عبدالغفور همايوني
مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني
مولانا عبدالغفور صاحب جن جي ولادت 1261 هجري ۾ ڳوٺ ”همايون“ تعلقي شڪارپور سنڌ ۾ ٿي. مولانا جو والد خليفو مولانا محمد يعقوب شهر ”جهٽ“ بلوچستان جو باشندو هو. ”همايون“ جي هڪ زميندار وڏيري غازي خان سومري جي استدعا موجب ”همايون“ جي ڳوٺ ۾ اچي ديني مدرسو کوليائين، جنهن ۾ پري پري جا طالبعلم پڙهي فيضياب ٿي ويا. مولانا عبدالرحمان صاحب سکرائي، مولانا نور محمد صاحب شهدادڪوٽي، مولانا عبدالستار صاحب ۽ مولانا عبدالله رستمي ۽ ڪيترا ٻيا، مولانا جي مدرسي جا فيضياب طالب هئا. سندن فرزند مولانا عبدالغفور صاحب به گهڻو علم پنهنجي والد خليفي محمد يعقوب صاحب وٽ پڙهيو. سال 1273 هجري ۾ خليفي صاحب رحلت ڪئي. چنانچه باقي علم مولانا صاحب مولوي سلطان محمد صاحب سيت پوري پنجابي، خليفي محمد يعقوب صاحب جي شاگرد، وٽ پڙهي فارغ النحصيل ٿيو ۽ پنهنجي ڳوٺ ”همايون“ ۾ مدرسو پڙهائڻ شروع ڪيائين. ان بعد مولانا کان سوين شاگرد پڙهي فيضياب ٿي نڪتا. مولوي عبدالرحيم صاحب شڪارپوري مولوي فاضل محمد صاحب بلوچستاني، مولوي خدا بخش لهڻي، مولوي نبي بخش صاحب ڪولاچي، مولانا محمد مبارڪ صاحب ميان ڳوٺي، مولوي محمد اسماعيل صاحب شاهلي، مولوي محمد يعقوب صاحب (سبي بلوچستان) ۽ ڪيترا ٻيا شاگرد وٽانئن فيضياب ٿيا. مولانا علم جي هر فن ۾ يڪتاي روزگار هو. خصوصاً علم فقہ ۾ سندس نظير سنڌ، هند، بلوچستان ۽ خراسان ۾ به نه هو. بلوچستان جا حاڪم شرعي فيصلن لاءِ شاهي جرگن جي موقعن تي کيس گهرائي کانئس وڏا وڏا معاملا فيصل ڪرائيندا هئا. مولانا جو مُستجاب الدعوات هجڻ ايتريقدر مشهور هو، جو هر طبقي ۽ هر فرقي جا ماڻهو – عالم، پير،، مشائخ، زميندار، ڪامورا، امير، وزير، هندو، مسلمان، پارسي، جوڳي، عوام ۽ خواص- دعا طلبيءَ لاءِ وٽس ايندا هئا. هر وقت سندس دروازي تي مخلوق خدا جو ميڙ لڳو پيو هوندو هو. مولانا مرحوم شعر ۾ به وڏي دسترس رکندو هو. سندس تخلص ”مفتون“ هو. غزلن ۽ ڪافين جو سنڌيءَ ۾ هڪ مجموعو ”ديوانِ مفتون“جي نالي سان ڇاچي ۾ اچي چڪو آهي*. مولانا جو فارسي مجموعه ڪلام، جنهن ۾ سندس 80-90 غزل هئا، سندس هڪ معقد جناب پير صاحب سيد ابو محمد صالح شاهه، خليفي جلال الدين کان وٺي ويو هو. پير صاحب جي وفات کان پوءِ معلوم نه آهي ته اهو ڪلام ڪنهن جي هٿ آيو. مولان رمضان شريف جي 11 تاريخ جمعي جي رات 1336ھ ۾ وفات ڪئي. سندن مزار سندن والد جي ڀر ۾ همايون ۾ آهي. مولانا جي وفات کان پوءِ سندس ڏوهٽو عالم فاضل مولانا ميان عبدالباقي صاحب مسند نشين آهي، جنهن ڪيترن طالب علمن کي دستاربندي ڪرائي آهي. تصنيفون: مولانا مرحوم جون فتوائون هزارن جي تعداد ۾ آهن، جن مان ٻه جلد فارسي ۾ ”فتاويٰ همايوني“ جي نالي سان ڇپيل آهن. علم طب ۾ ”فرهنگ همايوني“ سنڌيءَ ۾ ڇپيل آهي. ”الدرالمنثور“ ۽ خراج بابت رسالو ۽ ٻيا قلمي رسائل به گهڻا آهن[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ فقير محمد قاسم ڳڙهي ياسيني--مولانا عبدالغفور ”مفتون“ مرحوم همايوني رسالو:مهراڻ سوانح نمبر 1990 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ