موته
ڏيک
موته (عربي: مُؤْتَة)[1] اردن ۾ ڪرڪ گورنريٽ ۾ هڪ ننڍڙو قصبو آهي. مُوته يونيورسٽي هن اي قصبي ۾ واقع آهي. [2] [3] [4]
اسلام ۾، اها سال 10 هجري/629 عيسوي ۾ جنگ موته جي جاء جي طور مشهور آهي، جيڪا رسول الله صلي الله عليه وسلم جي دور ۾ مسلمانن ۽ بازنطيني سلطنت جي وچ ۾ پهريون فوجي ويڙهه ھيو. جنگ ۾ شهيد ٿيڻ واري اسلامي لشڪر ٽي ڪمانڊر، جعفر بن ابي طالب، عبدالله بن رواحه ۽ زيد بن حارثه، جي قبرون هڪ مزار هيٺ آهن.
موته جي قصبي جو ذڪر عثماني ٽيڪس رجسٽر ۾ 1596ع جي هڪ نوٽ ۾ هن طرح آيو آهي؛
"موته، جيڪو ڪرڪ جي ناحيه (تعلقي) ۾ واقع آهي، جيڪا اجلون جي سنجڪ (ضلعي) جو حصو آهي، ان ۾ 14 گهرانه آباد آهن، جيڪا سڀ ئي مسلمان آهن. ڳوٺاڻا زرعي شين؛ جنهن ۾ ڪڻڪ، جَو، اونهاري جي فصلون، زيتون ۽ انگور جا باغ، ميوي جا وڻ، ٻڪريون ۽ مکي جا ڇت شامل آهن، تي هڪ مقرر ٽيڪس ادا ڪندا آهن."
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "The General Census - 2015" (PDF). Department of Population Statistics.
- ↑ "Humanities and Social Sciences Series". Mutah.edu.jo. 2010-03-07. اصل نسخو مان 2016-03-05 تي محفوظ ڪيل. 2012-05-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Natural and Applied Sciences Series". Mutah.edu.jo. 2010-03-07. اصل نسخو مان 2019-01-03 تي محفوظ ڪيل. 2012-05-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Jordan Journal of Arabic Language and Literature". Mutah.edu.jo. 2010-03-07. اصل نسخو مان 2019-01-03 تي محفوظ ڪيل. 2012-05-14 تي حاصل ڪيل.