منگھڻ
منگهڻ سُّڪي توڙِ پاڻيءَ جي مُنگهڻن جا هزارين قسم لکيا اٿن، پر سڀني کان مشهور اهو قسم آهي، جو هَندن ۽ کٽولن ۾ ٿيندو آهي: هي هڪڙو ننڍڙو، بدشڪل، خراب باس وارو جيت آهي، جو خاص گرم ملڪن ۾، ڪِنن گهرن ۽ جاين ۾ گهڻو ٿيندو آهي. اهو هَندن، ڪرسين، کٽولن ۽ اهڙين ٻين شين ۾ رهندو آهي. ڪهڙو به سنهڙو چير يا سوراخ هوندو ته به انهيءَ ۾ هو لڪي ويهي سگهي ٿو. هو اڪثر رات جو نڪرندو آهي ۽ سوجهري سان ڪين پوندي اٿس.[1]
مُنگهڻن جو بت، ڀوري رنگ جو ٿيندو آهي. جنهن تي ٿورا وار به هوندا آهن. مٿي ۾، ٻه وارن جهڙا سڱ ۽ هڪڙي ننڍڙي چهنب اٿس، پيٽ گول ۽ ويٺل اٿس، کنڀ ڪونه ٿينس. هو رت ڪين چُهندو آهي، پر پنهنجي چهنب واري وارن سان رت ڪڍي وٺندو آهي، جيئن نار ۾ ڪنگرين سان پاڻي ڪڍبو اهي. منگهڻ آنا لاهيندو آهي، جي ڊگها ميرانجهڙا ٿيندا آهن. انهن ۾ هڪڙو ننڍو سوراخ کليل رهي ٿو، جنهن مان ٻچا نڪري ايندا آهن. منگهڻ، کاڌي کان سواءِ گهڻي وقت تائين جيئرو رهي سگهي ٿو، انهيءَ لاءِ اڳهين تيار رهندو آهي، جو جڏهن وجهه ملندو اٿس، تڏهن رت سان پنهنجو پيٽ ڀري ڇڏيندو آهي.[1]
منگهڻن کان ڇُٽڻ جو چڱو علاج آهي صفائي ۽ سٺائي. جڏهن ڪنهن کٽولي يا اهڙِ ٻي شئي ۾ منگهڻ پئجي ويندا آهن، تڏهن انهن کي ڪڍڻ ڏاڍو مشڪل ٿيندو آهي. انهن کي ناس ڪرڻ جو سولو رستو آهي اُس ۾ رکڻ، ڪيروسين ۽ تارپين جو تيل وجهڻ، ”هندستان“ ۾ کنڀن وارا اُڏامندڙ منگهڻ به گهڻا ٿيندا آهن. منجهن تمام ڪِني بوءِ ٿيندي آهي. اهي رات جو ڏاڍا چالاڪ رهندا آهن.
’ڏکڻ آمريڪا‘ جي گهرن جي ڇتِن ۽ ڪکن ۾ ڪيترائي کنڀن وارا منگهڻ لڪي ويهندا آهن، جڏهن رات ٿيندي آهي، تڏهن نڪري وڃي ايترو رت پيئندا آهن، جيترو ڄؤر پيئندي آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 ڪتاب: حشرات الارض؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن :1973ع؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو