موموتارو
موموتارو (جاپاني:桃太郎 جاپاني اُچار: [mo.moꜜ.ta.ɾoː] معني آلو بخاري وارو ڇوڪرو ) جاپاني لوڪ وارتا جو ھڪ مشھور ڪردار آھي. اھو ھڪ عام جاپاني نالوآھي ۽ چڱن ڪتابن ۽ فلمن جو نالو پڻ آھي.
هڪ مشهور خيال اھو آهي تہ موموتارو اوڪياما پريفيڪچر جو هڪ مقامي هيرو آهي، پر اھا ڳالھہ نئين دور جي افواہ آھي. هن خيال کي علمي حلقن ۾ گھڻوڪري سچ نٿو مڃيو وڃي.

آکاڻي
[سنواريو]
موموتارو جي آکاڻيءَ جو ھڪ عام ۽ مشھور روپ ھيئن بيان ڪري سگھجي ٿو:
ھڪ نديءَ ۾ ھڪ وڏو آلو بخارو وھي پيو جيڪو ھڪ ٻڍي مائيءَ کي نظر آيو. ھوءَ اھو ميوو گھر کڻي آئي. سندس ڪو بہ ٻار نہ ھئي. جڏھن ھن پنھنجي گھوٽ سان اھو ميوو کائڻ لاءِ کنيو تہ ميوو وچ مان کليو ۽ ھن مان ھڪڙو ٻار نڪتو. ڇاڪاڻ تہ ٻار آلو بخاري مان نڪتو تہ ھن جو نالو موموتارو رکيو ويو جنھنجو مطلب آھي آلو بخاري جو ٻار. ھنن ھن ءار کي پالڻ جو فيسلو ڪيو. ھو ٻار جام تاقتور ٿيو. جڏھن ھو پنجين سالين جو ھيو تہ ھن ھڪ پراڻي ڇريءَ سان ھڪ وڻ ڪٽي ڇڏيو. جڏھن ھو جوان ٿيو تہ ھن پنھنجي ماءُ پيءُ کي چيو مان اسان جي ڳوٺ جي ماڻھن کي تنگ ڪندڙ اوني راڪاسن کي ماري ايندم ۽ گھر مان کاڌو کڻي نڪتو. ھو اوني راڪاسن جي ٻيٽ اونيگاشيما ڏانھہ وڃڻ لڳو. رستي ۾ ھن کي ھڪ باندر، ھڪ پکي ۽ ھڪ ڪتو مليا. ھن ھنن سان کاڌو ونڍيو ۽ اھي بہ ھن سان گڏ ھليا. ٻيٽ تي پھنچي ٽنھي دوستن راڪاسن کي ھارايو ۽ ھنن جو لٽيل خزانو ۽ راڪاسن جي سردار کي ڳوٺ ۾ وٺي آيا
آکاڻيءَ جو اھو روپ ميئيجي راڄ ۾ ڪتابن ۾ ڇپجڻ جي ڪري مشھور ٿيو. ھن کان اڳ ايدو زماني ۾ آکاڻي الڳ نموني مشھور ھئي. ھن آکاڻيءَ مطابق. ٻڍي زال مڙس آلو بخارو کاڌو ۽ جوان ٿي ويا ۽ مائيءَ کي عام نموني ٻار پيدا ٿيو