نارائن گنج
نارائن گنج নারায়ণগঞ্জ | ||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
ميٽروپوليٽن شهر | ||||||||
| Narayanganj | ||||||||
مٿي کان؛ ساڄي کان کاٻي: شهر جي اسڪائي لائين، نارائن گنج جي بندرگاهه، سلطان غياث الدين اعظم شاهه جو مقبرو، نواب عيسيٰ خان جي رهائش -"ڀويان محل"، تاريخي پنم ناگور (شهر)، شهر جي اوڀر ۾ حاجي گنج قلعو. | ||||||||
| ملڪ | ||||||||
| ڊويزن | ڍاڪا ڊويزن | |||||||
| ضلعو | ناراين گنج ضلعو | |||||||
| ميونسپل بورڊ | 8 سيپٽمبر 1876ع | |||||||
| ميٽروپوليٽن شهر | 5 مئي 2011ع | |||||||
| حڪومت | ||||||||
| • طرز | ميئر-ڪائونسل | |||||||
| • باڊي | ناراين گنج سٽي ڪارپوريشن | |||||||
| • ايڊمنسٽريٽر | محمد سخاوت حسين خان | |||||||
| • سٽي ڪائونسل | 27 ڪونسلر سيٽون | |||||||
| • پارليامينٽ | هڪ انتخابي تڪ | |||||||
| ايراضي | ||||||||
| • ميٽروپوليٽن شهر | 33.57 چورس ڪلوميٽر (12.96 چورس ميل) | |||||||
| • پاڻي | 48.56 چورس ڪلوميٽر (18.75 چورس ميل) | |||||||
| آبادي (2022ع)[1] | ||||||||
| • ڪل | 967951 | |||||||
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر | |||||||
| ٻوليون | ||||||||
| وقتي علائقو | UTC+6 (BST) | |||||||
| پوسٽل ڪوڊ | 1400 | |||||||
| ڪالنگ ڪوڊ | +880 671 | |||||||
| UN/LOCODE | BD NRG | |||||||
| جي ڊي پي (2022ع) | پي پي پي
نامياري | |||||||
| HDI (2023) | 0.701[2] high · 5th of 22 | |||||||
| ايئرپورٽ | حضرت شاهه جلال انٽرنيشنل ايئرپورٽ | |||||||
| پلاننگ اٿارٽي | راجڌاني انايان ڪارتريپاکا (RAJUK) | |||||||
| واٽر سپلاءِ اينڊ سيوريج اٿارٽي | ڍاڪا واسا (Dhaka WASA) | |||||||
| ويب سائيٽ | ncc | |||||||
نارائن گنج (Narayanganj؛ নারায়ণগঞ) بنگلاديش جي مرڪزي حصي ۾ گريٽر ڍاڪا علائقي ۾ هڪ شهر آهي. نارائن گنج ضلعو، گادي واري شهر ڍاڪا جي ڏکڻ اوڀر ۾ اٽڪل 16 ڪلوميٽر (10 ميل) جي مفاصلي تي آهي. لڳ ڀڳ 10 لک جي آبادي سان، اها بنگلاديش جو پنجون وڏو شهر آهي. اهو ڪاروبار ۽ صنعت، خاص طور تي جوٽ جي واپار ۽ پراسيسنگ پلانٽس ۽ ملڪ جي ڪپڙي جي شعبي جو مرڪز پڻ آهي. ان کي، ان جي ڪيترن ئي جوٽ ملن جي موجودگي جي ڪري، بنگلاديش جو ڊنڊي (اسڪاٽ لينڊ جو هڪ شهر) جو لقب ڏنو ويو آهي. ڊنڊي دنيا جو پهريون صنعتي "جوٽ جو شهر" هو.[3]
تاريخ
[سنواريو]شهر جو نالو بِڪن لال پانڊي کان پيو، جيڪو هڪ هندو مذهبي اڳواڻ هو، جيڪو بينور ٺاڪر يا 'لڪشمي نارائن ٺاڪر' جي نالي سان پڻ مشهور هو. هن سال 1766ع ۾ پلاسي جي جنگ کان پوءِ برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني کان علائقو ليز تي ورتو. هن مارڪيٽن ۽ درياءَ جي ڪناري تي زمين کي ديوتوتر يا 'خدا کي ڏنل' ملڪيت جي طور تي عطيو ڪيو. ديوتا نارائن جي پوڄا لاءِ سار سنڀال جي خرچن لاءِ وصيت ڪئي.
سال 1866ع ۾ هڪ پوسٽ آفيس قائم ڪئي وئي. ڍاڪا-نارائن گنج ٽيليگراف سروس سال 1877ع ۾ شروع ڪئي وئي. بينڪ آف بنگال 1882ع ۾ پهرين ٽيليفون سروس متعارف ڪرائي.
نارائن گنج ميونسپلٽي کي 8 سيپٽمبر 1876ع تي شامل ڪيو ويو. نارائن گنج وڪٽوريا اسپتال جي علائقي ۾ پهرين اسپتال 1885ع ۾ ميونسپلٽي پاران هرڪانتا بنرجي جي مالي مدد سان قائم ڪيو ويو. نارائن گنج سٽي ڪارپوريشن 5 مئي 2011ع تي، ٽن اڳوڻين ميونسپلٽين: نارائن گنج ميونسپلٽي، سدير گنج ميونسپلٽي ۽ قدم رسول ميونسپلٽي کي متحد ڪندي قائم ڪئي وئي.[4] نارائن گنج سٽي ڪارپوريشن جي ميئر سيلينا حيات آئيوي آهي. ان کان اڳ، هوءَ نارائن گنج ميونسپلٽي جي ميئر هئي.
آباديات
[سنواريو]بنگلاديش جي سال 2022ع جي مردم شماري مطابق، موجوده نارائن گنج سٽي ڪارپوريشن ۾ 2,55,468 گهر ۽ آبادي 9,67,951 هئي. نارائن گنج ۾ خواندگي جي شرح (7 سالن ۽ ان کان مٿي عمر) %83.66 هئي، جڏهن ته قومي سراسري %74.80 هئي.[5][6]
ٽرانسپورٽ
[سنواريو]نارائن گنج ۾ چار ريلوي اسٽيشنون آهن جن جا نالا پگلا هالٽ ريلوي اسٽيشن، فتولا ريلوي اسٽيشن، چاشارا ريلوي اسٽيشن ۽ نارائن گنج ريلوي اسٽيشن آهن. ڍاڪا کان ڪو به شهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٽي روڊ استعمال ڪري سگهي ٿو: ڍاڪا-نارائن گنج پراڻو روڊ، ڍاڪا-نارائن گنج لنڪ روڊ ۽ نارائن گنج-ڊيمرا روڊ. بنگلاديش روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن (BRTC) جي AC بس نارائن گنج کان ڍاڪا تائين بس ٽرانسپورٽ سروس ڏئي ٿي.
تعليم
[سنواريو]نارائن گنج ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا آهن. گورنمينٽ تولارام ڪاليج سال 1937ع ۾ قائم ٿيو. اهو شهر جي مرڪز ۾ چاشارا جي ويجهو واقع آهي. گورنمينٽ نارائن گنج گورنمينٽ وومين ڪاليج، هڪ ٻيو ڪاليج آهي جيڪو شهر جي مرڪز ۾ واقع آهي.
نارائن گنج ۾ مشهور هاءِ اسڪولن ۾ آدرشا اسڪول نارائن گنج، نارائن گنج گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ۽ مورگن گرلز هاءِ اسڪول شامل آهن. پوء وارا ٻه صرف ڇوڪرين لاءِ اسڪول آهن ۽ پهريون هڪ گڏيل تعليمي اسڪول آهي.
قابل ذڪر ماڻهو
[سنواريو]- عبدالمتين چوڌري
- محمد عبدالرشيد
- غلام دستگير غازي
- سيلينا حيات آئيوي
- تميز الدين رضوي
- محمد سوجان - فٽبالر
- صديق ديوان - فٽبالر
- اشرف الدين احمد چنو - فٽبالر
- علاؤ الدين خان - فٽبالر
پڻ ڏسو
[سنواريو]- ڍاڪا، راجڌاني شهر
- چٽاگانگ، ٻيو وڏو شهر
- بنگلاديش ۾ شهرن ۽ قصبن جي فهرست
حوالا
[سنواريو]- 1 2 Population and Housing Census 2022 - District Report: Narayanganj (PDF). District Series. Dhaka: Bangladesh Bureau of Statistics. June 2024. ISBN 978-984-475-281-8. اصل نسخو (PDF) مان 2025-02-23 تي محفوظ ڪيل. 2026-05-08 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sub-national HDI – Area Database – Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org (انگريزي ۾). 12 July 2025 تي حاصل ڪيل.
- ↑ .
2017-12-20
{{cite web}}:|archive-date=requires|archive-url=(مدد); Missing or empty|title=(مدد); Missing or empty|url=(مدد) - ↑ "History of Narayanganj City Corporation". Bangladesh National Portal. 5 July 2024 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Bangladesh Population and Housing Census 2011 Zila Report – Narayanganj" (PDF). bbs.gov.bd. Bangladesh Bureau of Statistics. اصل نسخو (PDF) مان 2019-04-27 تي محفوظ ڪيل. 2024-02-01 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Community Tables: Narayanganj district" (PDF). bbs.gov.bd. Bangladesh Bureau of Statistics. 2011. اصل نسخو (PDF) مان 2022-09-29 تي محفوظ ڪيل. 2024-02-01 تي حاصل ڪيل.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- CS1 انگريزي-language sources (en)
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- سانچا
- Pages using infobox settlement with no coordinates
- CS1 errors: missing title
- CS1 errors: requires URL
- CS1 errors: archive-url
- نارائن گنج
- ڍاڪا ڊويزن
- بنگله ديش ۾ شهر
- ڍاڪا ڊويزن جا شهر
- ڍاڪا ڊويزن ۾ آباد جڳھون
- بنگلاديش جا بندرگاهه وارا شهر
