مواد ڏانھن هلو

مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وڪيپيڊيا تي ڀليڪار
سنڌي ۾ 17,815 مضمون آهن.

چونڊ مضمون

عبدالقادر جيلاني جنهن کي محي الدين، شيخ عبدالقادر جيلاني جي نالي سان پڻ سڏين ٿا، هڪ سُني حنبلي طريقي جو صوفي ۽ صوفين جي قادري سلسلي جو باني آھي. گيلان صوبي سان تعلق ھجڻ ڪري کيس گيلاني چوندا آهن. عربي ٻولي ۾ گيلان کي جيلان سڏيو ويندو آهي، تنھن ڪري کيس جيلاني پڻ سڏين ٿا. ھن ابتدائي تعليم پنھنجي اباڻي شهر ۾ حاصل ڪئي ۽ 1095ع ۾ ارڙھن سالن جي عمر ۾ ھي حنبلي فقہ سکڻ لاء بغداد روانو ٿيو. ھن جي نمايان ڪمن ۾ قادريہ مدرسي جو بنياد وجھڻ ھو، جيڪو اڳتي ھلي ديني تعليم جو مرڪز بڻيو، ھن جي مصروفيت جو مرڪز ھن جو مدرسو ھو جتي ھي دين جو علم سيکاريندو هو ۽ بطور مفتي پڻ ڪم ڪندو هو. ھن پنھنجي خطبن ۾ غريبن ۽ محتاجن جي مدد جي تلقين ڪئي ۽ اسلامي فقھي تقاضائن کي روحانيت جي مطابقت ۾ آڻڻ جو درس ڏنو. عراق جي شھر بغداد ۾ مزار ھجڻ جي ڪري ھن کي بغدادي پڻ سڏيو ويندو آھي. ڏکڻ ايشيا جا ماڻھو ھن کي پيران پير ۽ دستگير سڏيندا آهن، ھن کي غوثِ الاعظم جي لقب سان پڻ سڏيو وڃي ٿو. ھي 1166ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ کيس سندس مدرسي ۾ دفن ڪيو ويو، جيڪو ھڪ پاڪ زيارت گاھ بڻجي چڪو آھي.

خبرن ۾


  • 2024ع جي آمريڪي صدارتي چونڊن جي اميدوار ۽ اڳوڻو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ (تصوير) ھڪ قاتلاڻي حملي ۾ محفوظ رھيو.
  • گڏيل بادشاھت جي عام چونڊن ۾ ليبر پارٽي سوڀاري ٿي، ۽ ڪيئر اسٽارمر وزيراعظم چونڊجي ويو.
  • بارباڊوس ۾ کيڏيل مردن جي ٽي20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي آخري راند ۾ ھندوستان، ڏکڻ آفريڪا کي ھارائي ورلڊ ڪپ کٽي ورتو.
  • وڪي ليڪس جي باني جوليان اسانج کي جيل مان آزاد ڪيو ويو.
  • روس جي شھر داغستان ۾ منظم حملن جي نتيجي ۾ 28 ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا.

ڇا توھان ڄاڻو ٿا؟

  • ... تہ مَٽيارين جو موتُ ويندي... چوڻي ھڪ فتوا سبب مشھور ٿي، جنھن ۾ چيل ھو تہ ڪو هندو ”ادا“، ”ڀائو“ وغيرہ چوي تہ ان کي زوري مسلمان ڪيو وڃي.
  • ... تہ ٿر ۾ 18ھين صدي جي آخر ۾ مھا ڏُڪار آيو، جنھن کي ڇپنو ڏڪار چيو ويندو آھي.
  • ... تہ ماتا ترپتا ھندو ڌرم سان تعلق رکندي ھئي ۽ بعد ۾ مذھب تبديل ڪري سک ٿي، سک ازم جو باني سندس پٽ گرو نانڪ (تصوير) ھو.
  • ... تہ انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا جو آخري ڇپيل ايڊيشن 32 جلدن ۽ 32،640 صفحن تي ٻَڌل آهي.
  • ... تہ دنيا جي سڀني پوڄائن مان لنگ جي پوچا جو رواج نهايت قديم آهي.

اڄ جو قول

وڪيپيڊيا:اڄ جو قول/جُولاءِ 20

اڄ جو لفظ

0

اڪثر چيو ويندو آهي: آءٌ / آئون ڪنڊيارو مان پيو اَچان.
سنڌي ٻوليءَ جي ويڪارڻي سٽاءَ موجب، هينئن هئڻ گهرجن:
آءٌ / آئون ڪنڊياري مان پيو اَچان.
يا: هُو ڪالهہ ممبئي ويو، درست جملو، هو ڪالهہ ممبئيءَ ويو.


ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 17,815 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

بھترين مضمون

اگرتلا سازش ڪيس پاڪستان ۾ ھڪ بغاوت جي ڪيس جو نالو آھي، جيڪو ايوب خان جي دور ۾ حڪومتِ پاڪستان عوامي ليگ جي سربراهہ شيخ مجيب الرحمٰن ۽ ٻين 34 ماڻھن مٿان داخل ڪيو ھو. ھن ڪيس ۾ شيخ مجيب الرحمٰن ۽ ٻين مٿان ھندوستان سان ملي پاڪستان جي سالميت خلاف سازش ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو. حڪومتي موقف مطابق ھي سازش ھندوستان جي شھر اگرتلا ۾ رٿي وئي، ان لاءِ عام طور تي ھن کي اگرتلا سازش ڪيس جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ھن ڪيس لاءِ پاڪستان جي تعزيري ضابطن ۾ ترميم ڪئي وئي جيئن فريادي کي فائدو پهچي سگهي. ھن مقدمي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ بغاوت ايوب خان جي حڪومت جي خاتمي ۾ هڪ اهم ڪارڻ بڻي. ھن مقدمي کي بنگلاديش جي آزاديءَ جي جنگ جي اهم واقعن ۾ بہ ڳڻيو وڃي ٿو.

اڄ جو ڏينھن

ڇنڇر 20 جُولاءِ 2024ع مطابق 12 محرم 1446ھ


علاوالدين خلجي
علاوالدين خلجي

ڪولمبيا ۾، آزادي جو ڏينهن

  • 1940 — دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم سريماوو بندرانائڪي (تصوير) سريلنڪا ۾ عهدو جو قسم کنيو.
  • 1944 — حڪومتي انگ اکرن مطابق ممئبي ۾ مليريا وگھي 3 مهينن ۾ 34 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
  • 1947سرحد صوبي جي ماڻهن ريفرينڊم جي ذريعي پاڪستان سان الحاق جي حمايت ڪئي.
  • 1949عاسرائيل ۽ شام 19 مهينن جي جنگ کان پوءِ جنگ ختم ڪرڻ جي مهادي تي صحيون ڪيون.
  • 1969ع — پهريون دفعو ڪنهن ماڻهو چنڊ تي قدم رکيو، اهو اعزاز آمريڪي خلاباز نيل آرمسٽرانگ کي حاصل آهي.

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 17,815 مضمون موجود آهن.
وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريو مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ: ، ، ، ۽ ۾ گڏجو.
(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)