ملاوي ڍنڍ
| ملاوي ڍنڍ | |
|---|---|
ملاوي ڍنڍ (Lake Malawi)، جنهن کي تنزانيا ۾ نياسا ڍنڍ (سواحلي: Ziwa Nyasa) ۽ موزمبيق ۾ لاگو نياسا جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو هڪ آفريقي عظيم ڍنڍ آهي ۽ اوڀر آفريقي رفٽ سسٽم ۾ ڏکڻ ۾ سڀ کان ڏکڻ ڍنڍ آهي، جيڪا ملاوي، موزمبيق ۽ تنزانيا جي وچ ۾ واقع آهي. نياسا ڍنڍ هڪ سمنڊ جهڙي ڍنڍ آهي. سواحلي ٻولي.
هي مقدار جي لحاظ کان دنيا جي چوٿين وڏي تازي پاڻيءَ جي ڍنڍ آهي، ايراضي جي لحاظ کان دنيا جي نائين وڏي ڍنڍ ۽ آفريڪا جي ٽئي وڏي ۽ ٻي گهري ڍنڍ آهي. ملاوي ڍنڍ دنيا جي ڪنهن به ٻي ڍنڍ کان وڌيڪ مڇين جي قسمن جو گهر آهي، [1] جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 700 قسم جا چِچلڊ (Cichlids) شامل آهن. ڍنڍ جي موزمبيق واري حصي کي سرڪاري طور تي جون 2011 ۾ موزمبيق جي حڪومت پاران هڪ رزرو (Reserve) قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ملاوي ۾ ڍنڍ جو هڪ حصو ڍنڍ ملاوي نيشنل پارڪ ۾ شامل آهي.[1]
ملاوي ڍنڍ هڪ اهڙي ڍنڍ آهي جن جا پاڻي جا پرت پاڻ ۾ نه ملندا آهن. ڍنڍ جي پاڻي جي سطح بندي (stratification) ۽ آڪسيڪ-انوڪسڪ حد (oxic-anoxic boundary) کي معمولي طور تي ننڍن ڪيميائي ۽ حرارتي گريڊينٽس ذريعي برقرار رکيو ويندو آهي.
- Articles using infobox templates with no data rows
- Articles using infobox body of water without coordinates
- Pages using infobox body of water with unknown parameters
- CS1 errors: missing title
- CS1 errors: requires URL
- CS1 errors: archive-url
- ملاوي ڍنڍ
- ڍنڍون
- جاگرافي آفريڪا
- ملاوي جون ڍنڍون
- تنزانيا جون ڍنڍون
- موزمبيق جون ڍنڍون
- آفريڪا جون ڍنڍون