مواد ڏانھن هلو

مھاشوراتري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مھاشوراتري

ڀڳوان شو جي ڌيان لڳائيندي مورتي
ملهائڻ وارا ھندو ماڻھون
قسم ڌارمڪ
اهميت ڀڳوان شو ھلاھل ظھر پي ڪري دنيا کي بچايو ھيو
ڀڳوان شو جو مشھور تانڊو نرتيہ
لنگ جو پرڳٽ ٿيڻ[1]
رسمون
تاريخ ماگھ مھيني جي اونداھي چوڏس
دورانيو 1 ڏينھن
تقرر سالاڻو

 

مهاشِوراتري هڪ هندو ڏڻ آهي جيڪو هر سال فيبروري ۽ مارچ جي وچ ۾ ملھايو ويندو آهي. اھو ڀڳوان شِو کي سمرپت آھي. [3] هندو ڪئلينڊر جي مطابق، هي ڏڻ ڦاڳڻ مھيني جي سھائي پڪش جي پھرين ڏينھن تي ملھايو ويندو آھي. [3] [4] هي ڏڻ شِو ۽ پاروتيءَ جي شاديءَ جي ياد [5] ۽ شِو پاران تانڊو نرتيہ پيش ڪرڻ جي موقي تي ملھايو ويندو آھي . [6] [7]

هي هندومت ۾ هڪ اھم ڏڻ آهي، جيڪو زندگي ۽ دنيا ۾ "اوندهہ ۽ اگيان تي قابو پائڻ" جي ياد ڏياري ٿو. ھن ڏينھن ماڻھون ڀڳوان شِو کي ياد ڪندا آھن، ورت رکندا آھن، جاپ ڪندا آھن، ۽ شو جو ڌيان ڪن ٿا ۽ سچائي، ٻين کي ڏک نہ ڏيڻ، وغيرہ ڳالھين جو ڌيان ڪن ٿا. [4] خاص ڀڳتي رکندڙ ڀڳت سڄي رات جاڳندا رهندا آهن. ٻيا شِوَ جي مندرن مان ڪنھن جي ياترا ڪندا آهن يا جيوترلنگن جي ياترا تي ويندا آهن. اهومڃيو ويندو آھي تہ اھو ڏڻ پنجين صدي قبل مسيح ۾ شروع ٿيو هو. [4]

ڪشمير جي شيومت ۾، هن ڏڻ کي ڪشمير علائقي جي شِو ڀڳتن پاران هر راتري يا آسان طور تي هَيرٿ، ھيرت يا هيرٿ سڏيو ويندو آهي.

حوالا

[سنواريو]

[8] [9]

  1. Stephen Knapp (2012), Hindu Gods & Goddesses, Jaico Publishing House, India, ISBN 9788184953664, page 110
  2. Melton, J. Gordon (2011). Religious Celebrations: An Encyclopedia of Holidays, Festivals, Solemn Observances, and Spiritual Commemorations. ABC-CLIO. pp. 541–542. ISBN 978-1-59884-206-7. https://books.google.com/books?id=lD_2J7W_2hQC.
  3. 1 2 Lochtefeld, James G. (2002) (en ۾). The Illustrated Encyclopedia of Hinduism: N-Z. Rosen. pp. 637. ISBN 978-0-8239-3180-4. https://books.google.com/books?id=GnmPzgEACAAJ.
  4. 1 2 3 Jones, Constance; D. Ryan, James (2006). Encyclopedia of Hinduism. Infobase Publishing. p. 269. ISBN 978-0-8160-7564-5. https://books.google.com/books?id=OgMmceadQ3gC&pg=PA269. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; name "JonesRyan2006p269" defined multiple times with different content
  5. Coulter, Charles Russell; Turner, Patricia (6 December 2021) (en ۾). Encyclopedia of Ancient Deities. McFarland. pp. 428. ISBN 978-0-7864-9179-7. https://books.google.com/books?id=QEJUEAAAQBAJ&dq=shivaratri+wedding&pg=PA428.
  6. Dhoraisingam, Samuel S. (2006). Peranakan Indians of Singapore and Melaka. Institute of Southeast Asian Studies. p. 35. ISBN 978-981-230-346-2. https://books.google.com/books?id=QHwcAgAAQBAJ&pg=PA35.
  7. Om Prakash Juneja; Chandra Mohan (1990). Ambivalence: Studies in Canadian Literature. Allied. pp. 156–157. ISBN 978-81-7023-109-7. https://books.google.com/books?id=39FHAAAAYAAJ.
  8. Brunn, Stanley D. (2015). The Changing World Religion Map: Sacred Places, Identities, Practices and Politics. Springer. pp. 402–403. ISBN 978-94-017-9376-6. https://books.google.com/books?id=CGh-BgAAQBAJ&pg=PA403.
  9. Maitra, Asim (1986). Religious Life of the Brahman: A Case Study of Maithil Brahmans. Munshilal. p. 125. ISBN 978-81-210-0171-7. https://books.google.com/books?id=f3LXAAAAMAAJ.