مير عبدالرزاق معموري
ڏيک
مير عبدالرزاق معموري(انگريزي: Mir Abdul Razaq Mamori) ماثر الامراءَ مطابق هو معمور آباد جي سيدن مان هو. سندس وڏا هندستان آيا ۽ مير پنهنجي صلاحيتن جي ڪري اڪبري عهد ۾ بنگالي لشڪر جو فوجي خزانچي مقرر ٿيو. جهانگير کي جڏهن بادشاهي ملي ته مير عبدالرزاق کي مظفر خان خطاب ڏئي مالوي جو صوبيدار ڪيو پر شاهجهان کيس ان عهدي تان لاهي ڇڏيو ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو. تحفة الڪرام جي اردو ترجمي جي صفحي 298 تي آهي ته مير عبدالرزاق معموري جيڪو لوڌي خان کانپوءِ ترخان خاندانجي حاصل ڪيل پرڳڻن جو امين ۽ خسرو خان بعد انهن امانتن کانسواءِ کيس ٺٽي جي زمينداري به ملي. ٺٽي جي گودري بازار ۽ خضري جامع مسجد ان جي يادگار آهي، جنهن کي پنهنجي امين هجڻ واري دؤر 1017ھ ۾ ٺهرايائين. ”لب تاريخ سنڌ“ مان سندس گورنريءَ جو دؤر 1049ھ کان 1055ھ معلوم ٿئي ٿو.[1].
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي