موٺڙا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

موٺڙا:

اڳي سنڌ ۾ رڳو هرک ۽ گيگم جي سٿڻن جو رواج ڪونه هو پر مرد زنانين سوسين جون سٿڻيون به پائيندا هئا. اهيسوسيون سنڌ جي ڪورين جون اڻيل هونديون هيون. ائين موٺڙن جا به تاڪين تي تاڪيا اڄندا هئا. موٺڙا به خاص سنڌ جو ٺهيل ڪپڙو چئبو هو، ۽ سنڌ جي ماڻهن جي پوشاڪ هوندو هو. ٻين کي ته انهن جي ويٽ ئي ڏانءِ ڪانه ايندي هئي. موٺڙي ۽ سوسيءَ ۾ فرق اهو هوندو آهي، جو موٺڙي ۾ اوڄو منهڙي وانگر ٿيندو آهي، ليڪو به موٺڙي جو سنهڙو ۽ گهڻو ڪري ٻه رنگو ٿئي، پر سوسيءَ ۾ ليڪو ٿلهو ٿئي. ۽ اوڄو سڌو، سوسيءَ ۾ ڪاريگر ست رنگ به رکيو ڇڏين، پر اگهه ۽ اوڄي ۾ موٺڙو وڌيڪ، سوسي گهٽ. اڄڪلهه جي زماني ۾ وري موٺڙي ۽ سوسين جو رواج پوندو وڃي. اڳي زالون موٺڙن ۽ سوسين مان سٿڻون ٺهرائيندون هيون، پر هاڻي ته چولن ٺهرائڻ جو به فيشن ٿي پيو آهي[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}