مھا سنان گھاٽ، موھن جو دڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مها سنان گھاٽ موهن جو دڙو

مها سنان گھاٽ، موهن جو دڙو (انگريزي:Great Bath Mohenjo-daro) مهان سنان گھاٽ موهن جو دڙو قديم سنڌو سڀيتا جي سنڌ پاڪستان ۾ منهين جي دڙي  جي آثارن يا کنڊرات منجهان ڄاتل سڃاتل اڏاوت ۽ عالمي ورثي وارو ماڳ آهي.[1][2][3] قديم آثارن جي علم جون شاهديون اشارو ڪن ٿيون ته مها سنان گھاٽ قبل مسيح جي ٽئين ڏهاڪي ۾ مٿاهين اڀريل دڙي کان جلد پوءِ تعمير ڪيو ويو هو.[4]

اڏاوتي مُهانڊو[سنواريو]

مها سنان گھاٽ موهن جي دڙي جو ڏيک

مها سنان گھاٽ کي  قديم دنيا جو عام ماڻهن لاءِ آڳاٽو ترين پاڻي جو گھاٽ يا تلاءُ سڏيو ويو آهي. هن جي ماپ 11.88×7.01 ميٽر آهي ۽ ان جي گهرائي يا اونهائي 2.43 ميٽر آهي. مها سنان گھاٽ ۾ لهڻ لاءِ اتر کان ٻه ويڪريون ڏاڪڻون ۽ ڏکڻ کان هڪ ڏاڪڻ آهي.  ڏاڪڻن وٽ هڪ ميٽر ويڪرو ۽ 40 سينٽي ميٽر اوچي دڙي جيان اڏاوت موجود آهي. گھاٽ  ۾ هڪ ڪناري وٽ سوراخ به مليو آهي جيڪو  پاڻي  وجهڻ يا ڇوڙڻ لاءِ ڪم آندو ويندو هوندو. گھاٽ جو فرش مضبوط ڪيل آهي جيڪو سرون رکي مٽي ۽ هڪ قسم جي مصالحي سان ٻڌل آهي. پاسي واريون ديوارون به ساڳي نموني جوڙيل آهن. گھاٽ کي وڌيڪ مضبوط ۽ واٽر پروف ڪرڻ لاءِ هڪ خاص مصالحو (Bitumen) گھاٽ جي سائيڊن سان ۽ اندازي موجب فرش تي به استعمال ڪيل هئو. سرن جون لڙهون اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ ڪنار وٽ ڍڪيل آهن. محفوظ ڪيل ڪالمن کي ڪَنار سان ڏاڪا هئا. اهي ڪاٺ جي تختي يا دريءَ نما فريم سان بيهاريل هئا. گھاٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻه دروازا هئا. هڪ ڏکڻ کان ۽ ٻيو اتر اولھ کان هو. گھاٽ جي اڏاوت جي ڪنار سان سلسليوار ڪمرا هئا ۽ هڪ ڪمري ۾ کوھ هو جيڪو شايد پاڻي جي کوٽ وقت گھاٽ کي ڀرڻ لاءِ ڪم آيو ٿي. گھاٽ جي ڀرڻ لاءِ مينهن جو پاڻي گڏ ڪيو ويندو هوندو پر اهڙي اندر ڇوڙ واري اڏاوت نه ملي آهي. اهو ڊگهو گھاٽ واٽر پروف سرن سان جوڙيو ويو هوندو. اڪثر ماهر ان سان متفق آهن ته مها سنان گھاٽ خاص مذهبي ڏڻن ملهائڻ لاءِ جوڙيو ويو هوندو جتي پاڻي پاڪائي لاءِ ڪم ايندو هوندو ۽ وهنجندڙن جي ٻيهر پاڪيزگي يا کين ٻيهر پاڪ پويتر ٿيڻ لاءِ  هوندو.[5][6]

ٻائي جي درسگاھ[سنواريو]

سنڌو سڀيتا جي مها سنان گھاٽ واري گهٽيءَ سان ڪيترن ئي ڪمرن ۽ ٽن ويرانڊن تي مشتمل هڪ ڊگهي عمارت هئي جنهن کي ٻه ڏاڪڻيون هيون جيڪي مٿئين فلور ۽ ڇت ڏانهن ويون ٿي. عمارت جي سائيز ۽ مها سنان گھاٽ جي ويجهڙائي جي ڪري ان کي مذهبي رهنما يا ٻائي جو گهر ۽ درسگاھ جو نالو ڏنو ويو.[4]

کوجنا[سنواريو]

مها سنان گھاٽ جي کوجنا  قديم آثارن جي کوٽائي دوران 1926ع ۾ ڪئي وئي.

حوالا[سنواريو]

  1. "Indus Valley". www.ancientindia.co.uk. حاصل ڪيل 2020-09-10. 
  2. "Great Bath | Definition, Description, & Facts". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2020-09-10. 
  3. "Encyclopædia Britannica - Wikipedia". en.m.wikipedia.org. حاصل ڪيل 2020-09-10. 
  4. 4.0 4.1 Singh, Upinder (2008) (en ۾). A History of Ancient and Early Medieval India: From the Stone Age to the 12th Century. Pearson Education India. ISBN 978-81-317-1120-0. https://books.google.com.pk/books?id=H3lUIIYxWkEC&lpg=PP1&pg=PA149&redir_esc=y#v=onepage&q&f=false. 
  5. ""Great Bath" Mohenjo-Daro | Harappa". www.harappa.com. حاصل ڪيل 2020-09-10. 
  6. "Great Bath, SD Area, looking north | Harappa". www.harappa.com. حاصل ڪيل 2020-09-10.