مولانا احتشام الحق ٿانوي
ڏيک
مولانا احتشام الحق ٿانوي | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ڄم | 15 مَئي 1915 |
موت | 11 اپريل 1980 (65 سال) چنائي |
شھريت | برطانوي راڄ (1915–31 جُولاءِ 1947) پاڪستان (9 آگسٽ 1947–11 اپريل 1980) |
عملي زندگي | |
مادر علمي | دارالعلوم ديوبند |
ترميم |
ننڍي کنڊ جو هيءُ ممتاز عالم دين، 1915ع ۾ ڪيرانه (يو. پي) جي معزز گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. حضرت مولانا اشرف علي ٿانويءَ سان ذهني وابستگيءَ سبب ’ٿانوي‘ سڏائيندو هو. مولانا اشرف علي ٿانوي ۽ مولانا شبير احمد عثمانيءَ سان گڏ رهڻ سبب سياسي طور مسلم ليگ جو حامي ٿيو ۽ مسلمانن جي واعظ ۽ تدريس ذريعي خدمت ڪيائين. هن جو ريڊيو -پاڪستان- -تان- درس قرآن ڪافي عرصو -جاري- رهيو. ٽنڊي الهيار جي ديني مدرسي جو باني هو. مرڪزي -جمعيت- علماءِ -اسلام- ٿانوي گروپ جو سربراهه به رهيو. -ايوب خان- خلاف هلايل تحريڪ ۾ به حصو ورتائين. رويت هلال جي مسئلي تي ڪجهه وقت نظربندي به ڪاٽيائين. پيپلزپارٽيءَ جي دؤر حڪومت (ذوالفقار علي -ڀٽي- جو دؤر) ۾ رويت هلال ڪميٽيءَ جو چيئرمئن رهيو. 1980ع ۾ وفات ڪيائين.[1]