مورلڪ (ڀٽ)
ڏيک
مور لڪ(انگريزي: Not lak) ٿر جي ھڪ ڀٽ جو نالو آهي.مورَلڪ عمرڪوٽ کان چيلهار ڏي ويندڙ رستي تي، عمرڪوٽ کان ويهه ميل ڏکڻ طرف آهي، جنهن ۾ برسات سبب وڏو شاهي ڏرڙ ٿي پيو آهي، جو بلڪل خوفناڪ ۽ اونهو آهي، ۽ ان جي وچ مان رستو آهي، ٿورو اڳتي هلي اُن مان هڪ واٽ ڦٽي ڇاڇري ڏي وڃي ٿي. چون ٿا ته مارئي کي جڏهن سندس مڱيندو کيت پنهنجن ماڻهن جي مدد سان عمر ڪوٽ مان کڻي روانو ٿيو، تڏهن عمر سومرو پنهنجي ”مور“ نالي گهوڙي تي چڙهي هن جي پٺيان پيو هو. جڏهن هن ڀٽ تي گهوڙو چڙهيو تڏهن سهڪي ۽ ڀرجي ويو ۽ اتي ئي مري ويو، جنهنڪري عمر سومرو اڳتي وڌي ڪونه سگهيو ۽ ڀٽ تي ”مور لڪ“ نالو پئجي ويو. ڀٽ جي ڀرسان ننڍا ڳوٺڙا به آهن. ڪي چون ٿا ته ڀرسان ڪنهن ڳوٺ ۾ مور پکي گهڻا هئا، جنهن تان ”مور لڪ“ نالو پيو[1].
حوالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو