مواد ڏانھن هلو

مولانا غلام صديق ميڪڻ شهدادڪوٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الحاج علامه غلام صديق صاحب جن مولانا نور محمد صاحب جا ننڍا فرزند هئا. سندس جاءِ ولادت ڪنڊو، تحصيل ڀاڳ، رياست قلات، ڊويزن بلوچستان آهي. سندن ولادت جي تاريخ 4 ربيع الاول 1260 هجري آهي. ابتدائي زماني ۾ ڪنڊي بلوچستان ۾ رهيا، ۽ پوءِ پنهنجي والد بزرگوار ۽ وڏي ڀاءُ مولانا ميان گل محمد صاحب جن سان گڏ، سرائي پير بخش مرحوم جي طلب موجب، شهداد ڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي سنڌ ۾ اچي رهيا. تعليم پنهنجي والد بزرگوار ۽ وڏي ڀاءُ مولانا ميان گل محمد صاحب کان حاصل ڪيائون، ۽ مدرسہ نور محمديه شهدادڪوٽ مان، 13 سالن جي عمر ۾، علمي فراغت جي سند حاصل ڪيائون. سندن طريقت جو سلسلو قادريه هو، ۽ حضرت قدوة العارفين مولانا ميان غلام حيدر صاحب قادريءَ جا مريد هئا. 14 سالن جي عمر ۾ کين خلافت ملي، ۽ سندن مشهور خليفا مولانا غلام محمد ڪمال ديرائي رياست خيرپور ميرس، ميان علي شير چانڊيو ديرو غيبي خان، ۽ ميان عمرالدين صاحب، وغيره هئا. علامه صاحب جا مکيه همعصر مولانا عبدالغفور همايوني، مولانا محمد هاشم ڳڙهي ياسيني ۽ مولانا عبدالرحمان صاحب سکرائي هئا. سندن فارغ التحصيل شاگردن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جن مان علامه حسن اللہ پاٽائي، مولانا عطاءاللہ فيروزشاهي ۽ مولانا غلام محمد مهيسر (ڳوٺ ڪمال ديرو، تعلقو گنبٽ) مشهور بزرگ آهن. سندن وضع قطع نهايت سادي هئي . ”امُرُّ علي الديار ديار ليليٰ وَما حُبُّ الديار شغفن قلبي

اُقبَّل ذاالجدارَ و ذاالجدارَ ولا کِن حُبَّ مَن سَکَنَ الديارَ“ (محبوب جي ملڪ مان لنگهڻ وقت سندس ڀتين جو چمڻ ان ڪري نه آهي ته ڪو مون کي ڀتين سان گهڻي محبت آهي- بلڪ انهن ۾ رهندڙ محبوب جي محبت ائين ڪرائي ٿي.) مولانا غلام صديق مرحوم فارسي ۾ ”عمليات صديقي“ وغيره غير مطبوع ڪتاب ڇڏيا آهن. سندن وفات 23 ربيع الاول 1323 هجريءَ ۾ ٿي، ۽ درگاهه صديقيه شهداد ڪوٽ ۾ مدفون آهن. مرحوم مولانا غلام محمد صاحب ڪمال ديرائي ذڪر ڪندو هو ته سندن شرعي فتوائن جو مجموعو هڪ نهايت ضخيم جلد جي صورت ۾ موجود هو، جنهن کي ”جُنگ“ نالي سان سڏيندا هئا. سندن وفات کان پوءِ اهو جُنگ پير تراب علي شاهه راشديءَ جي قبضي ۾ هو، جنهن سان مولانا صاحب جن جي نياڻيءَ جي شادي ٿيل هئي. هاڻي خبر ناهي ته اهو جنگ ڪٿي آهي. مولانا غلا محمد صاحب فرمائيندو هو ته ”ابا! انهيءَ جُنگ ۾ نظر ڪرڻ سان ائين ڏسڻ ۾ ايندو، گويا هڪ علم جو دريا آهي، جو ڇوليون هڻي رهيو آهي. مختلف فيہ مسئلن بابت عجيب و غريب تحقيق ٿيل آهن“.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. منظور احمد حليمي--مولانا غلام صديق مرحوم شهداد ڪوٽي-رسالو:مهراڻ سوانح نمبر 1990 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ