منگول سلطنت
منگول سلطنت Mongol Empire ᠶᠡᠬᠡ ᠮᠣᠩᠭᠣᠯ ᠤᠯᠤᠰ Yeke Mongɣol Ulus (ييڪئ منغول الوس) | |
|---|---|
| 1206ع کان 1368ع تائين | |
منگول سلطنت
گولڊن هورڊ
چغاتائي خانائيت
ايل خانائيت
يوان خاندان
| |
| حيثيت | خانه بدوش سلطنت |
| گاديءَ جو شهر |
|
| عام ٻوليون |
|
| رهواسي نالو | منگول |
| حڪومت |
|
| ايراضي | |
| 1206ع[3] | 4,000,000 km2 (1,500,000 sq mi) |
| 1227ع[3] | 13,500,000 km2 (5,200,000 sq mi) |
| 1294ع[3] | 23,500,000 km2 (9,100,000 sq mi) |
| ڪرنسي | مختلف (درهم، سوکئ، يوان سلطنت جا ڪاغذ جا نوٽ ۽ سڪا)[lower-alpha 2] |
منگول سلطنت (Mongol Empire) تاريخ جي سڀ کان وڏي مسلسل پکڙيل (هڪٻئي سان ڳنڍيل) سلطنت هئي. اوڀر ايشيا ۾ اڄوڪي منگوليا مان شروع ٿيندڙ هيءَ وچئين دور جي سلطنت پنهنجي عروج تي جاپان جي سمنڊ کان وٺي اوڀر يورپ تائين پکڙيل هئي؛ اتر ۾ سائبيريا تائين ۽ اوڀر توڙي ڏکڻ ۾ هندستاني برصغير تائين ان جو دائرو وڌيو. ان ڏکڻ اوڀر ايشيا تي حملا ڪيا، ايراني پليٽو کي فتح ڪيو، ۽ اولهه ۾ سر زمين شام (Levant) ۽ ڪارپيٿين جبلن تائين پهتي.
هي سلطنت منگوليا جي مرڪزي علائقي ۾ ڪيترن ئي خانه بدوش قبيلن جي اتحاد مان وجود ۾ آئي، جن جي اڳواڻي تموجن (Temüjin) ڪئي، جيڪا پوء چنگيز خان (1162ع–1227ع) جي لقب سان مشهور ٿيو؛ کيس سال 1206ع ۾ هڪ ڪائونسل پاران سمورن منگولن جو حڪمران قرار ڏنو ويو. سندس ۽ سندس اولاد جي حڪمرانيءَ هيٺ سلطنت تيزيءَ سان وڌي، جن هر طرف فوجون موڪليون. هن وسيع ۽ کنڊن تي پکڙيل سلطنت اوڀر کي اولهه سان ۽ پئسفڪ سمنڊ کي ميڊيٽرينين سمنڊ سان ڳنڍيو، جنهن سان "پيڪس منگوليڪا" (Pax Mongolica - منگول امن) جو دور قائم ٿيو ۽ يوريشيا ۾ واپار، ٽيڪنالاجي، شين ۽ نظرين جي ڏي وٺ ممڪن ٿي.
جانشينيءَ جي جنگين سبب سلطنت ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ شروع ٿي وئي، ڇاڪاڻ ته چنگيز خان جي پوٽن ان ڳالهه تي اختلاف ڪيو ته شاهي سلسلو سندس پٽ ۽ ابتدائي وارث اوگيدائي (Ögedei) کان هلڻ گهرجي يا سندس ٻين پٽن مان ڪنهن هڪ کان، جهڙوڪ تولوئي (Tolui)، چغاتائي (Chagatai) يا جوچي (Jochi). اوگيدائي ۽ چغاتائي ڌرين جي خونريزيءَ واري صفائيءَ کان پوءِ تولوئي خاندان (Toluids) غالب آيو، پر تولوئي جي اولاد ۾ به اختلاف جاري رهيا. سلطنت پاران هڪ جاءِ تي آباد ٿيڻ واري شهري طرزِ زندگي کي اختيار ڪرڻ يا پنهنجي روايتي خانه بدوش ۽ کليل ميدانن (steppes) واري طرزِ زندگي کي برقرار رکڻ بابت تڪرار ان جي ٽٽڻ جو هڪ وڏو سبب هو. 1259ع ۾ منگڪئ خان جي وفات کانپوءِ، مخالف "ڪورولتائي" (Kurultai) ڪائونسلن هڪ ئي وقت مختلف جانشينن – ڀائرن "آرق بوڪي" (Ariq Böke) ۽ "قبلائي خان" (Kublai Khan) – کي چونڊيو؛ [4] انهن ٻنهي "تولوئي" (Toluid) گهرو ويڙهه (1260ع-1264ع) دوران هڪ ٻئي خلاف جنگ ڪئي ۽ چنگيز خان جي ٻين پٽن جي اولاد طرفان پيش ايندڙ چئلينجن کي منهن ڏنو. [4] قبلائي خان ڪاميابيءَ سان اقتدار حاصل ڪيو، پر جنگ جو سلسلو جاري رهيو ڇاڪاڻ ته هن چغتائي ۽ اوگيدائي خاندانن تي ٻيهر ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. 1294ع ۾ قبلائي خان جي وفات تائين، اها سلطنت چار الڳ الڳ "خانائيتن" (khanates) يا رياستن: اتر اولهه ۾ "گولڊن هورڊ" (Golden Horde) خانائيت، وچ ايشيا ۾ "چغتائي خانائيت"، ايران ۾ "ايل خانائيت“ (Ilkhanate)، ۽ چين ۾ ”يوان“ (Yuan) خاندان جي حڪومت (جنهن جو مرڪز اڄوڪو بيجنگ هو)، ۾ ورهاجي چڪي هئي، [5] جن مان هر هڪ پنهنجا الڳ مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. 1304ع ۾، "تيمور" (Temür) جي دورِ حڪومت دوران، اولهه وارين ٽنهي خانائيتون چين جي "يوان خاندان" جي بالادستي کي تسليم ڪري ورتيون.[6][7]
سڀ کان پهرين ايلخاني رياست" (Ilkhanate) زوال جو شڪار ٿي، جيڪا 1335ع ۽ 1353ع جي وچ ۾ ٽڪرن ۾ ورهائجي ختم ٿي وئي. ان کان پوءِ، "يوان" (Yuan) خاندان ترتيبوار 1354ع ۽ 1368ع ۾ تبت پليٽيو ۽ چين جي مکيه علائقن تي پنهنجو اختيار وڃائي ويٺو؛ جڏهن سندن گاديءَ جي هنڌ "ڊئڊو“ (Dadu) تي "منگ" فوجن قبضو ڪري ورتو ته يوان حڪومت جو خاتمو ٿي ويو. ان کان پوءِ يوان خاندان جا چنگيزي حڪمران اتر طرف هليا ويا ۽ منگوليا جي پليٽيو تي حڪومت جاري رکي. ان حڪومت کي پوء "اتر يوان" خاندان طور سڃاتو ويو، جيڪا 1630ع واري ڏهاڪي ۾ چنگخاندان جي فتح تائين هڪ محدود رياست طور قائم رهي. 15هين صديءَ جي آخر تائين گولڊن هورڊ پاڻ ۾ مقابلو ڪندڙ مختلف "خانائتن" ۾ ورهائجي چڪي هئي؛ اوڀرين يورپ تي ان جي حڪمرانيءَ جو خاتمو روايتي طور تي 1480ع ۾ "ماسڪو جي گرانڊ ڊچي" پاران "اگرا ندي" (Ugra River) تي ڪيل مزاحمت سان مڃيو وڃي ٿو، جڏهن ته چغاتائي خانائيت 1687ع تائين يا يارڪند خانائيت جي صورت ۾ 1705ع تائين قائم رهي.
سلطنت جو قيام
[سنواريو]هن سلطنت جو بنياد 1206ع ۾ پيو جڏهن تيموجن، جنهن کي دنيا چنگيز خان جي نالي سان سڃاڻي ٿي، مختلف منگول قبيلن کي متحد ڪيو. چنگيز خان ۽ سندس جانشينن تيزيءَ سان حملن جو سلسلو شروع ڪيو ۽ يوريشيا جي وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو. هن دور ۾ پيڪس منگوليڪا (Pax Mongolica) جي نالي سان امن قائم ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ واپار، ٽيڪنالاجي ۽ نظريات جو وڏي پئماني تي تبادلو ٿيو.
تقسيم ۽ گهريلو ويڙهه
[سنواريو]چنگيز خان جي وفات کان پوءِ سندس پوٽن جي وچ ۾ جانشينيءَ تان اختلاف پيدا ٿيا. سلطنت جي ورهاست ان وقت وڌي وئي جڏهن 1259ع ۾ مونگي خان جي وفات کان پوءِ ٻن ڀائرن، اريڪ بوڪا ۽ ڪوبلائي خان جي وچ ۾ گهريلو ويڙهه شروع ٿي وئي.
چار وڏيون خانتون
[سنواريو]1294ع تائين منگول سلطنت چار آزاد حصن ۾ ورهائجي چڪي هئي:
2. گولڊن هورڊ (Golden Horde): اتر اولهه يوريشيا ۽ روس واري علائقي ۾. 3. چغتائي خانت (Chagatai Khanate): وچ ايشيا ۾. 4. ايلخاني سلطنت (Ilkhanate): ايران ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾.
Mongolyn Emgent Uls | |
|---|---|
جهنڊو | |
| منگول سلطنت پنهنجي عروج تي (اٽڪل 1279ع) جو مقام منگول سلطنت پنهنجي عروج تي (اٽڪل 1279ع) | |
| حيثيت | سلطنت |
| گاديءَ جو شهر | قراقورم (1235–1260) |
| عام ٻوليون | منگوليا، ترڪي، فارسي، چيني |
| مذهب | شامانيت، ٻڌ مذهب، اسلام، عيسائيت |
| حڪومت | چونڊيل بادشاهت (ڪورلتائي جي ذريعي) |
| تاريخي دور | وچون دور |
• چنگيز خان جي تخت نشيني | 1206 |
• سلطنت جي تقسيم | 1368 |
منگول سلطنت تاريخ جي سڀ کان وڏي لڳاتار پکڙيل زميني سلطنت هئي. هن جي شروعات موجوده منگوليا مان ٿي ۽ پنهنجي عروج تي هيءَ سلطنت جپان جي سمنڊ کان وٺي اوڀر يورپ تائين، ۽ اتر ۾ سائبيريا کان وٺي ڏکڻ ۾ ننڍي کنڊ (هندستان) جي سرحدن تائين پکڙيل هئي.
زوال
[سنواريو]- ايلخاني سلطنت سڀ کان پهرين 1335ع ۽ 1353ع جي وچ ۾ ختم ٿي وئي.
- يوان خاندان کي 1368ع ۾ منگ خاندان هٿان شڪست ملي، جنهن کان پوءِ منگول ٻيهر منگوليا جي پٽن ڏانهن موٽي ويا.
- گولڊن هورڊ 15هين صديءَ جي آخر تائين ننڍين حصن ۾ ورهائجي وئي.
- چغتائي خانت جي آخري حڪومت 1705ع تائين قائم رهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Kołodziejczyk, Dariusz (2011). The Crimean Khanate and Poland-Lithuania: International Diplomacy on the European Periphery (15th–18th Century): A Study of Peace Treaties Followed by Annotated Documents. Leiden: Brill. ISBN 978-9-0041-9190-7 – Google Books وسيلي.
- ↑ Kim, Hyun Jin (2013). The Huns, Rome and the Birth of Europe. Cambridge University Press. ص. 29. ISBN 978-1-1070-6722-6. 20 November 2016 تي حاصل ڪيل – Google Books وسيلي.
- 1 2 3 Taagepera, Rein (September 1997). "Expansion and Contraction Patterns of Large Polities: Context for Russia". International Studies Quarterly 41 (3): 499. doi:. ISSN 0020-8833. http://www.escholarship.org/uc/item/3cn68807. Retrieved 8 December 2018.
- 1 2 "The Islamic World to 1600: The Golden Horde". University of Calgary. 1998. اصل نسخو مان 13 November 2010 تي محفوظ ڪيل. 3 December 2010 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Script error: The function "harvard_core" does not exist.
- ↑ Script error: The function "harvard_core" does not exist.
- ↑ Script error: The function "harvard_core" does not exist.
وڌيڪ معلومات
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- The Mongols in World History
- The Mongol Empire for students آرڪائيو ڪيا ويا 27 November 2020 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- William of Rubruck's Account of the Mongols
سانچو:Mongol Empire سانچو:Yuan dynasty topics سانچو:Empires سانچو:Inner Asia
- ↑ Especially western Kipchak dialects in the Golden Horde,[1] Chagatai in the Chagatai Khanate[2] and Old Uyghur in the Yuan dynasty.
- ↑ Including coins such as dirhams and paper currencies based on silver (sukhe), silk, or the later small amounts of Chinese coins and paper Jiaochao currency of the Yuan dynasty.
<ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Wikipedia pages with incorrect protection templates
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- منگول سلطنت
- منگول
- منگول رياستون
- اڳوڻيون سلطنتون
- منگوليا جي قديم تاريخ
- ايشيا جي قديم تاريخ
- اوڀر ايشيا جي قديم تاريخ
- ايشيا ۾ اڳوڻي سلطنتون
- اڳوڻي بين البراعظمي سلطنتون
- يورپ جون اڳوڻيون سلطنتون
- اوڀر ايشيا جون اڳوڻيون سلطنتون
- وچ ايشيا جون اڳوڻيون سلطنتون
- يوريشيا جا خانه بدوش گروهه
- ايشيا ۾ 1206ع ۾ قائم ٿيل رياستون
- ايشيا ۾ 1368ع ۾ ختم ٿيل رياستون
- منگول تاريخ جون اڳوڻيون رياستون
- چيني تاريخ جون اڳوڻيون رياستون
- اوڀر ايشيا جون اڳوڻيون بادشاهتون
- خانيٽس
- 1206ع ۾ قائم ٿيل رياستون ۽ علائقا
- 1368ع ۾ ختم ٿيل رياستون ۽ علائقا
- 1206ع جا قيام
- 1368ع جا خاتما
- 1206ع
- 1368ع
- ٽٽل فائيل ڳنڍڻن وارا صفحا
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا