مواد ڏانھن هلو

نازڪ قوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نازڪ اثر يا نازڪ قوت (Weak interaction)، جنھن کي ڪڏهن ڪڏهن نازڪ نيوڪليائي قوت پڻ چيو ويندو آهي، طبيعيات جي چئن بنيادي قوتن مان هڪ آهي. ٻيون ٽي قوتون برقناطيسيت (electromagnetism)، مضبوط قوت (strong interaction)، ۽ ثقل (gravitation) آهن.

هي هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو ايٽمي ذرن جي وچ ۾ ٿئي ٿو ۽ ائٽمن جي ريڊيائي فعال (radioactive) زوال جو ذميوار آهي. نازڪ اثر نيوڪليائي ڦاٽڻ (nuclear fission) ۽ نيوڪليائي ميلاپ (nuclear fusion) جي عملن ۾ پڻ حصو وٺندو آهي. ان جي رويي ۽ اثرن کي بيان ڪندڙ نظريي کي ڪڏهن ڪڏهن "ڪوانٽم فليورڊائنامڪس" (QFD) چيو ويندو آهي؛ پر، هي اصطلاح گهٽ استعمال ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته نازڪ قوت کي "اليڪٽرو ويڪ ٿيوري" (electroweak theory) ذريعي بهتر سمجهي سگهجي ٿو.

نازڪ قوت جو اثر تمام محدود هوندو آهي ۽ ان جي حد هڪ پروٽان جي قطر کان به گهٽ هوندي آهي.

پڻ ڏسو

[سنواريو]