مورو(ادب)
ڏيک
مورو مجاز ۽ محبت جو سنڌي گيت آهي، جنھن ۾ انتظاري، بيقراري، فراق ۽ ملاقات جا خيال مرڪزي مضمون ھوندا آھن. ھي لوڪ گيت ڪوھستاني ايراضيءَ ۾ مشھور آهي. مورو سرندي، ساز تي توڙي ساز بنا ڳائي سگهجي ٿو. پر نڙ تي وڌيڪ لئي رکي ٿو. مورو مرد توڙي عورتون ٻئي ڳائين. موري جي اصطلاحي معنيٰ آھي، مور جھڙي يعني سھڻي محبوب کي مخاطب ٿي گيت چوڻ. ھڪ عورت، پنھنجي محبوب لاءِ مورو چوي ٿي[1]:
- او، ٽڪر مٿي ڳيرو، يار جلي ويو آ جيرو راڻا موري موڪل ڏي!
- او، هل تہ هلون ٿلهي، دوستي اسان جي ملهي راڻل، مورو ويٺي ڏيان!
- او، هل تہ هلون موري، جيءُ وڌو تي جهوري راڻل، مورو ويٺي ڏيان!
حوالا
[سنواريو]- ↑ ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.