نارٿ ويسٽ ٽيريٽريز
ڏيک
نارٿ ويسٽ ٽيريٽريز (Nortwest Territories؛ فرينچ: les Territoires du Nord-Ouest) جنهن کي انگريزي ۾ مختصر طور تي NWT ۽ فرانسيسي ۾ TNO جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، ڪينيڊا جو هڪ علائقو (Territory) آهي، جنهن جو گاديءَ جو هنڌ ييلو نائف (Yellow Knife) شهر آهي. ان جون حدون ڪينيڊا جي ٻن ٻين علائقن، اولهه ۾ يوڪون ۽ اوڀر ۾ نوناوت ۽ ڏکڻ ۾ ٽن صوبن برٽش ڪولمبيا، البرٽا ۽ ساسڪاچيوان سان ملن ٿيون.
ڪئناڊا جي سڀ کان وڏي ڍنڍ، گريٽ بيئر (Great Bear) پڻ هن علائقي ۾ واقع آهي.