسين يونيورسٽي ۽ لياقت آباد تعلقي ۾ عورتن جي جناح يونيورسٽي شامل آهن، جيڪي مختلف شعبن ۾ اعليٰ تعليم جون سهولتون فراهم ڪن ٿيون.
ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ادارا
[سنواريو]فني ۽ پيشاورانه تعليم جي حوالي سان ضلعي ۾ گورنمينٽ اينگرو ٽيڪنيڪل ڪاليج ۽ گورنمينٽ اينگرو ٽيڪنيڪل اسڪول (گلبرگ تعلقو)، جناح پوليٽيڪنڪ ڪاليج (لياقت آباد تعلقو)، ڪراچي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج (اتر ناظم آباد تعلقو) ۽ گورنمينٽ ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ (اتر ناظم آباد تعلقو) اهم ادارن ۾ شمار ٿين ٿا.
ڪاليج
[سنواريو]ضلعي ۾ ڪيترائي سرڪاري ۽ نجي ڪاليج قائم آهن، جن ۾ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج گلبرگ، گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن ايف بي ايريا، عزيز آباد ڪامرس ڪاليج، شهيد ملت گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج عزيز آباد، گورنمينٽ دهلي ڪاليج ڪريم آباد، ميمڻ گرلس ڪاليج ڪريم آباد، جناح گورنمينٽ ڪاليج ناظم آباد، عثمانيه گرلس ڪاليج لياقت آباد، گورنمينٽ ڊگري سائنس ڪاليج قاسم آباد، رياض گورنمينٽ گرلس ڪاليج لياقت آباد، سر سيد گورنمينٽ گرلز ڪاليج ناظم آباد، گورنمينٽ ڪاليج فار وومين ناظم آباد، گورنمينٽ ڪاليج فار مين ناظم آباد، عبدالله گرلس ڪاليج پاپوش نگر، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج فار وومين اتر ناظم آباد، گورنمينٽ ڊگري سائنس ۽ ڪامرس ڪاليج اتر ناظم آباد، گورنمينٽ ڊگري بوائز ڪاليج بفر زون، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج انڊا موڙ چوڪ، عثمان پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليج نارٿ ڪراچي، گورنمينٽ ڪاليج فار وومين ايف-11 نئون ڪراچي ۽ ڪمرشل ڪاليج عزيز آباد شامل آهن.[18]
انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي
[سنواريو]معلوماتي ٽيڪنالاجي ۽ ڪمپيوٽر سائنس جي تعليم لاءِ بقائي انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي، لياقت آباد ۽ حسين آباد ۾ سر آدم جي انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي اهم ادارا آهن، جيڪي جديد سائنسي ۽ فني تعليم فراهم ڪن ٿا.
ٻيا تعليمي ادارا
[سنواريو]ضلعي ۾ اسڪولي سطح جي تعليم لاءِ پڻ ڪيترائي مشهور ادارا قائم آهن، جن ۾ دستگير گورنمينٽ گرلس اسڪول دستگير، سلطان محمود شاهه آغا خان اسڪول ڪريم آباد، رونق اسلام پبلڪ اسڪول ڪريم آباد، ميمڻ بوائز سيڪنڊري اسڪول ڪريم آباد، ايڇ اي ايف بوائز سيڪنڊري اسڪول ڪريم آباد، رونق اسلام گرلز سيڪنڊري اسڪول ڪريم آباد، سر سيد چلڊرين اڪيڊمي لياقت آباد، سيڪنڊري اسڪول وحيد آباد، آڪسبرج فائونڊيشن اسڪول لياقت آباد، قائد ملت گورنمينٽ بوائز اسڪول قاسم آباد، حسيني بوائز سيڪنڊري اسڪول، گورنمينٽ گرلس پائلٽ هائير اسڪول ناظم آباد، اسلام آباد هاءِ اسڪول، گرين شيلڊ اسڪول، گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول، ٽائون ڪاميٽي اسڪول مدينه ڪالوني، گورنمينٽ مجيب النساءِ پرائمري اسڪول، گورنمينٽ بوائز ڪمپري هينسو هائير سيڪنڊري اسڪول عزيز آباد ۽ گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ آف بزنس اينڊ ڪمرشل ايجوڪيشن عزيز آباد شامل آهن.
صحت جون سهولتون
[سنواريو]ناظم آباد ضلعي ۾ سرڪاري، نيم سرڪاري ۽ نجي شعبي جون ڪيتريون ئي اهم صحت جون سهولتون موجود آهن، جيڪي ضلعي توڙي ڪراچي جي ٻين علائقن جي رهواسين کي طبي خدمتون فراهم ڪن ٿيون. انهن ۾ اتر ناظم آباد ۾ واقع ضياءُ الدين اسپتال، ناظم آباد جي عباسي شهيد اسپتال، لياقت آباد ۽ نئين ڪراچي جون سنڌ گورنمينٽ اسپتالون، نارٿ ڪراچي چلڊرن اسپتال، اتر ناظم آباد جي ڪراچي ڊينٽل اسپتال، گلبرگ ۾ ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف هارٽ ڊزيزز، علي آباد ۾ ٽبّا هارٽ انسٽيٽيوٽ ۽ ٽبّا ڪڊني سينٽر، حسين آباد جي عثمان ميموريل اسپتال، ايوانِ تجارت و صنعت اسپتال، نئين ڪراچي جي شيڊ هومز اينڊ ڪامپليڪس اسپتال، اتر ناظم آباد جي شيخ آءِ اينڊ ڊائبيٽڪ اسپتال، ناظم آباد جي امام زين العابدين اسپتال ۽ نعمت بيگم همدرد يونيورسٽي اسپتال شامل آهن.
ان کان علاوه بقائي سٽي ڊينٽل اسپتال، بقائي ڪڊني سينٽر، جيڪو لياقت نيشنل اسپتال جي هڪ شاخ طور ڪم ڪري ٿو، اي. او. ڪلينڪ، ناظم آباد ۾ بقائي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيئڪ ڊزيزز، سمن آباد جي نور اسپتال ۽ ٽرائميڪس اسپتال پڻ ضلعي جي اهم طبي ادارن ۾ شمار ٿين ٿا. اهي ادارا عام علاج، دل، گردن، اکين، ڏندن ۽ ٻين خصوصي طبي خدمتن جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
ڪتب خانا
[سنواريو]ناظم آباد ضلعي ۾ علمي، ادبي ۽ تحقيقي سرگرمين جي فروغ لاءِ ڪيترائي اهم ڪتب خانا قائم آهن. انهن ۾ گلبرگ ۾ واقع منصوره لائبريري، اتر ناظم آباد جي تيموريه لائبريري، لياقت آباد جي سپر مارڪيٽ لائبريري، حسرت موهاني لائبريري، عثمانيه لائبريري، الهديٰ لائبريري، نادر لائبريري، غالب لائبريري، زين لائبريري ۽ اتر ناظم آباد جي انجمن لائبريري شامل آهن. اهي ڪتب خانا شاگردن، استادن، محققن ۽ عام پڙهندڙن لاءِ مطالعي ۽ علمي تحقيق جا اهم مرڪز آهن.
روڊ، چوڪ ۽ فلاءِ اوور
[سنواريو]روڊ ۽ مشهور گهٽيون
[سنواريو]ناظم آباد ضلعي مان ڪراچي جا ڪيترائي اهم ۽ مصروف روڊ گذرن ٿا، جيڪي ضلعي کي شهر جي ٻين علائقن سان ڳنڍين ٿا. انهن ۾ شاهراهه پاڪستان، راشد منهاس روڊ، سر شاهه محمد سليمان روڊ، شير شاهه سوري روڊ، ايس. ايم. توفيق روڊ، منگهوپير روڊ، شاهراهه نورجهان، نواب صديق علي خان روڊ، الطاف علي بريلوي روڊ، سرجاڻي روڊ، گودھرا روڊ، تابش دهلوي روڊ، پاپوش نگر روڊ، ناظم آباد روڊ، شاهراهه جهانگير، شاهراهه اورنگي، حسين آباد روڊ، شاهجهان ايونيو، سيد رئيس احمد جعفري روڊ، حسن علي جعفري روڊ، انڊا موڙ روڊ ۽ نوراني مارڪيٽ روڊ شامل آهن. اهي روڊ ضلعي جي رهائشي، تجارتي ۽ صنعتي علائقن جي وچ ۾ آمدورفت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
فلاءِ اوور ۽ انڊر پاس
[سنواريو]ضلعي ۾ ٽرئفڪ جي رواني کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترائي فلاءِ اوور ۽ انڊر پاس تعمير ڪيا ويا آهن. انهن ۾ لياقت آباد فلاءِ اوور، ناظم آباد فلاءِ اوور، ناگن چورنگي فلاءِ اوور، سهراب ڳوٺ فلاءِ اوور ۽ باچا خان فلاءِ اوور شامل آهن. ان کان علاوه غريب آباد انڊر پاس پڻ ضلعي جي اهم ٽرئفڪ منصوبن مان هڪ آهي.
چوڪ ۽ مشهور موڙ
[سنواريو]ناظم آباد ضلعي ۾ ڪيترائي مشهور چوڪ، چورنگيون ۽ موڙ واقع آهن، جيڪي شهر جي سڃاڻپ بڻيل آهن. انهن ۾ خلافت چوڪ، باچا خان چوڪ، سخي حسن چورنگي، ناگن چورنگي، ناظم آباد چورنگي، انڊا موڙ ۽ شفيق موڙ خاص طور تي مشهور آهن. اهي هنڌ نه رڳو آمدورفت جا اهم مرڪز آهن، پر مقامي واپار ۽ سماجي سرگرمين جي لحاظ کان پڻ اهميت رکن ٿا.
عدالتي نظام
[سنواريو]ڪراچي سينٽرل ضلعي جو عدالتي صدرمقام سٽي ڪورٽس واري جڊيشل ڪامپليڪس ۾ آھي جيڪو ڪراچي سائوٿ جي حدن اندر ايم اي جناح روڊ تي ڪي ايم سي مرڪزي آفيس جي پاسي م واقع آھي. ان ڪامپليڪس ۾ ڪراچي سينٽرل جون 38 ڪورٽون واقع آھن جن م سڀ کان وڏي ضلعي عدالت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي آھي. ان کان علاوه باقي 7 ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن جون ، 12 سينيئر سول ججن جون ۽ 18 سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ جون عدالتون آھي. سول ججن جي عدالتن جا جج ساڳي وقت فيملي جج پڻ آهن. سينيئر سول جج ساڳي وقت رينٽ ڪنٽرولر پڻ آھن. ان کان سواءِ ھڪ ڪنزيومر ڪورٽ پڻ خاص عدالت جي حيثيت م ڪم ڪري پئي.
باغ ۽ وندر
[سنواريو]باغ ۽ باغيچا
[سنواريو]ناظم آباد ضلعي ۾ ڪيترائي عوامي باغ، خانداني پارڪ ۽ تفريحي ماڳ موجود آهن، جيڪي رهواسين کي سير، ورزش ۽ وندر جون سهولتون فراهم ڪن ٿا. انهن ۾ نصير آباد جو تعليمي باغ، اتر ناظم آباد جو فتح باغ، ناظم آباد جو انو ڀائي پارڪ، عائشه صديقه فيملي پارڪ، سمن آباد جو باره دري پارڪ، قاسم آباد جو پرده پارڪ، حاجي رحمت الله ميمڻ فيملي پارڪ، طارق محي الدين شهيد پارڪ، گلوب پارڪ، سمن پارڪ، تنوير شهيد پارڪ، ڪليانه ٽائون پارڪ، نيازي پارڪ شريف آباد، مهدي حسن پارڪ، ابو حذيفه پارڪ، ليڊيز پارڪ، عائشه پارڪ، رضوان پارڪ، ارفع ڪريم پارڪ، حسين آباد ۾ واقع خاتونِ جنت پارڪ، الازهر پارڪ، ناظم آباد جو تڪونا پارڪ، لياقت آباد جو نرسري پارڪ، شاليمار پارڪ، شادمان پارڪ، ابدال پارڪ ۽ ڪي بي آر پارڪ شامل آهن.
ڪلب
[سنواريو]ضلعي ۾ مختلف سماجي ۽ راندين جي سرگرمين لاءِ ڪيترائي ڪلب ۽ ڪميونٽي مرڪز پڻ قائم آهن. انهن ۾ رضويه ڪلب، ڪليانه ڪميونٽي سينٽر ۽ نارٿ ڪراچي جم ڪلب نمايان حيثيت رکن ٿا.
راندين لاءِ ميدان
[سنواريو]ناظم آباد ضلعو راندين جي سهولتن جي حوالي سان پڻ اهم حيثيت رکي ٿو. هتي موجود راندين جي ميدانن ۽ اسپورٽس ڪمپليڪسن ۾ يو بي ايل اسپورٽس ڪمپليڪس، ڪسٽمز ڪرڪيٽ اڪيڊمي، اصغر علي شاهه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، لياقت علي خان اسپورٽس ڪمپليڪس، گوهر آباد گرائونڊ، منصوره پلي گرائونڊ، عزيز آباد جو جناح گرائونڊ، لال قلعه گرائونڊ، الفلاح گرائونڊ، محمدي پلي گرائونڊ، سنگم گرائونڊ، ڪراچي اسپورٽس فٽبال گرائونڊ، راجپوت بندهاڻي گرائونڊ، قاسم آباد جو محمدي پلي گرائونڊ، ناظم آباد جو الفاروق ڪرڪيٽ گرائونڊ، سنڌ اسپورٽس بورڊ ڪمپليڪس، پيالا گرائونڊ، ايسٽرن اسٽار ڪرڪيٽ گرائونڊ، نارٿ ينگرز فٽبال گرائونڊ، فاروق اعظم هاڪي گرائونڊ، نذير حسين ينگ فائٽرز گرائونڊ، طحه مسجد پلي گرائونڊ، غوث اعظم اسپورٽس گرائونڊ، بفر زون پلي گرائونڊ، ٽيپو سلطان شهيد اسٽيڊيم، انور انصاري فٽبال گرائونڊ، پير بازار گرائونڊ، عبدالخالق افغاني ساڪر اسٽيڊيم، پاڪ فليگ گرائونڊ، ايم اي بي اسپورٽس ڪمپليڪس ۽ حسين ابراهيم اسپورٽس ڪمپليڪس شامل آهن.
مشهور جايون
[سنواريو]ناظم آباد ضلعي ۾ ڪيترائي اهم تعليمي، مذهبي، تجارتي، سماجي ۽ تفريحي مرڪز موجود آهن. ضلعي جي مشهور جڳهن ۾ تعليمي باغ، دارالعلوم نعيميه، عزيز آباد ۾ واقع مدني مسجد تبليغي مرڪز، سخي حسن قبرستان، لڪي ون مال، گول مارڪيٽ ناظم آباد، لالوکيت جي پکين واري مارڪيٽ، حسين آباد فوڊ اسٽريٽ، ڊي سي آفيس ڪراچي سينٽرل، بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن جي آفيس، جامع مسجد فاروق اعظم، مولانا عبدالحامد بدايوني جو مزار، پشتون مارڪيٽ، فضل الرحمان قريشي جو مزار، بروهي ڳوٺ، امتياز سپر مارڪيٽ ناظم آباد، ڊرائيونگ لائسنس آفيس ناظم آباد برانچ، فٽبال جي نيشنل ساڪر اڪيڊمي، بختياري يوٿ سينٽر، اي آر واءِ نيوز جي هيڊ آفيس، شريف آباد نرسري، اسٽيٽ بئنڪ جي شاخ، نوراني مسجد، افروز ٽيڪسٽائيل انڊسٽريز، امير معاويه عيدگاهه، جامع مسجد سمن آباد، ايم ڪيو ايم جي مرڪزي آفيس نائن زيرو، ورلڊ ميمڻ فائونڊيشن ڪميونٽي سينٽر ٽرسٽ، ايڇ اي ايف عيدگاهه، اسماعيلي ڪميونٽي سينٽر، فيضان اڪيڊمي، ميمڻ عيدگاهه ۽ پيراگون جمخانو شامل آهن.
ٿاڻا
[سنواريو]هن ضلعي ۾ ڪُل 22 پوليس ٿاڻا آهن.[19]
| نمبر | ٿاڻي جو نالو |
|---|---|
| 1 | تيموريه ٿاڻو |
| 2 | پاپوش نگر ٿاڻو |
| 3 | شريف آباد ٿاڻو |
| 4 | لياقت آباد ٿاڻو |
| 5 | سپر مارڪيٽ ٿاڻو |
| 6 | سمن آباد ٿاڻو |
| 7 | جوهر آباد ٿاڻو |
| 8 | عزيز آباد ٿاڻو |
| 9 | نئون ڪراچي ٿاڻو |
| 10 | اتر ناظم آباد ٿاڻو |
| 11 | اجمير نڳري ٿاڻو |
| 12 | يوسف پلازا ٿاڻو |
| 13 | گلبرگ ٿاڻو |
| 14 | گل بهار ٿاڻو |
| 15 | گبول ٽائون ٿاڻو |
| 16 | ناظم آباد ٿاڻو |
| 17 | رضويه سوسائٽي ٿاڻو |
| 18 | ايف بي انڊسٽريل ايريا ٿاڻو |
| 19 | نئون ڪراچي انڊسٽريل ايريا ٿاڻو |
| 20 | بلال ڪالوني ٿاڻو |
| 21 | شاهراهه نورجهان ٿاڻو |
| 22 | حيدري مارڪيٽ ٿاڻو |
تصوير
[سنواريو]- نانگڻ چورنگي
حوالا
[سنواريو]- ↑ Tahir Siddiqui (8 January 2022). "Division of Karachi into 26 towns, 233 UCs notified (by the government)". Dawn (newspaper) (آمريڪي انگريزي ۾). 17 January 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Karachi Commissioner launches crackdown on professional beggars amid public concerns". The Nation (newspaper). 10 October 2024. 1 October 2024 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 1" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics.
- ↑ "Literacy rate, enrolments, and out-of-school population by sex and rural/urban, CENSUS-2023, SINDH" (PDF).
- ↑ "Districts - Commissioner Karachi Division". Commissioner Karachi Division. 12 October 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sindh back to 5 divisions after 11 years". Pakistan Today (newspaper). 11 July 2011. اصل نسخو مان 27 June 2022 تي محفوظ ڪيل. 12 October 2021 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: More than one of|accessdate=and|access-date=specified (مدد); More than one of|archivedate=and|archive-date=specified (مدد); More than one of|archiveurl=and|archive-url=specified (مدد) - ↑ "Four Karachi districts to be renamed" (آمريڪي انگريزي ۾). 2024-03-29. 2024-04-04 تي حاصل ڪيل.
- ↑ https://elevation.maplogs.com/poi/karachi_central_karachi_karachi_city_sindh_pakistan.481195.html
- ↑ https://www.britannica.com/place/Karachi-
- ↑ "Division of UCs in Karachi - Notification" (PDF). lgdsindh.gov.pk. Local Government & Housing Town Planning Department – Government of Sindh. 27 April 2023. 29 December 2023 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 20" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics.
- ↑ "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 20" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics.
- ↑ "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 12" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics.
- ↑ "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 5" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics.
- 1 2 "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 9" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics.
- 1 2 "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 11" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics.
- 1 2 حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named "سٽي". - ↑ https://mobile.facebook.com/GDSCLK/?_rdc=1&_rdr
- ↑ http://www.cplc.org.pk/list-of-police-station/-[مئل ڳنڍڻو]
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- سانچا
- Pages using infobox settlement with no coordinates
- Articles containing Urdu-language text
- CS1 errors: redundant parameter
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from October 2023
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- سنڌ جا ضلعا
- ناظم آباد ضلعو
- ڪراچي جا ضلعا
- Articles with short description
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا