نائيجر رياست

نائيجر رياست | |||
---|---|---|---|
Niger State | |||
مٿان کان کاٻي کان ساڄي: منا سٽي گيٽ (خروج)، ٽنگا چورنگي، AP چورنگي، منا جي مرڪزي مسجد، سينٽ مائيڪل چرچ، منا شهر جو لينڊ اسڪيپ نظارو | |||
| |||
سانچو:Pluralize from text: طاقت جي رياست سانچو:Pluralize from text | |||
![]() نائيجر رياست نائيجيريا جي نقشي ۾ هائي لائٽ ٿيل | |||
جاگرافي بيهڪ: 10°00′N 6°00′E / 10.000°N 6.000°E | |||
ملڪ | ![]() | ||
رياست جو درجو مليو | 3 فيبروري، 1976ع | ||
راڄڌاني | منا شهر | ||
Government | |||
• Body | نائيجر رياست جي گورنمينٽ | ||
• گورنر | محمد عمر بانگو (APC) | ||
• ڊپٽي گورنر | يعقوبو گاربا (APC) | ||
• قانون ساز | نائيجر جي رياستي اسيمبلي | ||
• سينيٽر | ثاني موسي (APC) عليو سابي عبدالله (APC) محمد بيما ايناگي (APC) | ||
• نمائندا | نمائندن جي فهرست | ||
Area | |||
• Total |
76,363 ڪ.م2 (29,484 ميل2) | ||
• Rank | پهريون |
نائيجر رياست (Niger State)، نائيجيريا جي وچ اوڀر واري علائقي جي هڪ رياست آهي. رياست جي سرحدون اوڀر ۾ ڪدونا رياست ۽ وفاقي راڄڌاني واري علائقي، اتر ۾ ڪيبي ۽ زمفارا رياستن ۽ ۽ ڏکڻ ۾ ڪوگي ۽ ڪوارا رياستن سان ملڻ ٿيون، جڏهن تہ رياست جي اولهندي سرحد نائيجيريا-بينن بين الاقوامي سرحد جو حصو آهي. ايراضي جي لحاظ کان اها نائيجيريا جي سڀ کان وڏي رياست آهي. رياست جو گاديءَ جو هنڌ مينا شھر آهي ۽ رياست 25 مقامي حڪومتي علائقن ۾ ورهايل آهي. ٻين وڏن شهرن ۾ بيدا، ڪونٽاگورا ۽ سوليجا شامل آهن.[5][6]
نائيجيريا جي 36 رياستن مان، نائيجر يارهين نمبر تي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري رياست آهي جنهن جي آبادي سال 2020ع تائين تقريبن 67 لک هئي.[7] جاگرافيائي طور تي، رياست اوڀر ۾ اولهه سوڊاني سوانا ۽ باقي رياست ۾ گني ٻيلا-سوانا موزائيڪ ايڪو ريجن جي وچ ۾ ورهايل آهي. ڪينجي ڍنڍ ۽ نائجر درياهه ۽ ڪدونا درياءَ رياست جا اهم پاڻي جا ذخيرا آهن، جن ۾ نائجر درياهه ڪينجي ڍنڍ کان رياست جي اولهه واري حصي مان وهندو آهي ۽ ڪوارا رياست سان سرحد ٺاهيندو آهي. نائجر رياست ڪينجي ڊيم، جيبا ڊيم ۽ شيرورو ڊيم جو گهر پڻ آهي، جيڪي هائيڊرو اليڪٽرڪ پاور جا اهم ذريعا آهن. اتي ڪينجي نيشنل پارڪ پڻ واقع آهي، جيڪو نائيجيريا جو سڀ کان وڏو نيشنل پارڪ آهي، جنهن ۾ ڪينجي ڍنڍ، بورگو گيم رزرو ۽ زگورما گيم رزرو شامل آهن.
نائيجر رياست نسلي طور تي متنوع آهي، جنهن ۾ آڊارا، فولاني، گباگي، هائوسا، هون-ساري، ڪمباري، ڪموڪو، ڪورو گنگاوا، نوپي ۽ ٻيا نسلي گروهه شامل آهن. اسلام ۽ عيسائيت سڀ کان وڏا مذهب آهن ۽ روايتي آفريڪي مذهبن جي پيروي ڪندڙن جي اقليت آهي.
تاريخي طور تي، جديد نائيجر رياست جا ڪجهه حصا طاقتور رياستن جا مرڪز هئا، جن ۾ نوپي بادشاهت، گباگي ۽ هائوسا بڪوائي رياستون شامل آهن. اڻويهين صديءَ جي شروعات ۾، رياست جا ڪجهه حصا فولاني جهاد کان پوءِ سوڪوٽو خلافت ۾ شامل ڪيا ويا. 1900ع جي شروعات ۾ برطانوي نوآبادياتي قبضي کانپوء علائقو اتر نائيجيريا پروٽيڪٽوريٽريٽ جو حصو بڻجي ويو. سال 1960ع ۾ نائيجيريا جي آزادي تي، رياست شروعاتي طور تي 1967ع تائين اتر علائقي جو حصو هئي ۽ پوء اتر-اولهه رياست جو حصو بڻجي ئي. 1976ع ۾، نائيجر رياست کي اتر-اولهه رياست جي ٽٽڻ کان پوءِ هڪ الڳ رياست طور بڻايو ويو ۽ 1990ع جي ڏهاڪي ۾، نائيجر رياست ڪوارا رياست کان بورگو علائقو حاصل ڪيو.
معاشي طور تي، نائيجر رياست وڏي پيماني تي زراعت سان گڏ چوپائي مال جي فارمنگ ۽ رڍن جي چاڙهڻ تي انحصار ڪندي آهي. رياست پنهنجي پن بجلي هائيڊرو پيدا ڪرڻ واري ڊيمن جي ڪري نائيجيريا جي توانائي جي شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. نائيجر رياست جي جي ڊي پي ملڪ ۾ ڏهين نمبر تي آهي، پر انساني ترقي جي اشاريي جي درجه بندي گهٽ آهي.[8]
تاريخ
[سنواريو]جاگرافي
[سنواريو]حڪومت
[سنواريو]آباديات
[سنواريو]ٻوليون
[سنواريو]قدرتي وسيلا
[سنواريو]ٽرانسپورٽ
[سنواريو]تعليم
[سنواريو]گيلري
[سنواريو]-
نائيجر رياست جو سيڪريٽريٽ
-
موبل جنڪشن
-
بهاگو چورنگي
-
سينٽ مائيڪل ڪيٿولڪ چرچ، منا شهر
-
منا شهر ۾ ڀلي ڪري آيا (داخلو)
-
بيدا شهر جي ويجهي چانور جي پيداوار واري وادي
پڻ ڏسو
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو] وڪيميڊيا العام تي نائيجر رياست بابت زمرا
حوالا
[سنواريو]- ↑ "2006 PHC Priority Tables – NATIONAL POPULATION COMMISSION". population.gov.ng. وقت 10 October 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2017-10-10. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Niger State: Subdivision". www.citypopulation.de. حاصل ڪيل 2024-02-07.
- ↑ 3.0 3.1 Okeowo, Gabriel; Fatoba, Iyanuoluwa, وڪي نويس. (2022-10-13). "State of States 2022 Edition" (PDF). Budgit.org. BudgIT. حاصل ڪيل 2023-03-07.
- ↑ "Sub-national HDI – Area Database – Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2018-09-13.
- ↑ Terhemba wuam, Muhammed Lawal Salahu (2014). Aspects of Niger state History: Essays in Honour of Professor Ibrahim Adamu Kolo.
- ↑ A.B. Mamman, J.O. Oyebanji (2000). Nigeria: A people United, A Future Assured. Vol.2.
- ↑ "Population 2006-2016". National Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 21 December 2021.
- ↑ "Sub-national HDI - Subnational HDI - Global Data Lab". globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2020-02-27.
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- غيرمددي پيراميٽر سان حوالا تي مشتمل صفحا
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- سانچا
- ٽٽل فائيل ڳنڍڻن وارا صفحا
- Coordinates on Wikidata
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- Niger State
- States of Nigeria
- States and territories established in 1976
- نائيجيريا
- نائيجيريا جي رياستون