مينگانيز
مينگانيز | |
|---|---|
| نشان | Mn |
| ايٽمي انگ (Z) | 25 |
| ايٽمي وزن (A) a.m.u. | 54.938 |
| گروپ | VII A (منتقلي تت) |
| سيريز | 4 |
| بلاڪ | d-block |
| اليڪٽران جي ترتيب | 3d5 4s2 Ar |
| هر مدار ۾ اليڪٽرانن تعداد | 2 8 13 2 |
| معياري دٻا ۽ گرميء پد تي حالت | ٺوس (solid) |
| ايٽمي ريڊيس | 124 پيڪو ميٽر |
| آڪسائيڊيشن نمبر | +2 (عام طور)،+4، +7،−3،−2،−1، 0،+1،+3،+5،+6 |
| گھاٽائي (20°C تي) | 7.476 گرام في ڪعبي سينٽي ميٽر |
| سڃاڻپ | ? |
| ايٽمي ريڊيس | 127 پيڪو ميٽر |
| حڪومت | |
| • اُبلڻ جو نقطو | 2334°K 2061°C |
| • پگھلڻ جو نقطو | 1519°K 1246°C |
| • پگھرائڻ لاء حرارت (في مول) | 12.91 ڪلو جول |
| • مولر گرمي جي گنجائش | 26.32 جول في مول-ڪيلون |
| • آئيونائزيشن انرجي (في مول) | پهريون: 717.3 ڪلو جول، بيون: 1509.0 ڪلو جول، ٽيون: 3248 ڪلو جول |
| ٻاڦ جي حرارت (في مول) | |
مينگنيز (Manganese) هڪ ڪيميائي تت آهي، جن جو نشان "Mn" ۽ ايٽمي نمبر "25" آهي. اهو هڪ سخت، ڀُرندڙ، چاندي جي رنگ جو ڌاتو آهي. اهو اڪثر ڪري معدنيات ۾ لوهه سان ميلاپ ۾ ملي ٿو. مينگنيز کي پهريون ڀيرو 1770ع جي ڏهاڪي ۾ الڳ ڪيو ويو، اها هڪ منتقلي ڌاتو (Transition Element) آهي.
صنعتي مصرن ۾ هن جي گهڻ رخي استعمال، خاص طور تي اسٽيل (Stainless Steel) ۾، هن جي مڪسنگ، اسٽيل جي طاقت، ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ مزاحمت کي بهتر بڻائي ٿو. مينگنيز آڪسائيڊ کي هڪ آڪسائيڊائزنگ ايجنٽ طور استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ هن کان سواء رٻڙ ۾ شامل ڪرڻ لاء، شيشو ٺاهڻ لاء ۽ ڀاڻ ۽ سيرامڪس ۾ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي. مينگنيز سلفيٽ کي فصلن ۾ فنگي جي ختم ڪرڻ لاء فنگيسائيڊ طور به استعمال ڪري سگهجي ٿو.
مينگنيز انساني غذا جو پڻ هڪ ضروري جزو آهي. اهو غذا جي وڏي نيوٽريئنٽ (macronutrient) جي ميٽابولزم، هڏن جي ٺهڻ ۽ آزاد ريڊيڪل جي دفاعي نظام ۾ اهم آهي. اهو ڪيترن ئي پروٽين ۽ اينزائمز ۾ هڪ اهم جزو آهي. اهو گهڻو ڪري هڏن ۾ ملي ٿو، پر جگر، بکين ۽ دماغ ۾ پڻ ملي ٿو. انساني دماغ ۾، اها مينگنيز ميٽالوپروٽين سان ڳنڍيل آهي، جيڪو ايسٽروسائٽس ۾ گلوٽامن جي سنٿيسس لاء سڀ کان وڌيڪ قابل ذڪر آهي .
ليبارٽرين ۾ هن جو هڪ ڊيپ واڱڻائي لوڻ، پوٽاشيم پرمينگيٽ جي صورت ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. اهو ڪجهه اينزائمز جي فعال جڳهن تي ٿئي ٿو.[1] هڪ اهم ڪم هن جو آڪسيجن سان گڏ (Mn-O) ڪلستر آهي، جيڪو ٻوٽن ۾، آڪسيجن جي ٺاهڻ ۾، آڪسيجن وڌائڻدڙ طور ڪم ڪري ٿو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Roth, Jerome; Ponzoni, Silvia; Aschner, Michael (2013). "Manganese Homeostasis and Transport". ۾ Banci, Lucia (مرتب). Metallomics and the Cell. Metal Ions in Life Sciences. جلد 12. Springer. ص. 169–201. doi:10.1007/978-94-007-5561-1_6. ISBN 978-94-007-5560-4. PMC 6542352. PMID 23595673. Electronic-book ISBN 978-94-007-5561-1.
- اهڙا مضمون جن ۾ هيٽ نوٽ سانچا غير موجود صفحي کي نشانو بڻائن ٿا
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with unknown parameters
- Pages using infobox settlement with no map
- Pages using infobox settlement with no coordinates
- ڪيميائي تت
- مينگينيز گروپ