مير جعفر خان جمالي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مير جعفر خان جمالي(انگريزي: Mir Jafar Khan Jamali )جي ڏاڏي جو نالو سخي در محمد خان ۽ پيء جو نالو مير تاج محمد جمالي هو. مير جعفر خان 10 محرم 1326ھ، مطابق 14 فيبروري 1908ع تي ڄائو هو. کيس ٻه ڀائر آهن: (1) حاجي قيصر خان، ۽ (2) حاجي شاهنواز خان. هن ابتدائي تعليم مولوي عبدالوهاب وٽان حاصل ڪئي. ٿوري سنڌي، قرآن شريف ۽ پارسي پڙهيل آهي. سندس والد 1924ع ۾ وفات ڪئي. ان وقت هيءُ سورهن سالن جو هو. گهر جو وڏو هئڻ ڪري، سموري ڪاروبار جو بوجو سندس ڪلهن تي پيو[1]. 1926ع ڌاري، هن جمالي قوم جي تنظيم جو ڪم هٿ ۾ کنيو. قوم جو سردار رستم خان هو، ليڪن سماجي ۽ سياسي ڪم ڪرڻ ڪري ٻاهرينءَ دنيا ۾ هن جو نالو مشهور ٿي ويو. 1927ع کان هن سياسي ميدان ۾ پير پاتو. پهرين هن ڪانگريس تحريڪ سان لاڳاپا رکيا، ان ڪري خان عبدالصمد خان اچڪزئي، ڄام نور الله خان، مولوي غلام حيدر خان يوب ۽ سردار يوسف علي خان مگسيءَ جهڙن قومي ڪارڪنن سان تعلقات رکيائين. سکر براج نڪرڻ بعد، هن جون زمينون زرخيز ٿي پيون، ۽ کيس ڪافي پيدائش ٿيڻ لڳي. ان مان هن سٺيون جايون ۽ بنگلا ٺهرايا. قومي ڪارڪنن ۽ اخبار وارن کي مدد ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ سياسي شعور ڦهلائڻ لاءِ هو ڪافي پيسو خرچ ڪرڻ لڳو. 1928ع ۾ سندن جهٽ پٽ تعلقي واريءَ زمين تان سرڪار سان اختلاف ٿي پيو. ان لاءِ هنن ڪورٽ ۾ سرڪار خلاف دعويٰ داخل ڪئي. اها دعويٰ اٺ سال کن هلي، جا 1936ع ڌاري، اسپيشل ڪورٽ جي فيصلي موجب سندن فائدي ۾ نيڪال ٿي. انهيءَ دعويٰ لاءِ هنن مسٽر محمد علي جناح، ڀلو ڀائي ڊيسائي، ديوان بهادر ايسرسنگ ۽ مسٽر جگنناٿ جهڙن لائق ۽ قابل وڪيلن جي مدد ورتي. انهيءَ فيصلي جي خلاف سرڪار پروي ڪائونسل ۾ اپيل ڪئي. هنن طرفان سر اسٽئفورڊ ڪرپس ۽ مسٽر گبن وڪيلن پيروي ڪئي. پروي ڪائونسل فيصلو ڪيو ته هي خان قلات سان پنهنجن حقن جي باري ۾ دوباره ڳالهيون ڪن. آخر 1945ع ۾، ان زمين مان جمالي قوم کي ڏيڍ لک ايڪڙ زمين ملي. زمين جي هن دعويٰ جي سلسلي ۾ سرڪار مير صاحب کي دٻائڻ لاءِ لورالائيءَ ۾ ڇهن مهينن لاءِ نظربند ڪيو. وري کيس 1933ع ۾ سبي ۽ نوشڪيءَ ۾ ڏيڍ سال لاءِ نظربند رکيو ويو.[1]. هي 1930ع کان 1937ع تائين ڪوئيٽا جي قوم پرست جماعت "انجمن وطن" جو ميمبر رهيو. "انجمن اسلاميه" ڪوئيٽا جو ٻه دفعا پريزيڊنٽ رهي چڪو آهي. هڪ ٽرم لاءِ ڪوئيٽا جي پيپلس ايسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ هو. 16 آڪٽوبر 1938ع تي حاجي عبدالله هارون، مسٽر گزدر، جمال ميان، راجا محمود آباد ۽ مولوي حقاني مسلم ليگ جي پروپئگنڊا لاءِ جيڪب آباد ويا. ان زماني ۾ خانبهادر الهه بخش سنڌ جو وزيراعليٰ هو. دعوت ڏيندڙ ماڻهو حڪومت جي ڊپ کان مهمان نوازيءَ کان نٽائي ويا. مير صاحب، پراڻيءَ واقفيت ڪري، کين پاڻ وٽ ٽڪائي، ميٽنگ سڏائي، ۽ پاڻ به مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيو. مسلم ليگ ۾ داخل ٿيڻ بعد، گهڻي وقت تائين هو آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل جو ميمبر ۽ بلوچستان مسلم ليگ جو نائب صدر رهندو آيو. هي اڪثر آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاسن ۾ ڪيترا ساٿي وٺي شرڪت ڪندو هو، جن جي سفر وغيره جو خرچ خود برداشت ڪندو هو. اهڙيءَ طرح سان لاهور، پاٽنا، الهه آباد، دهلي ۽ ڪراچيءَ وارن ساليانه آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاسن ۾ هن شرڪت ڪئي.[1]. مير صاحب سنڌ اسيمبليءَ ۾ 1946ع جي اليڪشن ۾ چونڊجي آيو، ۽ 1952ع جي چونڊن ۾، سنڌ سان 92 قلم لاڳو ٿيڻ تائين ائين ميمبر رهندو آيو. 1953ع جي چونڊن ۾، هو وري سنڌ اسيمبليءَ تي چونڊجي آيو. هن ون يونٽ جي ٺهڻ جي مخالفت ڪئي، جنهن ڪري کهڙي صاحب کيس 25 مارچ 1955ع تي هالن جي جيل ۾ نظربند ڪري رکيو. ملڪ سان مارشل لا لاڳو ٿيڻ بعد، هن تي ايبڊو هيٺ ڪيس هلايو ويو، جنهن ۾ مٿس الزام هئا ته ٻاهرينءَ (افغانستان جي) حڪومت سان تعلق رکي ٿو، ون يونٽ جي مخالفت ڪري ٿو، بلوچي حڪومت قائم ڪرائڻ جي فائدي ۾ آهي، زميندارن ۾ بغاوت ڦهلائي ٿو، پختونستان جي حامين جو مددگار آهي، وغيره. ان ڪيس ۾ هيءُ وڪيلن جي مدد سان لڙيو، ۽ باعزت آزاد ٿيو.[1]. 5 کان 7 آگسٽ 1962ع تي، ڪوئيٽا ۾ هڪ وڏي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ بلوچ سردارن جهڙوڪ نواب خير بخش خان مري، نواب اڪبر خان بگٽي، سردار عطاءُ الله خان مينگل ۽ مير رسول بخش خان ٽالپر ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ زوردار تقريرون ڪيون. انهيءَ ڪانفرنس جي ڪوٺائڻ ۽ ان کي ڪامياب ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ سبب کيس 16 آگسٽ 1962ع تي ڪوئيٽا کان ٻاهر ڪڍي، جيڪب آباد ۾ ٽن مهينن لاءِ نظربند ڪري رکيو ويو. 8 ۽ 9 جولاءِ 1963ع نواب خير بخش خان مريءَ جي ضمانت پوڻ ڪري، وري کيس ٽن مهينن لاءِ ڪوئيٽا کان ٻاهر ڪڍيو ويو. 24 فيبروري 1964ع تي، سبيءَ ۾ پهچڻ تي، کيس اُتان ٻاهر ڪڍيو ويو.[1].

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005