مير ڪمال الدين رضوي
مير ڪمالدين احمد ولد سيد عنايت اللـﮧ رضوي بکري، اگرچه وڏو عالم ۽ فاضل هو ته به دولتمند هئڻ ڪري ڏاڍو تجمل سان رهندو هو ۽ ساڳئي وقت ۾ سندس والد تارڪ ٿي پوک ڪري گذران ڪندو هو. هن سيد گهڻائي ڪتاب لکيا: جيئن ته ”شرح ديوان حافظ“ ۽ ”اصلاحات رضويه“. سنه1132هه ۾ وفات ڪيائين ۽ ست پٽ ڇڏيائين، جن مان پهريون مير مرتضيٰ ٽيهن ورهين جي عمر ۾ عالم ۽ فاضل ٿيو ۽ هنر به گهڻا سکيو سپاهگيريءَ جي فن ۾ به هوشيار هو. ستن قسمن جا خط يا اکر لکندو هو. مرزا صائب جو شاگرد آقا تعظيما جڏهن ٺٽي ۾ آيو، تڏهن هن جا شعر نهايت پسند ڪيائين ۽ تخلص ”الهام“ ڏنائينس. هن شاهه عالم دهليءَ جي بادشاهه وٽ وڏو درجو حاصل ڪيو. آخر سنه1120هه ۾ عين جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين. هن سيد جو ڀاءُ مير نجم الدين به نالي وارو ٿيو. اهو مخدوم محمد معين جو ڀاڻيجو ۽ شاگرد هو ۽ مدرسو به رکندو هو. گهڻائي ڪتاب تصنيف ڪيائين، منطق ۽ ڪن ٻين علمن تي ڪيترا رسالا لکيائين. لکڻ جو اهڙو چالاڪ هو جو هر هڪ رسالي لکڻ ۾ هڪ ڏينهن کان وڌيڪ نه لڳايائين، ”طوطينامه“ فارسي لکيائين، جو بخشيءَ واري ”طوطينامه“ کان بهتر هو. شعر به تمام چڱو چوندو هو، تخلص ”عُزلت“ هوندو هوس. انهيءَ به ننڍي عمر ۾ سنه1160هه ۾ وفات ڪئي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو