مواد ڏانھن هلو

موته

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
موته شهر

مَدِينَة مُؤْتَة
City of Mautah
موته جو مرڪزي رستو
موته جو مرڪزي رستو
اردن جي نقشي ۾ موته
اردن جي نقشي ۾ موته
ملڪ اردن
صوبوڪرڪ گورنريٽ
شهرت جو ڪارڻموته جي جنگ جي شهيدن جا مزار
ايراضي
• ڪل4.6 چورس ڪلوميٽر (1.8 چورس ميل)
آبادي
 (2015ع)
• ڪل27,426
• اندازو
(2023ع)
27,426
وقتي علائقواردن جو معياري وقت (GMT +2)
آبادي
32560
دائلنگ ڪوڊ+(962)2

موته (عربي: مُؤْتَة)[1] اردن ۾ ڪرڪ گورنريٽ ۾ هڪ ننڍڙو قصبو آهي. مُوته يونيورسٽي هن اي قصبي ۾ واقع آهي. [2] [3] [4]

اسلام ۾، اها سال 10 هجري/629 عيسوي ۾ جنگ موته جي جاء جي طور مشهور آهي، جيڪا رسول الله صلي الله عليه وسلم جي دور ۾ مسلمانن ۽ بازنطيني سلطنت جي وچ ۾ پهريون فوجي ويڙهه ھيو. جنگ ۾ شهيد ٿيڻ واري اسلامي لشڪر ٽي ڪمانڊر، جعفر بن ابي طالب، عبدالله بن رواحه ۽ زيد بن حارثه، جي قبرون هڪ مزار هيٺ آهن.

موته جي قصبي جو ذڪر عثماني ٽيڪس رجسٽر ۾ 1596ع جي هڪ نوٽ ۾ هن طرح آيو آهي؛

"موته، جيڪو ڪرڪ جي ناحيه (تعلقي) ۾ واقع آهي، جيڪا اجلون جي سنجڪ (ضلعي) جو حصو آهي، ان ۾ 14 گهرانه آباد آهن، جيڪا سڀ ئي مسلمان آهن. ڳوٺاڻا زرعي شين؛ جنهن ۾ ڪڻڪ، جَو، اونهاري جي فصلون، زيتون ۽ انگور جا باغ، ميوي جا وڻ، ٻڪريون ۽ مکي جا ڇت شامل آهن، تي هڪ مقرر ٽيڪس ادا ڪندا آهن."

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "The General Census - 2015" (PDF). Department of Population Statistics.
  2. "Humanities and Social Sciences Series". Mutah.edu.jo. 2010-03-07. 2012-05-14 تي حاصل ڪيل.
  3. "Natural and Applied Sciences Series". Mutah.edu.jo. 2010-03-07. 2012-05-14 تي حاصل ڪيل.
  4. "Jordan Journal of Arabic Language and Literature". Mutah.edu.jo. 2010-03-07. 2012-05-14 تي حاصل ڪيل.