نارقي واھ
ڏيک
نارقي واهه، هي واهه پڻ ٺٽي جي ڀرسان اچي لنگهندو هو. اهو لاهوري بندر جي کاريءَ مان نڪرندو هو. ايڏو ڪشادو ۽ اونهون هو، جو منجهانئس وڏا ٻيڙا مال سميت هلي اچي ٺٽي پهچندا هئا، ۽ سمنڊ کان ٺٽي تائين مال جي اچڻ لاءِ اهو به هڪ رستو هو. 963ھ ۾ پورچو گيزن جي حملي کان پوءِ، مرزا عيسيٰ ان ۾ وڏا پٿر وجهرائي ان جي گھرائي ختم ڪرائي ڇڏي، تاڪه ان مان ڪوبه ٻيڙو لنگهي اچي ٺٽي تائين نه پهچي.لاهوري بندر ۽ دڪي جي وچ ۾ ميرزا هڪ قلعو به ٺهرايو، جنهن ۾ مختصر سپاهي نگهبانيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا . ٺٽي جا ماڻهو ان کي نارقي واهه سڏيندا هئا، انهيءَ نسبت جو سبب ڪونه لکيو ويو آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون؛ پير حسام الدين راشدي؛ايڊشن 1981؛ پبلشر؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو