مولانا ثناءُالله ثنائي
مولانا ثناءُالله ”ثنائي“' مولوي ثناءُالله ”ثنائي“ ولد الله بخش عباسي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ”کوهارا“ ۾، تاريخ 5 ذوالقعد 1312ھ مطابق 3 اپريل 1895ع تي ڄائو. عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي زبانن ۾ مهارت حاصل هيس. نعتيه شاعريءَ کان علاوه غزلن تي مشتمل ”ديوان“ به تيار هوس. مزاحيه شاعريءَ ۾ به مـُلڪو رکندو هو. سندس خطبا سنڌ ۾ مشهور آهن. ٻياسي ورهين جي ڄمار ۾، تاريخ 12 صفر المطفر 1398ھ مطابق 21 ڊسمبر 1977ع تي وفات ڪيائين. سندس تصنيفات جو تعداد 14 آهي. مولانا تاج محمود امروٽي رح (1844 - 1929ع) جو عقيدتمند هو . مولانا ”ثنائي“ وڏو ڪتبخانو جمع ڪيو هو، جنهن ۾ ناياب ڪتابن کان علاوه ڪيترائي قلمي نسخا به محفوظ هئا. هڪ اندازي مطابق وٽس اڍائي هزارن جي لڳ ڀڳ ڪتاب گڏ ٿيل هئا پاڻ وڏي پايي جو عالم ۽ حاضر جواب هو. افسوس جو پوين ۾ علم جو سوجهرو نه رهيو، جنهن ڪري هي علمي سرمايو فقط اونداهي ڪوٺيءَ ۽ اُڏوهيءَ جو کاڄ بڻيل آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا-- ميمڻ عبدالغفور سنڌي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ