مواد ڏانھن هلو

ميرزا امام علي بيگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ميرزا -امام- علي بيگ ”علي“ ولد ميرزا قاسم علي بيگ 1881ع ۾ حيدرآباد ۾ تولد ٿيو. پاڻ قرآن مجيد جي -تعليم- پنهنجي والد ميرزا قاسم علي بيگ کان حاصل ڪري، -آخوند-، علي محمد جي مدرسي مان درسي -تعليم- حاصل ڪيائين. مولانا ابوالحسن لکنويءَ کان ديني -تعليم- جو به درس وٺندو هو. شاعريءَ سان گڏ خوشنويسي، مصوري ۽ زردوزي قدرت کيس ورثي ۾ عطا ڪئي هئي. هِزهائينيس مير حاجي نور محمد سان گڏ ٻه ڀيرا عراق ۽ -ايران- جون زيارتيون ڪيائين. پير سيد علي اصغر شاهه راشدي جڏهن به حيدرآباد ايندو هو ته وٽس رهندو هو ۽ سندس فن ۾ ڪماليت ڏسي کيس ”نقاشِ ازل -اول-“ جي لقب سان سڏيندو هو. ڊاڪٽر علي احمد قاضي، ميرزا صاحب جي مصوريءَ جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي. سندس ڪلام مرثين، سلامن، غزلن، قصيدن، مناجات ۽ نعت تي مشتمل آهي. فاتح سنڌ مير فتح علي خان -ٽالپر- جي ٺهرايل تعزيه جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪرائڻ لاءِ -ابرق تي نقاشيءَ جو ڪم- ڪري تعزيه تي زري هنئي هئائين. پاڻ 4 سيپٽمبر 1955ع تي وفات ڪري ويو.[1]

حوالا

[سنواريو]