مواد ڏانھن هلو

مير علي نواز علوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مير علي نواز علوي(انگريزي: Mir Ali Nawaz Alvi) شڪارپور جي علوي سادات خاندان جو مشهور شاعر مير علي نواز (جنم 1851ع، وفات 2- فيبروري 1920ع ولد مير فخر الدين علوي جو شمار سنڌجي قابل طبيبن ۾ ٿئي ٿو. مير صاحب پنهنجي زماني جو وڏو عارف ۽ عالم هو. ڪيترا ڪتاب لکيائين. سندس ڪلام ”ڪليات علوي“ جي نالي سان پڌرو ٿي چڪو آهي. اُن جو پهريون ڇاپو سندس حياتيءَ ۾ ڇپيو، بعد ۾ اُن کي محترم ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“ ترتيب ڏئي 1882ع ۾ ڪافي پبليڪيشن ڪراچي پاران ڇپايو. 1993ع ۾ ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومري جي ترتيب سان سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو آهي. مير علي نواز علوي ۽ مرزا قليچ بيگ جا پاڻ ۾ دوستيءَ جا گهرا ناتا هئا. مير صاحب جي هيٺين نعتيه غزل جو جڏهن مرزا صاحب تتبع ڪيو، تڏهن اُن جي مقطع ۾ کيس خراج پيش ڪيو:[1]

حسن تنهنجي جي ڪريان ڪهڙي ڪهاني جاني،

ڪونهي ڪونين ۾ تنهنجو ٻيو ثاني جاني، اصل کان علوي آهي خاص تنهنجي در جو غلام،

تنهنجي ٻانهپ جي منهنجي ڳل آهي ڳاني جاني.

(مير علي نواز علوي)

مٽ مفتون ۽ علوي سان ڪڏهن ٿيندين ’قليچ‘، ڪانهي حاصل سا توکي طبع رواني جاني.

(مرزا قليچ بيگ)

حوالا

[سنواريو]
  1. {ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو جو مضمون "مرزا قليچ بيگ ۽ شڪارپور", مھراڻ رسالو سال 2003, شمارو 53, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}