منڍيري
مُنڍيري:(انگريزي: Mundheri ) هي ٻوٽو سخت پوٺن واري زمين ۾ ٿيندو آهي. پاڙ مان ڏانڊيون ڏاڍيون هونديون آهن. هن ۾ ننڍيون ڦريون ٿينديون آهن، جي سڪڻ بعد سخت ٿينديون آهن. سائي ٻوٽي کي ٻڪريون، رڍون ۽ ڇيلا کائيندا آهن. هي ڪيترين دوائن ۾ به ڪم ايندو آهي. سهائي پونم جي رات جو چئين بجي صبح جو پَٽي گهوٽي سنگهه مصري وجهي ڇاڻي پيئجي ته گرميءَ جي اثر کي گهٽائي ٿي. احتلام لاءِ فائدي واري آهي. مُنڍيري گهوٽڻ ۾ بلڪل چيڙهالي آهي، جنهنڪري پڙي مان ڇاڻڻ ڏکيو آهي. ڇِڊي اوني ڪپڙي ۾ گهوٽيل رس وجهي هٿ سان زور ڏيئي نپوڙي ڇاڻبي آهي. هي فقط وسڪاري جو ٿيندي آهي، تنهنڪري ڪيترا ماڻهو مُنڍيري پٽي ڇانو ۾ سڪائي رکي ڇڏيندا آهن، جا ضرورت وقت ڪم آڻين. هونئن ته مُنڍيري هر طرح فائدي واري آهي پر پونم جي رات جو مٿس چنڊ جا ڪِرڻا پوندا آهن، تنهنڪري انهيءَ رات واري صبح جو چئين بجي پَٽيل وڌيڪ اثر ڏيکاريندي آهي[1]
حوالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو