مواد ڏانھن هلو

منزل (ادب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

منزل مان مراد آهي تہ ادب ۾ آيل اهي موڙ، جتي پهچڻ کانپوءِ ان ادب جي واڌاري جو ٻيو رخ محسوس ڪري سگهجي. منزل ڪنهن ادب جي سلسليوار وڪاس يا ترقيءَ کي اظهاري ٿي. اهو وڪاس قدر خواھ مقدار يا ٻنهي ۾ ٿي سگهي ٿو. هڪ دَور ۾ ادبي وڪاس جون هڪ کان وڌيڪ منزلون ٿي سگهن ٿيون. اهڙيءَ ريت ادبي منزلون ڪنهن ادب جي عمودي يا اُڀي واڌاري جي نشاندهي ڪن ٿيون.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.