موسميات

موسميات (Meteorology) زمين جي فضائي دائري ۽ وقتي فضائي رجحان (مثال طور موسم) جو، موسم جي اڳڪٿي تي ڌيان ڏيڻ سان، سائنسي مطالعو آهي.[1] ان جا ايپليڪيشن، عام ماڻهن کي ڄاڻ ڏيڻ کان سواء فوجي مقصد، هوابازي، توانائي جي پيداوار، ٽرانسپورٽ، زراعت، تعمير، موسم جي خبرداري ۽ آفت جي انتظام ۾ آهن.
آبھوا جي سائنس (Climatologyh) فضائي فزڪس ۽ فضائي ڪيميا (Atmospheric Chemistry) سان گڏ ٿي، فضائي سائنسن (Atmospheric Sciences) جو وسيع ميدان ٺاهيندي آهي. ڌرتيءَ جي فضائي دائري ۽ ان جي سمنڊ (خاص طور تي پئسيفڪ سمنڊ جي گرمي واري "ايل نينو" ۽ ٿڌ واري "لا نينا" حالتن) جي وچ ۾ رابطن جو مطالعو آبي موسميات (Hydrometeorology) جي بين النظمياتي شعبن، حياتي موسميات (Biometeorology)، خلائي موسم ۽ سياروي موسميات ۾ ڪيو ويندو آهي. سامونڊي موسميات جي اڳڪٿيون، پاڻيءَ جي وڏي جسمن سان فضائي رابطي جي بنياد تي، موسميات کي سامونڊي ۽ ساحلي حفاظت سان ڳنڍڻ ٿيون.
موسميات جا ماهر سج جي شعاعن جي تابڪاري، زمين جي گردش، سامونڊي وهڪرن ۽ ٻين عنصرن جي ڪري ٿيندڙ موسمياتي واقعن جو مطالعو ڪئي ٿي. انهن ۾ روزمره جا موسمياتي مظهر جهڙوڪ ڪڪر، برسات، واءُ جي لهه وڇڙ ۽ گڏوگڏ سخت موسمي واقعا، جهڙوڪ سامونڊي ۽ برفاني طوفان (Tropical and Winter's Cyclones)، شامل آهن. اهڙن واقعن کي گرمي پد، دٻاءُ ۽ نمي (humidity) جهڙن متغيرن کي استعمال ڪندي، انهن جي شدت يا مقدار جي لحاظ کان طئي ڪيو ويندو آهي، جيڪو پوءِ مقامي پيماني (microscale)، علائقائي پيمانن (Mesu and Synoptic scale) ۽ عالمي پيماني تي موسم جي اڳڪٿي ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن.
موسميات جا ماهر، بنيادي اوزارن؛ ٿرماميٽر، بيروميٽر ۽ ويدر وين (مٿاڇري جي سطحح جي ماپ لاءِ)، سان گڏ جديد اوزار، جهڙوڪ موسمياتي سيارن، غبارن، جاسوسي جهاز، سمنڊن ۾ بويا (Buouy) ۽ ٻئي حساس اوزارن (Radar) کي استعمال ڪندي، معلومات (Data) گڏ ڪن ٿا. عالمي موسمياتي تنظيم (WMO) موسمياتي تحقيق جي بين الاقوامي معيار کي يقيني بڻائي ٿي.
قديم تهذيبون لوڪ ڪهاڻين، ستارا شناسي ۽ مذهبي روايتن جي ذريعي موسم جي اڳڪٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون. ارسطو پنهنجي مقالي م فيلڊ جي شروعاتي مشاهدن جو خلاصو بيان ڪيو، جيڪو شروعاتي وچين دور ۾ ٿورو اڳتي وڌيو، پر نشاۃِ ثانيه دوران ٻيهر تمام قوت کان اڀريو، جڏهن ابن الهيثم ۽ ريني ڊيڪارٽ ارسطو دور جي نظرين کي چئلينج ڪيا ۽ موسم جي ڄاڻ لاء سائنسي طريقن تي زور ڏنائين. 18هين صدي ۾، صحيح ماپ جا اوزار تيار ڪيا ويا ۽ پهرين موسمياتي سوسائٽي قائم ڪئي وئي. 19هين صدي ۾، موسمي مشاهدي جا نيٽ ورڪ، جيڪا ٽيليگراف تي ٻڌل معلومات جو استعمال ڪندا هئا، وسيع علائقن ۾ ٺاهيا ويا. [2] 20هين صدي ۾، مصنوعي سيارن (Satellite) ۽ ريڊار جي ٽيڪنالاجي (RADAR Technology) جي مدد سان، موسميات جي عددي اڳڪٿيون (Numerical Meteorological Prediction)، اڳڪٿي ڪرڻ جا جديد ماڊل متعارف ڪرايا.[3] پوء ڪمپيوٽر ساڳئي وقت معلومات (Real-time Data) جي وسيع سيٽن کي پروسيس ڪندي اڳڪٿي ۾ انقلاب آندو ۽ خودڪار طريقي سان ماڊلنگ مساواتن کي حل ڪيو ويو. 21هين صدي جي موسميات انتهائي صحيح آهي ۽ وڏي ڊيٽا ۽ سپر ڪمپيوٽنگ جي ذريعي هلائي ويندي آهي. اها جديد طريقن، جهڙوڪ مشين لرننگ، اڳڪٿين کي بصري شڪل ڏيڻ (Ensemble) ۽ وڌيڪ واضح (High Resolution) جي ذريعي عالمي موسمياتي ماڊلنگ، جيڪا انتهائي موسمن جي اڳڪٿيون ڪن ٿيون، کي جنم ڏنو.[4] ماحول جي افراتفري واري فطرت (Chaotic nature) جي غير يقيني صورتحال، اڳڪٿين جي عالمي موسمياتي ماڊلنگ ۽ موسمياتي تحقيق لاءِ نوان چئلينج پيدا ڪري ٿي.[5][6]
اصطلاح
[سنواريو]انگريزي ۾ موسميات لاء اصطلاح، "ميٽيورولاجي" قديم يوناني جي ٻه لفظن، ميٽيوروس (μετέωρος، فضا ۾ موجود) ۽ لوجيا (-λογία، مطالعو) مان ورتل آهي، معنيٰ "فضا ۾ بلند شين جو مطالعو".
تاريخ
[سنواريو]موسميات جا ماهر
[سنواريو]اوزار ۽ سامان
[سنواريو]درجابندي جا اسڪيل
[سنواريو]موسمياتي اصول
[سنواريو]ايپليڪيشن
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ موسميات سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
موسمياتي اڳڪٿين جي معلومات لاء هيٺ ڏنل موسمياتي اڳڪٿين جي انٽرنيٽ سائيٽن تي وڃون:
- Air Quality Meteorology آرڪائيو ڪيا ويا 25 July 2009 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – Online course that introduces the basic concepts of meteorology and air quality necessary to understand meteorological computer models. Written at a bachelor's degree level.
- The GLOBE Program آرڪائيو ڪيا ويا 11 May 2023 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – (Global Learning and Observations to Benefit the Environment) An international environmental science and education program that links students, teachers, and the scientific research community in an effort to learn more about the environment through student data collection and observation.
- Glossary of Meteorology آرڪائيو ڪيا ويا 13 May 2023 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – From the American Meteorological Society, an excellent reference of nomenclature, equations, and concepts for the more advanced reader.
- JetStream – An Online School for Weather آرڪائيو ڪيا ويا 11 May 2023 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – National Weather Service
- Learn About Meteorology آرڪائيو ڪيا ويا 11 July 2006 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – Australian Bureau of Meteorology
http://www.ogimet.com/index.phtml.en Ogimet – online data from meteorological stations of the world, obtained through NOAA free services] آرڪائيو ڪيا ويا 24 July 2009 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
Meteorology Education and Training (MetEd) آرڪائيو ڪيا ويا 11 May 2023 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – The COMET Program
- NOAA Central Library – National Oceanic & Atmospheric Administration
- The World Weather 2010 Project آرڪائيو ڪيا ويا 19 August 2008 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. The University of Illinois at Urbana–Champaign
- National Center for Atmospheric Research Archives, documents the history of meteorology
- Weather forecasting and Climate science آرڪائيو ڪيا ويا 14 August 2011 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – United Kingdom Meteorological Office
- Meteorology آرڪائيو ڪيا ويا 29 January 2018 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., BBC Radio 4 discussion with Vladimir Janković, Richard Hambyn and Iba Taub (In Our Time, 6 March 2003)
- Virtual exhibition about meteorology آرڪائيو ڪيا ويا 24 November 2020 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. on the digital library of Paris Observatory
حوالا
[سنواريو]- ↑ C. Donald Ahrens; Robert Henson (2018), Essentials of Meteorology : An Invitation to the Atmosphere (8th ڇاپو), Cengage Learning, ص: 5۔
- ↑ Jay Lawrimore (17 May 2018), Thomas Jefferson and the telegraph: highlights of the U.S. weather observer program, اصل کان 27 May 2018 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 3 March 2025۔
- ↑ "History of Numerical Weather Prediction at the National Meteorological Center". Weather and Forecasting 4 (3): 286–296. 1989.
- ↑ "High resolution global climate modelling", Met Office (UK), حاصل ڪيل 3 March 2025۔
- ↑ Rebecca Hersher (11 June 2024), "FAQ: 5 things to know about weather forecasts and climate change", NPR, حاصل ڪيل 6 March 2025۔
- ↑ "What does the butterfly effect have to do with weather forecasts?", National Academies, حاصل ڪيل 3 March 2025۔