مھاوير
ڏيک
مھاوير: تقريباً ساڳئي زماني ۾، جڏهن ٻڌ ڌرم وجود ۾ آيو، تڏهن هڪ ٻيو غير برهمڻي مذهب پڻ اڀريو، جنهن کي جين مت چيو وڃي ٿو. هن مذهب جو باني مھاوير هو، جيڪو عظيم گوتم ٻڌ وانگر هڪ راڄ گهراڻي سان تعلق رکندو هو. مھاوير جي ذاتي زندگي بابت تمام ٿوري ڄاڻ موجود آهي. هو ڄناتريڪ کشتري قبيلي سان واسطو رکندڙ هو، ۽ چيو وڃي ٿو ته سندس ماءُ ويشالي جي بادشاهه جي ڀيڻ هئي[1].
ترڪِ دنيا ۽ روحاني جدوجهد
[سنواريو]مهاوير ننڍي عمر ۾ ئي دنيا کان الڳ ٿي ويو ۽ راهب بڻجي ويو. ڪيترن سالن تائين سخت رياضتون ۽ نفس ڪشيون ڪرڻ کان پوءِ، هو جينا يا تيرٿنڪر يعني هڪ بزرگ ۽ روحاني راهبر بڻيو[1].
نرگرنٿن جو تنظيم ۽ تعليم
[سنواريو]زندگيءَ جي آخري ٽيھ سالن دوران، مهاوير پنهنجي زاهدن ۽ سادن راهبن جي جماعت کي منظم ڪيو، جن کي نرگرنٿ سڏيو ويندو هو. مهاوير جي وفات پاوا (پاپا) نالي هنڌ تي ٿي[1].