مڇيءَ جا ڪواب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

تعارف[سنواريو]

ترڪيب[سنواريو]

هيٺيون گھربل شيون تيار ڪري رکو:

  • مڇي اڌ ڪلو
  • ڊبر روٽيءَ جا سلائيس
  • بصر هڪڙي ڳنڍ
  • ٿُومَ جو پائُوڊر هڪ چانهہ جو چمچو
  • گرم مصالحو هڪ چمچو
  • سُڪَل روٽي
  • ادرڪ جو پائوڊر هڪ چمچو
  • ڪوتمير
  • لُوڻ
  • ساوا مرچ ٻہ عدد
  • بيدا ٻہ عدد
  • تيل هڪ پاءُ لٽر

طريقو[سنواريو]

  1. هڪڙي هنڊيءَ ۾ ڳچ پاڻي ڀري چلهہ تي رکو.
  2. مڇيءَ کي پرڻ ۾ رکو ۽ پرڻ کي هنڊيءَ تي رکو.
  3. چلهه چالُو ڪريو.
  4. مڇي ڳري وڃڻ کان پوءِ چلهہ بند ڪريو.
  5. تيسين ساون مرچن کي ڪُتريو.
  6. سُڪَل روٽيءَ کي ڪُٽي چورو ڪريو.
  7. هاڻي بصر جي ڳنڍ کي سنهو ڪٽيو.
  8. روٽيءَ جي چئن سلائيسن کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙيو ۽ پوءِ نپُوڙيو.
  9. بيدن کي ٽوڙي انهن جي اڇاڻ کي هڪ پياليءَ ۾ وجھو، جڏهن ته ٽڪيون الڳ ڪري ڇڏيو.
  10. ڪوتمير کي سنهو ڪُتريو.
  11. هاڻي مڇي ڳري چڪي هوندي، چلهہ کي بند ڪريو ۽ مڇيءَ کي ڪنهن ٿانو ۾ رکي ڪُٽيو.
  12. هاڻي مڇيءَ ۾ لوڻ، ڪُتريل ساوا مرچ، ڪوتمير، ۽ ادرڪ جو پائوڊر ملايو ۽ چڱي نموني مڪس ڪريو.
  13. هاڻي ٿوري ٿوري مڇي کڻي ان جا گول ڪواب ٺاهي هڪ پليٽ ۾ رکندا وڃو.
  14. هاڻي چلهہ تي فرائڱ پان رکو.
  15. فرائڱ پان ۾ تيل وجھو.
  16. مڇيءَ جي ڪوابن کي بيدي جي اڇاڻ ۾ ٻوڙي فرائڱ پان ۾ وجھي تريندا وڃو.
  17. مڇيءَ جي ڪوابن کي سڙڻ کان اڳ فرائڱ پان مان ڪڍڻ نہ وساريندا.
  18. فرائڱ پان مان ڪڍي پليٽ ۾ رکندا وڃو.
  19. هاڻي وڃي کائو.