مواد ڏانھن هلو

مير لطف الله عرف متارو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مير لطف الله عرف متارو(انگريزي: Mir Lutufullah ، Mataro) سنڌ جي ڪلهوڙا خاندان جي حاڪم ميان نورمحمد ڪلهوڙي جو وزير ھيو.مير لطف الله، ميان صاحب جو خاص وزير ۽ صلاحڪار هو. سرڪاري دفتر ۽ ٻاهرين ملڪن سان خط و ڪتابت ڪرڻ جو دفتر پڻ سندس ئي سپرد هو. سرڪاري فرمان ۽ لکپڙهون ۽ حڪومت جا نازڪ ۽ منجهيل سياسي مسئلا ۽ اهم مراسلا، مير لطف الله پاڻ لکندو هو. مير لطف الله جي شروعاتي دور ۾ جيڪي به اهم سياسي خواهه ملڪي معاملا درپيش آيا، تن سڀني ۾ هن نهايت ئي تدبر، دانشمدي ۽ سياڻپ سان پنهنجا رايا ۽ مشورا ڏنا ۽ سندس انهن راين ۽ مشورن کي ميان نور محمد خان ڪلهوڙي وٽ وڏو وزن هوندو هو. نه صرف ملڪي، بلڪ ڪلهوڙا خاندان جا گهرو مسئلا پڻ مير صاحب حل ڪندو هو، ۽ انهن ۾ کيس ڪافي دخل هوندو هو.[1]ميان نورمحمدخان جي طرفان دهليءَ جي مغل درٻار ۾ سفير جي حيثيت ۾ رهندو هو ۽ سنڌ جي مفادات جي تحفظ جو ڪم ڪندو هو. انهيءَ ڳالهه جي ثابتي منشي انند رام ”مخلص“ جي ”رقعات مخلص“ جي ديباچي مان ظاهر ٿئي ٿي. ساڳئي وقت انهن خطن مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته انند رام ”مخلص“ مير صاحب جو گهاٽو دوست هو ۽ مير صاحب جي معرفت ”مخلص“ جا دهلي سرڪار جي وزير اعتمادالدوله سان دوستي جا تعلقات استوار ٿيا هئا.[1]. مير لطف الله، ميان صاحب پاران سفارت ۽ وڪالت کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي ملڪ جي سياسي ۽ فوجي مهمن ۾ گڏ رهيو. مير لطف الله سياسي بصيرت سان گڏ اعليٰ درجي جو فوجي جنرل پڻ هو. پاڻ ڪيترين ئي فوجي صلاحيتن جو مالڪ هو. سن 1158ھ/1745ع ۾ جڏهن ميان نور محمد خان ڪلهوڙي ڪانجيءَ جي قلعي تي ڀرپور حملو ڪيو هو، ان وقت مير لطف الله به ميان صاحب سان گڏ رهيو هو ۽ قلعي جي فتح ۾ مير صاحب جو پڻ هٿ ونڊايائين.[1]

ذاتي زندگي

[سنواريو]

”گلدسته نورس بهار“ جي بيان مطابق مير لطف الله کي ڪلهوڙن جي دؤر ۾ وڏي اهميت حاصل هئي. پاڻ سنڌ ۾ گهڻو ڪري پنهنجي عرفي نالي ”مير متارو“ سان مشهور رهيو آهي. سندس حياتيءَ جي احوال متعلق شمس العلماء مرزا قليچ بيگ لکي[2] ٿو[1]:

”مير لطف الله ولد سيد عبدالڪريم، جنهن کي مير متارو شاهه به چوندا هئا، سو لڪيءَ واري شاهه صدر جي پوٽن مان هو. پهرئين دهليءَ جو وڪيل هو ۽ پوءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو وزير ٿيو ۽ چڱو نالو ڪڍيائين ۽ سن 1160هه ۾ وفات ڪيائين."

مرزا قليچ بيگ[1]

مرزا قليچ بيگ جي تقليد ڪندي مولائي شيدائي مرحوم ”تاريخ جنت السنڌ“ ۾ مير صاحب جي باري ۾ لکي ٿو[3]ته: ”مير لطف الله عرف مير متارو ڪلهوڙن جي پاران دهلي درٻار ۾ سفير ٿي رهيو هو. مير لطف الله عرف مير متارو ولد سيد عبدالڪريم، جو شاهه صدر لڪيءَ واري جي اولاد مان هو، ميان نورمحمد ڪلهوڙي جو وزير ٿي رهيو. سندس تاريخ وفات محمد پناهه ”رجا“ ٺٽوي هن ريت ڪڍي آهي:[1]

هرکه آمد سرقبرش وفات
. ”رحمت ايزد بجان مير لطف الله گفت“

1160ه

مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي ”مقالات الشعراء“ ۾ سندس هڪ ڀاءُ جو ذڪر ڪيو آهي. مير قانع سندس ڀاءُ جي وفات جو ساڳيو سال سندس وفات وارو ڄاڻايو آهي. مير قانع لکي ٿو ته: ”مير لطف الله جو هڪ ڀاءُ مير شهزادو هو، جو پڻ 1160ھ ۾ فوت ٿيو. قاضي عبدالقادر هن جي وفات جي تاريخ هن ريت چئي: ”گرفته مسڪن باشد شهيد شهزاده“ 1160ھ [4] . انهيءَ بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته مير صاحب جي ڀاءُ شهزادي ڪنهن جنگي مهم ۾ شهادت حاصل ڪئي هئي[1].

آخري ايام

[سنواريو]

مير لطف الله سن 1160 هجريءَ ۾ هن فاني دنيا مان رحلت ڪئي. مير صاحب کي ميان نورمحمدخان ڪلهوڙي جي طرفان دولتپور ۽ اُن جي آس پاس جي زمين جاگير ۾ مليل هئي. مير صاحب پنهنجي حياتي جا ڏينهن خداآباد ۾ پورا ڪيا. ان وقت اڃا محمد آباد جو وجود به ڪونه هو. وفات کان پوءِ سندس لاش کي سندس جگير دولت پور صفن ۾ دفن ڪيو ويو. مير لطف الله عرف مير متارو جي تربت دولتپور شهر ۾ قومي شاهراه جي بلڪل وٽ سان اڀرندي طرف کان ميان محمد حسن کهاوڙ جي تعمير ڪرايل ڪچي قلعي جي اولهه ۾ واقع آهي. مير متارو جي وفات کان پوءِ اها جاگير محمد حسن کهاوڙ جي حصي ۾ آئي، جنهن اتي مٽيءَ جو ڪچو قلعو ٺهرايو هو. مزار جي سادي اڏاوت هن پوئين ويجهڙائيءَ واري دور جي آهي. هن وقت دولتپور جا مقامي ماڻهو ان کي ”پير يا درويش متارو“ جي نالي سان سڏين ٿا.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 5 6 7 8 مضمون: مير لطف الله عرف مير متارو؛(ميان نورمحمد ڪلهوڙي جو هڪ مدبر وزير)؛ ليکڪ: قريشي حامد علي خانائي.؛ رسالي جو نالو ؛ مهراڻ 1986ع ايڊيٽر؛ نفيس احمد ناشاد جلد؛ 35 نمبر 3- 1986ع ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. مرزا قليچ بيگ: ”قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، 1966ء، ص 37.
  3. مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، 1958ع، ص 562.
  4. مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي: ”مقالات الشعراء“ (فارسي)، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، 1957ء، ص 123.