مواد ڏانھن هلو

نارقي واھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نارقي واهه، هي واهه پڻ ٺٽي جي ڀرسان اچي لنگهندو هو. اهو لاهوري بندر جي کاريءَ مان نڪرندو هو. ايڏو ڪشادو ۽ اونهون هو، جو منجهانئس وڏا ٻيڙا مال سميت هلي اچي ٺٽي پهچندا هئا، ۽ سمنڊ کان ٺٽي تائين مال جي اچڻ لاءِ اهو به هڪ رستو هو. 963ھ ۾ پورچو گيزن جي حملي کان پوءِ، مرزا عيسيٰ ان ۾ وڏا پٿر وجهرائي ان جي گھرائي ختم ڪرائي ڇڏي، تاڪه ان مان ڪوبه ٻيڙو لنگهي اچي ٺٽي تائين نه پهچي.لاهوري بندر ۽ دڪي جي وچ ۾ ميرزا هڪ قلعو به ٺهرايو، جنهن ۾ مختصر سپاهي نگهبانيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا . ٺٽي جا ماڻهو ان کي نارقي واهه سڏيندا هئا، انهيءَ نسبت جو سبب ڪونه لکيو ويو آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون؛ پير حسام الدين راشدي؛ايڊشن 1981؛ پبلشر؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو