نادر بيگ مرزا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

نادر بيگ مرزا سنڌي ادب جي جديديت جو باني، سنڌي ادب جي روشن ستاري شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو سڀ کان وڏو پٽ هو. نادر بيگ مرزا جو جنم 1891ع ۾ ڪوٽڙيءَ ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم ڪوٽڙي، حيدرآباد ۽ ڪراچي جي مختلف اسڪولن ۾ ورتائين. پندرهن سالن جي ننڍي عمر ۾ 1906ع ڌاري لنڊن ياترا لاءِ روانو ٿيو. جتان نيٺ 1912ع ۾ بئريسٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ وڪالت جي شروعات لاڙڪاڻي کان ڪيائين. اڳتي هلي مئجسٽريٽ مقرر ٿيو ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين.

لکڻ ته نادر بيگ مرزا جو ڄڻ خانداني ورثو هو. 1920ع کان پوءِ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيائين، ٿوري گهڻي شاعري به سندس حصي ۾ اچي ٿي. ان دور ۾ هڪ بهترين ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان پاڻ کي مڃرايائين.

هو ٿياسافيڪل سوسائٽي جو ميمبر پڻ رهيو. ڪهاڻيون لکڻ کانسواءِ ڊرائنگ، نقاشي، موسيقي ۽ راڳ سان سندس گهڻي دلچسپي هئي.

سندس وفات ڪراچيءَ ۾ 3 فيبروري 1940ع ۾ ٿي، آخري آرامگاهه سندس اباڻي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي جي بلند شاهه قبرستان ۾ آهي.

سندس ڪهاڻين جو مجموعو نصير مرزا جي جاکوڙ سان پڌرو ٿيو آهي جنهن کي انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو ڇپايو آهي. ان ڪتاب ۾ نادر بيگ مرزا جون پنجويهه کن لکڻيون شامل آهن جن ۾ اڪثريت ڪهاڻين جي آهي. ڪتاب ۾ سندس چونڊ شاعري پڻ شامل ڪئي وئي آهي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

وڃي تون اي سگريٽ! چپ چم، عجيب

ٿئي شال منهنجو به اهڙو نصيب

هُتي توکي عزت ۽ حرمت ملي

هتي هڪڙو عاشق مري پيو ڀلي.

نادر بيگ مرزا ڪتاب جي ديباچي ۾ لکيو آهي،

”مون ته آکاڻيون ننڍي هوندي کان پي لکيون آهن، جو والد مرحوم جي ستي پيٽ ۾ پيل هئي. جڏهن ڪڏهن ساڻن گشت تي ويندو هوس ته منزل منزل تي پنو ۽ پينسل ڏيندا هئا ته جيڪي واٽ تي ۽ اڳين منزل تي ڏٺو ٻڌو اٿئي سو لکي اچ.“

”اڃا ڪا آکاڻي پوري مس ٿيندي هئي ته ڪونه ڪو سنگتي ايڊيٽر لامارو ڏئي کڻي ويندو هو.“

نادر بيگ مرزا جي ڪهاڻي ”مس ماڊلين“ مان چند ٽڪرا هيٺ نموني طور ڏجن ٿا:

  • وقت تي انگريزيءَ جا ٻه ٽي گفتا ٺوڪي وڃي پار پوندو هو. ڪٿي به ڪا دعوت يا پارٽي هوندي ته مرزا صاحب به ضرور اتي موجود هوندو، ۽ جيسين سڀ مهمان اٿي هليا نه وڃن تيسين پاڻ اٿڻ جو نالو ئي ڪونه وٺندو.
  • مرزا صاحب جو اتان اٿيو ته سڌو پنهنجي دوست مير اڪمل خان جي گهر پهتو. اڪمل به مرزا صاحب وانگر جهوني زماني جو ماڻهو هو.
  • ”نچندي آهي... ۽ سوبه بنهه اگهاڙي ٿي.“ مير اڪمل ڀت کي پٺ ڏيو ويٺو هو ۽ هاڻ سڌو سنئون ٿي ڪنڌ مرزا ڏي وڌائي پڇيائين، ”منهنجي سر جو قسم؟“ ”ها، اوهان جي سر جو قسم“ ۽ وري، ”ڇو؟ هلبو؟“ ”ها، يار، اکين سان...“
  • ”نه اسين البت پري ويٺا آهيون،“ مير صاحب چيو. هاڻ جو رقاصه اڳتي وڌي ته پٺين مان ڪنهن چيو، ”وٺو سائين، هاڻ ته ڪو فرق ڪونه رهيو.“ اهو ٻڌندي ئي وري مرزا ۽ مير جهٽ کڻي عينڪون لاٿيون، پر انهن اڃا عينڪون ملي ملي صاف پي ڪيون ته مس ماڊلين، ماڻهن کي آخرين سلام ڪري ويندي رهي.

حوالا[سنواريو]

  • ڪتاب، ”نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون“، مرتب: نصير مرزا