مقصدن وارو ٺھراء

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

مقصدن وارو ٺھراء: قرارداد مقاصد:آبجيڪٽو ريزوليشن: Objective Resolution: پاڪستان جي ٺھڻ وقت پاڪستان جو آئين نہ ھو آئين 1935ء ۾ ترميمون ڪري عبوري آئين جي طور تي نافذ ڪيو ويو پاڪستان ان وقت لاتعداد مسئلن ۾ گھريل ھو لکين مھاجر ھندستان کان پاڪستان ۾ پناھ وٺي رھيا ھئا انھن جي رھائش ۽ خوراڪ جو بندوبست ھڪ بہت تمام وڏو مسئلو ھو۔

اولھ پاڪستان ۾ غير مسلمانن جي تعداد تقريباً 3 سيڪڙو جڏھن تہ اوڀر پاڪستان ۾ غير مسلمانن جي تعداد 22 سيڪڙو ھئ ان ڪري ب ڪافي اھڙا سياست دان ھيا جيڪي 25 سيڪڙو غير مسلم آبادي وارو ملڪ چوندي اھڙي آئين جو مطالبو ڪري رھيا ھئا جيڪو سيڪيولر ھجر جڏھن تہ عالمن جو ھڪ گروھ ان نقطي تي زور ڏئي رھيو ھو تہ پاڪستان اسلام جي نالي تي قائم ٿيو ان ڪري پاڪستان جو سرڪاري مذھب اسلام ٿيندو لياقت علي خان ھنن حالاتن کان آگاھ ۽ باخبر ھو ھو بہ عالمن جي خيالن سان سے متفق ٿيو ان ڪري ھن نے عالمن جي تعاون سان ھڪ ٺھراء تيار ڪيو جنھن کي مقصدن وارو ٺهراء جو نالو ڏنو ويو مقصدن وارو ٺھراءُ ھڪ ٺھراءُ ھو جنھن کي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي 12 مارچ 1949ء تي منظور ڪيو۔ ھي قرارداد 7 مارچ 1949ء تي پاڪستان جي وزير اعظم لياقت علي خان اسيمبلي ۾ پيش ڪئي۔ ان جي مطابق مستقبل ۾ پاڪستان جي آئين جو ڍانچو يورپي طرز جو قطعي نہ ھوندو، بلڪہ ان جو بنياد اسلامي جمھوريت ۽ نظريا ھوندا۔ چيو ويندو آھي تہ ھن ضمن ۾ پاڪستانين ڀارتين جي پيروي ڪئي ھئ۔ پنڊت جواهر لعل نهرو ڀارت جي آئين ساز اسيمبلي ۾ 13 ڊسمبر 1946ء تي مقصدن وارو ٺھراءُ پيش ڪيو ھو، جنھن کي اتفاقِ راءِ سان 22 جنوري 1947ء تي تسليم ڪيو ويو۔

مقصدن واري ٺھراء جون شقون[سنواريو]

  1. سموري ڪائنات مٿان اعلي اقتدار الله تعالي لاءِ وقف آهي ۽ عام جي نمائندن طرفان، اختيار کي اسلام جي ٻڌايل حدن اندر رھي استعمال ڪرڻو آھي. اقتدار الله تعالي جي بندن وٽ امانت آهي.
  2. ملڪ ۾ اسلام موجب ڄاڻايل جمھوريت، مساوات ۽ سماجي انصاف جي اصولن ۽ نظرين کي لاڳو ڪيو ويندو.
  3. مسلمانن کي انفرادي توڙي اجتماعي طرح قرآن ۽ سنت تحت زندگي گذارڻ تحت سھولت ڏني ويندي.
  4. ٿورائي وارن جي حقن جي حفاظت ڪئي ويندي کين اھا آزادي حاصل ھوندي تہ ھو پنھنجي مذھب موجب زندگي گذارين . ھنن کي پنھنجي تھذيب ۽ تمدن کي ترقي وٺائڻ جي آزادي پڻ حاصل آهي.