مواد ڏانھن هلو

مڌوبني ڪلا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڀڳوان شو ۽ پاروتيءَ جي مھاوديائن سان گڏ مِٿِلا پينٽنگ.

مَڌوُبنيِ ڪلا (جنھن کي مِٿِلا ڪلا پڻ چيو ويندو آھي) ڀارت ۽ نيپال جي مثلا علاقي جي ھڪ روائتي لوڪ ڪلا آھي. ھن جو نالو هندستان جي بهار جي مڌوبني ضلعي جي نالي تي رکيو ويو آهي، جتان اها ڪلا شروع ٿي. وڌ ۾ وڌ مڌوبني تصويرون ۽ نقاشيون ھن علاقي ۾ اي ٺھن ٿيون. [1] [2] جِتوَرپور، رَنتي ۽ رَسيدپور ٽي اھڙا شھر آھن جيڪ ھن ڪلا جي روايت سان وڌ ۾ وڌ جڙيل آھن. [2] اھا ڪلا روايتي طور تي عورتن پاران ڪئي ويندي آھي. [3] ڪلاڪار اهي تصويرون مختلف ذريعن کي استعمال ڪندي ٺاهيندا آهن، جن ۾ انهن جون پنهنجون آڱريون، يا ٽاريون، برش، نب پين، ۽ ماچس جون اسٽڪ شامل آهن. رنگ قدرتي وسيلن کي استعمال ڪندي ٺاهيو ويندو آهي.اوڪر کي ڳاڙھائي ڀوري ۽ ليمپبليڪ(ڪوئلي جي رک) کي ڪاري رنگ لاءِ استمعال ڪيو ويندو آھي. [4] تصويرن جي خاصيت آھي ھنن جيون جاميٽرڪ ڊزائنز جي اکين کي پاڻ ڏانھہ آڪرشت ڪن ٿيون. خاص موقعن لاءِ رسم جو مواد موجود آهي، جهڙوڪ پيدائش يا شادي، [3] ۽ ڏڻ، جهڙوڪ هولي ، سوريه شَستي، ڪالي پوجا ، اُپَنَيَن ، ۽ دُرگا پوجا .

روايتي طور تي، اھا ڪلا مٿلا علائقي جي خاندانن ۾ پيڙھي در پيڙھي ٻارن کي وراست جي روپ ۾ ملندي ھئي، خاص طور تي عورتن طرفان. [5] اها ڪلا اڃا تائين مٿلا علائقي ۾ الڳ الڳ ادارن رستي ھلي رھي آھي.درڀنگا ۾ ڪلاڪرِتيِ، مڌوبني ضلعي جي بينيِپٽيءَ ۾ ويديھي، ۽ رنتيءَ ۾ گرام وڪاس پريِشد ڪجھہ اھڙيون سنسٿائون آھن جن اڃان بہ ھن ڪلا کي زندہ رکيو آھي.[6]

اصل ۽ روايت

[سنواريو]

مڌوبني تصويرون پهريون ڀيرو هندو ديوي سيتا جي جنم ڀومي مٿلا ۾ ٺاهيو ويون هيون. جڏهن سيتا ۽ سندس مڙس راجڪمار رام جي شادي ٿيڻي هئي، تہ سيتا جي پيءُ، راجا جنڪ ، شاديءَ جي لمحن کي سنڀالي رکڻ لاءِ تصويرن جي درخواست ڪئي. مڌوبني دلا (يا مٿلا ڪلا) روايتي طور تي ڀارت جي مٿلا ڳلائقي جي مختلف برادرين جي عورتن پاران ٺاهي ويندي هئي. ان جي شروعات بهار جي مٿلا علائقي جي مڌوبني ضلعي مان ٿي. مڌوبني انهن پينٽنگس جو هڪ وڏو ايڪسپورٽ سينٽر پڻ آهي. [7]پراڻي دور ۾ اھي تصويرون ڀتيون تي ٺاھيون وينديون ھيون. پنن ۽ ڪينواس تي پيٽنگ ٺاھڻ جي روايت پوءِ کي مڌوبنيءَ جي آس پاس جي ڳوٺن ۾ شروع ٿي. انڪري مٿلا پينٽنگ سان گڏوگڏ مڌوبني ڪلا نالو پڻ ڪم آڻجڻ لڳو

  1. Richman, Paula (2025). India's Mithila Painting. University of Washington Press. ص. xvi. ISBN 9780295753225.
  2. 1 2 Nirala, Narendra Narayan Sinha (2010). "Madhubani: A Contemporary History (1971-2011)". Proceedings of the Indian History Congress 71: 1243–1250. ISSN 2249-1937. https://www.jstor.org/stable/44147593.
  3. 1 2 Brown, Carolyn Henning (1996). "Contested Meanings: Tantra and the Poetics of Mithila Art". American Ethnologist 23 (4): 717–737. doi:10.1525/ae.1996.23.4.02a00030. ISSN 0094-0496. https://www.jstor.org/stable/646180.
  4. What's the Use of Art?: Asian Visual and Material Culture in Context. University of Hawai'i Press. 2008. ISBN 978-0-8248-3063-2. JSTOR j.ctt6wqtng.
  5. "Know India: Madhubani Painting". India.gov.in. اصل نسخو مان 7 September 2011 تي محفوظ ڪيل. 2013-09-21 تي حاصل ڪيل.
  6. Tewary, Amarnath (November 28, 2012). "Indian tribal art form Madhubani to save trees". BBC News. December 8, 2023 تي حاصل ڪيل.
  7. Madhubani Painting. Abhinav Publications. 30 سيپٽمبر 2017. ISBN 9788170171560. اصل نسخو مان 21 فيبروري 2017 تي محفوظ ڪيل Google Books وسيلي.