مواد ڏانھن هلو

ناتي (ناچ)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ناتي (ناچ) هندستاني ننڍي کنڊ جي اولهندي ۽ مرڪزي جبلن جي روايتي لوڪ ناچ مان هڪ آهي. اهو خاص طور تي ھماچل پرديش ۽ اتراکنڊ رياستن سان لاڳاپيل آھي. ناٽي روايتي طور تي ڪلّو، منڊي، شِملا، سرمور، چمبا، ڪناوَر، اترڪاشي، ڌرادون (جاونسر-بوار) ۽ ٿري گڙھوال ضلعن ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. جبلن ۾ رهندڙ ماڻهن جي وڏي پئماني تي ميدانن ڏانهن لڏپلاڻ جي ڪري، هي ناچ ميداني علائقن ۾ به مقبول ٿي چڪو آهي. روايتي طور تي، مقامي ماڻهو ڍول-ڊمائو نالي ٺهڪندڙ سازن جي ڌنن تي هن ناچ کي پيش ڪندا آهن. ناتي ناچ کي گنيز بُڪ آف ورلڊ ريڪارڊز ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو لوڪ ناچ مڃيو ويو آهي.[1]

ڪيناور جو ناتي ناچ

ناتي جا قسم

[سنواريو]

ناتي جا ڪيترائي قسم آهن، جهڙوڪ ڪلّوي ناٽي، ماهاسووي ناٽي، سرموري ناٽي، ڪناوري ناٽي، جونپوري ناٽي، برادا ناٽي، ۽ بنگاڻي ناٽي. گڙھوالي علائقي ۾، خاص طور تي ٿري گڙھوال ۾، ان کي ڪڏهن ڪڏهن تانڊي به چيو ويندو آهي، جڏهن ته جاونسر-بوار ۾ ان کي برادا ناٽي سڏيو ويندو آهي. لاهوُل ضلعو پنهنجو هڪ الڳ ناچ "گارفي" پيش ڪندو آهي، ۽ ناٽي هن علائقي جي ثقافت جو ڀاڱو ناهي.[2]. ڪناوري ناٽي ناچ اشارن تي ٻڌل هوندو آهي ۽ انهيءَ ۾ نرم ۽ ھوريان ھوريان پيرن جي چرپر شامل هوندي آهي.

ناتي ناچ جا انيڪ قسم ثقافتي روايتن پٽاندڙ مختلف آهن. انهن مان ڪجهه مشهور قسم هيٺيان آهن:

  1. ڪلّوي ناٽي – هي قسم خاص ڪري تي ڪلّو وادي ۾ مشھور آهي ۽ رنگين روايتي ويس وڳن سان ناچ ڪيو ويندو آهي.
  2. منڊي ناٽي – منڊي ضلعو هن جي پنهنجي نرالو ڍنگ ۽ راڳ سان مشهور آهي.
  3. . ڪناوري ناٽي – ڪناور علائقي ۾ ٿيندڙ هي ناچ وڌيڪ توانائي سان ڀرپور هوندو آهي.
  4. . سرموري ناٽي – سرمور ضلعو پنھنجي خاص انداز جي ناٽي لاءِ سڃاتو وڃي ٿو.
  5. . چمبَيالي ناٽي – چمبا ضلعو هن قسم جو مرڪز آهي، جيڪو پنهنجن خاص پرين کي وکن کڻڻ ۽ ٺهڪندڙ راڳ لاءِ مشهور آهي.
  6. . گڙھوالي ناٽي – ٿري گڙھوال ۽ اتراکنڊ جي ٻين علائقن ۾ مشهور هي قسم گهڻو ڪري ثقافتي ميلن ۽ وھانءَ تي ڪيو ويندو آهي.

هر علائقي جو ناچ پنهنجي ڌن، وکن ۽ انداز ۾ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، پر سڀني جو بنيادي جوهر جشن ۽ گڏيل سرھائي آهي.

نچي ڏيکارڻ (پرفارمنس)

[سنواريو]

ناتي ناچ جا مختلف انداز راسلِيلا ۽ چندراولي جي ڪهاڻين مان متاثر آهن. هي ناچ هندو ديوتائن سان لاڳاپيل آهي ۽ لڳ ڀڳ سڀني سرھائيءَ جي ڏڻن تي پيش ڪيو ويندو آهي، جهڙوڪ ڄم، وھانءَ، پوک ڪٽڻ، ۽ ڌارمڪ جشن جهڙوڪ دسهڙو ۽ ڏياري[3].ماضي ۾، ناٽي ناچ رُڳو مرد ڪندا هئا؛ پر هاڻي، زائفون به وڏي انگ ۾ هن روايتي ناچ کي اڳتي وڌائي رهيون آهن. ناچ نچڻ لاءِ ڪابه حد مقرر ناهي، ۽ ان ۾ ڪيترائي ماڻهو شرڪت ڪري سگهن ٿا. عام طور تي، ٽولي کي هٿ جو پنکو (چماري) جهلي بيٺل مرد اڳواڻي ڏيندو آهي. ناچ ڪندڙ هڪٻئي جا هٿ جهلي، گول دائري ۾ ترتيب وٺن ٿا ۽ سادي وکن سان گول گهُمڻ لڳن ٿا. ناچ جي رفتار موسيقيءَ جي ڌن سان تبديل ٿيندي آهي—هي آهستي شروع ٿيندو آهي ۽ موسيقيءَ جي تيز ٿيڻ سان تيز ٿي ويندو آهي. ناچ سان گڏ ڳائڻ ۾ آڳاٽي لوڪ ڪهاڻيون بيان ڪيون وينديون آهن[4][5][6]. پڇاڙيءَ ۾، يگيا (اڳاٽو هوم) ڪري ديوتائن کي ڀيٽا ڏني ويندي آهي[7].

ويس وڳا

[سنواريو]

ناتي ناچ ڪندڙ مرد عام طور تي هيماچلي ٽوپي (ڪپ)، ڪمربند، چُڙيدار، سُٿڻ (اون جا تنگ پاجاما)، ۽ چولا (گھيرو گھيرو لباس) پهريندا آهن. چولا کي ڊورا (ڪپڙي جي ڊوري) جي مدد سان چيلھ تي ٻڌو ويندو آهي. ٽوپيون اڪثر گلن سان سينگاريل هونديون آهن[8][9].

عورتون مختلف روايتي لباس جهڙوڪ گھگرو ۽ چولا پهرينديون آهن، ۽ چانديءَ جا زيور جن کي چانڪي ۽ تنڪي چيو ويندو آهي، لڳائينديون آهن. انهن جا مٿي ڍڪيل هوندا آهن سينگاريل روا (اسڪارف) سان، جنهن کي ڌاتو سڏيو ويندو آهي. انهن جا جُتيون هٿ سان ٺاهيل هونديون آهن، جن کي پُلا چيو ويندو آهي.

ڪلّو ناٽي جي هڪ خاص روپ ۾، عورتون چولو ۽ چُڙيدار پهرينديون آهن، ۽ قميص تي پٽو نالي ڪپڙي جو هڪ ٽڪرو ويڙهيل هوندو آهي.

زيورن ۾ چانديءَ جو نفيس هار، جنهن کي چندرا هار چيو ويندو آهي، بُمني، ۽ جھنجھر شامل آهن.

ناٽي ناچ لاءِ خاص طور تي نرالا ويس وڳا تيار ڪيا ويندا آهن[10][11][12].

راڳ وڄائڻ جا ساز

[سنواريو]

ناٽي ناچ ۾ ڪم ايندڙ ڪجهه موسيقي وڄائڻ جا ساز هيٺيان آهن: ڍول (ڊرم)، ڪرنال (ڊگهو سينڱ جهڙو ساز)، نرسنگها يا نرسنگهي (سينڱ نما ساز)، شهنايي، ۽ نڳارا (وڏا ڊرم).

ڏيھي ٻوليءَ ۾، راڳ وڄائيندڙن کي "تونيس" چيو ويندو آهي

[13][14]

سرمائوري ناتي

ريڪارڊ

[سنواريو]

جنوري 2016 ع جي ٻئي هفتي ۾، ناتي ناچ کي گنيز بُڪ آف ورلڊ ريڪارڊز ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي لوڪ ناچ طور درج ڪيو ويو. ناتي کي شرڪت ڪندڙن جي انگ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو لوڪ ناچ مڃيو ويو. 26 آڪٽوبر 2015 تي بين الاقوامي دسھڙي ميلي دوران، ڪلّوي روايتي رنگين لباس ۾ ڪل 9,892 عورتن هن لوڪ ناچ ۾ شرڪت ڪئي.


حوالا

[سنواريو]
  1. "‘Pride of Kullu’ enters Guinness Book", The Tribune (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 19 فيبروري 2025۔
  2. "Himachal Pradesh Dances - Folk Dances of Himachal Pradesh, Traditional Dance Himachal Pradesh India", Bharatonline.com, حاصل ڪيل 02 جنوري 2017۔
  3. "‘Pride of Kullu’ enters Guinness Book", The Tribune (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 19 فيبروري 2025۔
  4. Lab, The Heritage (10 جنوري 2024), "The Nati folk dance of Himachal in a painting by K.K Hebbar", The Heritage Lab (ٻولي ۾ en-GB), حاصل ڪيل 19 فيبروري 2025۔
  5. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named :2
  6. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named :3
  7. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named :0
  8. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named :02
  9. discoveruttarakhandmagazine (30 جون 2022), "NATI - Folk dance of Himachal and Uttarakhand", Discover Uttarakhand Magazine (ٻولي ۾ en-US), حاصل ڪيل 19 فيبروري 2025۔
  10. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named :03
  11. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named :1
  12. Padave, Nikhil, "The Incredible Nati dance of Kullu and its world record...!", reflections.live (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 19 فيبروري 2025۔
  13. "'Nati Nati' Not 'Naatu Naatu': The Fable Of Folk Dance In Himachal Pradesh", Outlook India (ٻولي ۾ انگريزي), 17 نومبر 2024, حاصل ڪيل 19 فيبروري 2025۔
  14. "Extraordinary Nati Himachal Traditional Nritya - Swadesi", swadesi.com (ٻولي ۾ en-US), 13 مارچ 2018, حاصل ڪيل 19 فيبروري 2025۔